بلاگنئون

اچو هڪڙو ڀيرو اسان سان ڳالهايو

سياست اصولن جي پابند هجي ٿي، سياست پنهنجي پير تي بيهڻ جو نالو به آهي. سياست ۾ هير ڦير نٿي ڪري سگهجي. صبح جو ڪوڙ شام جو سچ نٿو ٿئي. شام جو سچ ڳالهائي صبح جو وري ڪوڙ هڻجي يا خلق کي ڇتو ڪجي. هن دور ۾ هر ڳالھه جو رڪارڊ موجود آهي، ماڻهن کي چريو نٿو ڪري سگهجي. اها ٻي ڳالهھ آهي ته خلق جو حافظو ڪمزور هوندو آهي، انهن کان وسري ويندو آهي ته ٻوڏ ۾ ڪهڙي سرڪار سندن سان ڪهڙي ويڌن ڪئي؟ ڪهڙي سرڪار آءِ ايم ايف سان ڪوڙا معاهدا ڪري خلق جي چيلھه ڀڳي؟ ڪهڙي سرڪار طالبان سان ڳجهيون ڳالهيون ڪيون؟ ڪهڙي سرڪار آمريڪا سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ويٺي آهي ۽ ڪهڙي سرڪار چائنا جي آسري لڳي پئي آهي؟ ان ڪري لوڪل سياست به هاڻي ڪوڙ کانسواءِ نٿي هلي، پوءِ ڪهڙي اڳواڻ تي اعتبار ڪريون ۽  ڪنهن تي نه ڪريون، خلق جو ته مٿو ئي ڦري ويو آهي ته آخر ڇا ڪجي؟ ڳالھه ڦري گِهِري وري اچي عمران خان جي مٿان ٿي بيهي ته هنن پي ٽي آءِ جي سياست ۾ هڪ قبلو ناهي، نه ئي هڪ ڳالهھ تي بيهي سگهن ٿا. ڪڏهن اجتماعيت جي ڳالھه ٿا ڪن ته ڪڏهن انفراديت تي لهي ٿا اچن، اها ڳالھه پي ٽي آءِ وارا جيئن جو تيئن مڃيندا هوندا ته ڪرسيءَ ۾ وڏي طاقت آهي. جڏهن خان پاڻ ڪرسي تي هو ته مستي هئس جو سپريم ڪورٽ به هن جا ڪيس اڪلائڻ ۽ کولڻ ۾ ڏھ دفعا سوچيندي هئي. اليڪشن ڪميشن به هن جي اشاري تي هئي، جو هي جيئن چئي جو رات پيٽ ۾ جي 33 بل پاس ڪرائي ته ڪرائي پئي سگهيو. هاڻي اهو ئي خان آهي جو وک نه ٿي نبريس، جو اهڙي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جو هڪ ٽنگ ڇڏائي ٿو ته وري ٻي ٽنگ اڙجي ٿي پئيس، هڪ ڪيس مان آجو ٿو ٿئي ته ٻئي ڪيس ۾ ڦاسي ٿو پوي. پوءِ عوام ڪنهن جي پويان لڳي انهن جي پويان جن جو ڪو والي وارث ناهي يا انهن جي پويان جن جي پويان سموري اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارا آهن؟ آخر حل ڪهڙو آهي ۽ ڇا ڪجي؟

