ڊونلڊ ٽرمپ طرفان لڳايل “ٽيرف” ۽ عالمي معيشت تي اثر
تجارتي محصول (ٽيرف) هڪ اهڙو ٽيڪس آهي، جيڪو ڪنهن ملڪ جي حڪومت درآمدي سامان يا خدمتن تي لاڳو ڪري ٿي. ان جو مقصد مقامي صنعتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ درآمدي شين جي قيمت وڌائي قومي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ هوندو آهي. دنيا ۾ ٽيرف جا ٻه اهم قسم مشهور آهن. (1) خاص ٽيرف، جيڪو شين جي مقدار تي لاڳو ٿئي ٿو. (2) ايڊ ويلورم ٽيرف، جيڪو شين جي قيمت جي سيڪڙو طور لاڳو ٿئي ٿو. تاريخي طور آمريڪا هميشه ٽيرف کي هڪ اهم معاشي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. 19هين صدي ۾، حڪومت لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو ٽيرف هو. جڏهن ته مقامي صنعتن کي به فائدو ٿيو. مثال طور: 1828ع جو “ٽيرف آف ايبومينيشن” اتر ۽ ڏکڻ آمريڪي رياستن وچ ۾ وڏو تناءُ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻيو. بعد ۾ آزاد واپار جي واڌاري سان، ٽيرف جي اهميت گهٽجي وئي، پر صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن پاليسي کي ٻيهر زنده ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت (2017-2021) دوران، هن واپاري خساري کي گهٽائڻ، آمريڪي صنعتن کي وڌائڻ ۽ غير منصفاڻين تجارتي پاليسين کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ملڪن تي ٽيرف لڳايا.
چين جي خلاف ٽيرف:
2018ع ۾ ٽرمپ انتظاميه چين مان 360 بلين ڊالر جي سامان تي ٽيرف لڳايو. هن جو جواز اهو ڏنو ويو ته چين آمريڪي ڪمپنين جي مالي ملڪيت چوري ڪري رهيو آهي ۽ غير منصفاڻي تجارتي پاليسيون اختيار ڪري رهيو آهي. انهن ٽيرفن مان، آمريڪي حڪومت کي 2018-2019ع ۾ 70 بلين ڊالر آمدني ٿي، پر ان سان آمريڪي عوام لاءِ عام شين جي قيمت به وڌي وئي. چين به جواب ۾ آمريڪي زرعي پيداوار، جهڙوڪ سويا بين ۽ ڪڻڪ تي واپار جون پابنديون لڳائي ڇڏيون آمريڪي ڪاروبارين کي هاڻي نيون مارڪيٽون ڳولهڻيون پونديون، جنهن سان عالمي واپاري تعلقات ۾ نوان رخ سامهون آيندا.
اسٽيل ۽ ايلومينيم تي عالمي ٽيرف: