آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي واپاري ٽيرف عائد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. دنيا جو شايد ئي ڪو خطو هجي، جيڪو ٽرمپ جي انهيءَ ٽيرف جي اعلان جي ڪري بچي سگهيو هجي. دنيا جي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ٽيرف جي اعلان کانپوءِ ٻن ڏينهن جي اندر آمريڪي سرمائيڪارن جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لڳل 60 کرب ڊالر کان وڌيڪ رقم ٻڏي وئي آهي. ٻين ملڪن جو به ساڳيو حال آهي، جتي به واپار ۾ لاٿ نظر آئي آهي. برطانيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 5 سيڪڙو، جرمني جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4 سيڪڙو، جاپان ۾ 2.8 سيڪڙو لاٿ نظر آئي آهي. ٽيرف جي انهيءَ فيصلي واپار جي ٻين عملن تي به اثر وڌو آهي. تيل جون قيمتون عالمي مارڪيٽ ۾ 8 سيڪڙو ڪري پيون آهن ۽ گذريل 4 سالن ۾ تيل جي گهٽ قيمت واري سطح تي پهچي ويون آهن.
ٻئي طرف آئي ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته عالمي ترقيءَ جي شرح انهيءَ ٽيرف جي ڪري سُست ٿي ويندي، جيڪو عالمي معيشت لاءِ وڏو خطرو آهي. برطانوي، آسٽريليائي ۽ اٽلي جي وزيراعظمن به آمريڪي صدر پاران شروع ڪيل تجارتي جنگ کي عالمي واپار لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو آهي ۽ ٽنهي وزيراعظمن معاشي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق به ڪيو آهي. آمريڪي صدر پنهنجي ملڪ جي بهتر معيشت لاءِ انهيءَ ٽيرف جو اعلان ڪيو آهي، پر ٿيو ائين آهي جو انهيءَ جا ابتا اثر پيا آهن ۽ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ڪاروبار متاثر ٿيو آهي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽون جيڪي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سيڙپ ۾ رهنمائي ڪن ٿيون. اهي گذريل ٻن ڏينهن جي واپار ۾ زبردست زوال جي طرف هلي ويون آهن. جڏهن طاقتور فرد فيصلا ڪندا آهن ته پوءِ سڄي دنيا کي انهيءَ مان خطرو ٿي پوندو آهي. جيئن صدر ٽرمپ جي ٽيرف جي اعلان عالمي تجارت کي وڏو چئلينج ڏئي ڇڏيو آهي. آمريڪي معيشت ۽ واپار جي ماهرن ۽ ٿنڪ ٽينڪس کي اڳيان اچي اتي جيڪو ٿي رهيو آهي انهيءَ کي روڪڻ گهرجي. سوال اهو آهي ته صدر ٽرمپ جي صدارت کي اڃا نوي ڏينهن به ڪونه ٿيا آهن، پر هن جي صدارت جي انداز دنيا تي گهرا اثر ڇڏيا آهن ۽ هن موڙ تي صدر آمريڪا کي ڪو سمجهائي سگهي ٿو. اهو اڄ جو وڏو سوال آهي؟ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو تازو ٽيرف مڙهيو آهي، انهيءَ ۾ هڪ ملڪ اهڙو به آهي جيڪو ٽيرف جي شڪار ملڪن جي فهرست ۾ ڳولهيندا ته به نظر نه ايندو. اهو ملڪ روس آهي. آمريڪا جو صدر ۽ روس جي سربراهه ولادمير پيوتن هڪ ٻئي جو گهڻو خيال ڪن ٿا ۽ سياسي خيالن ۾ به هو هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. ڇا ولادمير پيوتن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سمجهائي سگهي ٿو، پر هتي اسين اها ڳالهه ضرور ڪنداسين ته ٻنهي ملڪن جا سربراهه پهرين پنهنجي ملڪ جو سوچيندا ۽ پوءِ ٻين ملڪن لاءِ سوچيندا، انهيءَ ڪري تازو مڙهيل ٽيرف ڏسون ٿا ته عالمي واپار کي ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃي ٿو. هتي اسين اها ڳالهه ڪندا هلون ته جڏهن آمريڪا، يورپ ۽ ايشيا جون مارڪيٽون انهيءَ فيصلي کانپوءِ ٻاڙائي جو شڪار ٿي ويون آهن. هانگ ڪانگ، جاپان کان وٺي سڀ مغربي ملڪ واپار جي ٻاڙائي ۾ آهن ته اتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سودن ۾ وڏي تيزي نظر اچي رهي آهي. جمعي واري ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج پنهنجي ڪاروبار ۾ 100 انڊيڪس هڪ لک 20 هزار پوائنٽن جي نفسياتي حد به عبور ڪري ويو. اسٽاڪ ايڪسچينج آف پاڪستان جيڪا دنيا جي ملڪن جي ڀيٽ ۾ ننڍي مارڪيٽ آهي، پر ملڪ جي واپارين ۽ سيڙپڪارن انهيءَ ۾ بهتر سودا ڪري انهيءَ ٽيرف کي رد ڪيو آهي. نه ته ٽيرف ايترو سنجيده مسئلو آهي، جو آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ايپل ڪمپني جي حصن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان جي تجارت ۾ 310 ارب ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اعلانيل ٽيرف جو مسئلو آئنده ڏينهن ۾ عالمي تجارت تي ڪهڙا اثر ٿو وجهي اهو وقت ٻڌائيندو، پر پاڪستان جنهن تي 29 سيڪڙو ٽيرف عائد ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي واپار ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ تي انهيءَ جو بلڪل اثر نه پيو آهي. انهيءَ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ ته واپاري ۽ سرمائيڪار پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ تي يقين ڪن ٿا، جيڪا بهتر ڳالهه آهي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته تازو ملڪ جي وزيراعظم گهرو ۽ صنعتي صارفين لاءِ بجلي جون قيمتون گهٽايون آهن انهيءَ جو مثبت اثر به سيڙپڪارن ۽ واپارين تي پيو هجي. سڄي دنيا ۾ ٽيرف جي ڪري واپار ۽ سرمائيڪاري ٻڏتر جو شڪار آهي ۽ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سيڙپڪارن جا کربين ڊالر ٻڏي ويا آهن، اتي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي اسانجي ملڪ لاءِ بهتر آهي.