2018 واري اليڪشن ۾ خان جي عشق ۾ اسٽيبلشمينٽ بيلٽ باڪس مان 33 سيڪڙو اهي بيلٽ باڪس چونڊيا جن ۾ خان سراسري طور کٽي پيو. انهن پولنگ اسٽيشن جي ڳڻپ ڪرايائون جن ۾ خان کي واضح برتري هئي. 2018 ۽ 2024 جي عام چونڊن ۾ ڪجھه خاص فرق ضرور هو. هاڻي وري 45 ۽ 47 فارمن جو ڳوٽون ڪامياب ويون، پر ڳالهھ اها به آهي ته اليڪشن ڪميشن کان اهي بيلٽ باڪس ڪير ٻاهر ڪڍرائي ۽ ڪورٽ سڳوري ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ٻُڌي ڪهڙا ٻُڌي، جو “جهڙا روح تهڙا ختما” جهڙي ريت يا جنهن جديد سائنسي طريقي سان 2018 واريون عام چونڊون خان کٽي ويو هو هاڻي به 2024 وارين چونڊن ۾ به پسند يا ناپسند ۽ لڪيل چونڊ به شامل هئي جنهن ۾ شهباز شريف جي جيت ممڪن هئي. مثال “جنهن جو منهن نه وڻي ان کان ڪهڙي مٺائي گهربي” جو خان جي شڪل جڏهن اسٽيبلشمينٽ جي برداشت کان چڙهي وئي ته پوءِ ان جي مقدر ۾ جيل جون سلاخون ئي هيون، ساڳي جاءِ تي سياستدانن ۾ ڳالھه ٻُڌڻ ۽ ڳالھه کي برداشت ڪرڻ جو مادو به هجڻ گهرجي. اها ڳالهھ سڀ مڃين ٿا ته 2024 جون عام چونڊون به عام هيون پوءِ جنهن کي 47 فارم هٿ آيو ته وري ڪنهن کي 45 فارم جي آسري اسيمبلي پڄائي آيا. پوءِ ته عدالتن جي لاءِ به وڏو چئلينج ٿي پيو ته اهي فارم 47 ۽ فارم45 جي جاچ ڪرائين يا ڪري ڏيکارين. ان ڪري شيون ممڪن ناهن، پاڪستاني آئين ۾ اها ڳالھه به آهي ته “ڏڌو کير ٿڻين نه پئي” ان ڪري جيڪو ٿيو، جنهن کٽيو، جنهن هارايو، ڪير حق تي آهي يا ڪير ناحق تي آهي، ان ڳالھه جو فيصلو ڪندي ڪندي اسيمبلين جا پنهنجا عرصا گذري ويا، پر ڳالھه نه نبري، پر هاڻي يو اين او ۽ آمريڪي ڪانگريس جا ڳالھه به سمجهڻ جهڙي آهي جنهن ۾ هنن به 2024 وارين عام چونڊن کي غلط ۽ ڪوڙو قرار ڏنو آهي، پر ٿيندو ڪجھه به نه.

ڳالھه اها به سڀني جي سامهون پئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جيڪي مطالبا ڪيا آهن سي رياست جي مڃڻ جهڙا ناهن. رياست وٽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جا آن رڪارڊ ثبوت پيا آهن، جنهن ۾ هو پاڻ مڃين ٿا ته 9 مئي جي واقعن جي لاءِ هن پاڻ ڪارڪنن کي بَڇ ڏني ته سرڪاري املاڪن ۽ عسڪري ادارن جي يادگارن ۽ شهيدن جي ٺاهيل نشانين کي نشاني تي وٺو. خان پاڻ مڃي ٿو ته هن ڪيو، پوءِ ڪارڪنن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيئن مڃجي؟ ان ڪري ته ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي ته ڪرسيءَ جي ڪري هڪ اڳواڻ جا هوش خطا ٿي ويا جو هن کي پاڻ ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. هن جي ليکي اپريل 2022 وارو فيصلو ڪنهن ٿرڊ امپائر جو فيصلو هو جيڪو ڪريز تي بيهي اپيل ڪرڻ سان مٽجي سگهي ٿو يا قدرت بچائي سگهي يا آخر ڇا؟ هن شخص جي ذهن ۾ ڪهڙي چئلينج يا حرفت هئي ته هو هارائيندي به کٽي ويندو يا عسڪري ادارن کي ڪيئن هٽائي سگهندو؟ جن ڏوھن ۾ ڪارڪن ڦاٿل آهن سي ناقابل معافي آهن، ڇو جو پي ٽي آءِ وارن جو عسڪري ادارن جي خلاف اڀري اچڻ به معنيٰ پيو رکي ته آخر پي ٽي آءِ وارن ڪجھه ته ڪيو جو 9 مئي جا ذميداران ڪي ٻيا نٿا ٿي سگهن.

پاڪستان ۾ چونڊون ائين ئي ٿينديون ۽ ٿينديون رهنديون، اقتدار جي معنيٰ هڪ ريل ۾ ته ٻيو جيل ۾ هوندو. مالڪن جي نظر ۾ اها ڳالهھ هاڻي ڪنهن طرح ٻي نه ٿي سگهي، نه ڪو ٻيو تجربو ڪري سگهجي ٿو، جيئن پهرين اسٽيبلشمينٽ پيپلزپارٽي تي 1990۾ ڪرپش جا ڪيس هلايا ۽ نون ليگ کي ڪرسي بخشي ۽ وري مشرف سڀني پارٽين کي هَڪلي ملڪ مان ڪڍي پاڻ اين آر او جاري ڪري سڀ معافيون تلافيون ڪري ويٺو، پر هاڻي پي ٽي آءِ جي لاءِ انتهائي ڏکيو دور ٿو هلي جو هو پاڻ به ڳالهين جي لاءِ تيار ناهن. خان جڏهن پاڻ طاقت ۾ هو ته ڪنهن سان ڊائيلاگ نه ڪيائين ۽ هاڻي پاڻ اندر آهي ته اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته آخر ڳالهيون ڪير ڪندو يا هن جي پارٽي جو وڏو ڪير آهي جيڪو سرڪاري ڌر سان ڳالهيون ڪري؟ عسڪري ادارن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ٺهن نٿيون ۽ نه ئي ٿي سگهن ٿيون، اهي لڪل هٿ هاڻي سامهون به نٿا اچي سگهن جيڪي سياستدانن کي ڪرسي بخشيندا آهن، ان ڪري ڳالهيون ڪٿان کان شروع ٿينديون، ڳالهيون ڪير ڪندو يا ڪنهن سان ڪندا؟ يا ڪورٽون پاڻ مرادو نوٽس وٺنديون. عدت واري ڪيس وانگي 1939 وارو ڪو انگريز جو بڻايل قانون نڪري ايندو، جنهن ۾ خلع وٺڻ کانپوءِ عدت جي ضرورت ناهي پوندي يا انگريز جو اهو به قانون آهي ته گاڏي جي ٽڪر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي جان وئي ته ان کان به ديئت وٺو، پر خان جي ڪهڙي ڪيس جي هاڻي معافي تلافي ٿي سگهي ٿي جو 190 ملين پائونڊ به واپس قومي خزاني ۾ جمع ٿي ويا. هاڻي توشا خانا جي ڪيس ۾ جيڪي به هڙپيل تحفا آهن اهي به ڀلا واپس ورتا وڃن، فارن فنڊنگ جو ڪيس جنهن ۾ 4 هزار اڪائونٽ ظاهر ٿيا هئا ۽ انهن مان 14 اڪائونٽ هولڊر اهي به هئا جيڪي خاص اسٽريم کي ڪنٽرول ڪري اهي پئسا پاڻ وٽ گهرائين پيا، جيڪا قومي قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي هئي ته “ڪوبه سياستدان ٻاهرين ملڪن جي تنظيمن يا خاص غير مسلم ملڪن کان چندو وٺي پارٽي نٿو هلائي سگهي” جنهن ۾ 1954، 1974، 1977، 1997 ۽ 2001 جا اليڪشن آرڊيننس به پيا آهن، جنهن تحت اهو قانوني ۽ آئيني جرم آهي، جيڪو کڻي خان تي ثابت به آهي. هنن جي ٻين اڳواڻڻ تي مني لانڊرنگ، ڪڻڪ ۽ کنڊ اسمگلنگ جا ڪيس به آهن ته آخر ڳالهھ ڪٿان کان شروع ٿيندي ۽ ڪٿي ختم ٿيندي؟ اها ڳالھه به حيرت جهڙي آهي ته ڪورٽن جا ڪيس ائين ڳالهين سان ختم ڪيئن ٿيندا، جيستائين انهن جو اُڪُلاءُ ڪورٽون پاڻ نٿيون ڪن يا ڪورٽون پاڻ تڪڙا تڪڙا ڪيس هلائين. اها ڳالھه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهن پاڻ اقتدار ۾ هو ته فارين فنڊنگ ڪيس جون شنوايون روڪرائي ڇڏيون هئائين ۽ بجاءِ جو انهن ڪيسن جي تڪڙي شنوائي ڪرائي ها ۽ پاڻ تان اهي ست خون معاف ڪرائي ها ته ڀلو هو. جيئن شهباز شريف پاڻ تان سڀ ڪيس ختم ڪرايا ۽ هاڻي آجو ٿي وزارتِ عُظميٰ جي ڪرسيءَ کي چنبڙيو پيو آهي، (حالانڪه عوام هن جي فيصلن مان به خوش ناهي، خلق آزار ۾ آهي ته هن جي ڪري ڪا به شيءِ سامت ۾ ناهي) سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر پي ٽي آءِ جنهن طرز سان ڳالهيون چاهي ٿي سي ممڪن ناهن، ان ڪري ته هن جي پارٽي جي واڳ سمجھه ۾ نٿو اچي ته انهن ٻن عورتن (عليمه يا بي بي بشريٰ) جي هٿ وس آهي يا بئريسٽر گوهر علي خان جي هٿ وس آهي يا هي پاڻ جيل مان اندران ويٺو ٿو ڊڪٽيشن ڏئي يا آخر پارٽي جو وڏو ڪير آهي ۽ ڪير ٿو پارٽي هلائي؟ هن جي پارٽيءَ ۾ هاڻي ٻين صوبن جي نمائندگي نظر نٿي اچي ۽ پنجاب جا خاص “سياستدان” جيڪي هن سان گڏ هئا سي هن کان الڳ ٿي ويا آهن، جن جي ڪا چون چان ٻڌڻ ۾ نٿي اچي ته آخر هن جي جان ڪير ڇڏائيندو يا وري به اليڪشن جو انتظار ڪجي.