بلاگنئون

سنڌ ۾ انتهاپسندي کي جاءِ ڇو ملي؟

سنڌ ۾ 1960 ڌاري ترقي پسند تحريڪ ۽ سياست جي اڀري آيل لهر سان سڀ ڪجھ لڙهي ويو سواءِ ساڄي ڌر ۽ اشرافيه جي جن وڏي چالاڪي سان سوشلزم جي لهر اڳيان مضبوط بند ٻڌي هميشه لاءِ نظريهءِ سياست کي روڪي ڇڏيو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محفوظ گس حاصل ڪري ورتو.

هن ڏهاڪي ۾ ترقي پسند، قومپرست، ساڄي، کاٻي ڌر جون پارٽيون وجود ۾ آيون عوامي نعري بازي سان عوام کي اسٽريٽ سياست ۾ گهلي آندو ويو، پر ان جو فائدو رڳو عيار ۽ مڪار اشرافيه حاصل ڪري ورتو. نظرياتي پنهنجي کوکلي نعري بازي سبب ناڪام ٿي ويا. ذوالفقار ڀٽي جهڙي شاطر اشرافيه جي نمائندگي وڏي چالاڪي سان عوام کي بالغ ووٽ جو حق ڏئي اقتدار ۽ عوامي حمايت ٻئي هڪ ڌڪ سان حاصل ڪري ورتيون.  بالغ ووٽر جي ڪري ترقي پسند سياست مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. کاٻي ڌر وارا عوامي همدردي تائين محدود ٿي ويا. عملي طور عوام اشرافيه جي کيسي ۾ محفوظ ٿي ويو. اهڙي طرح ترقي پسند سياست جي ناڪامي سان جيڪو خال پيدا ٿيو اهو ساڄي ڌر وارن کي ڀرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته ترقي پسند سياست، مذهب، تصوف ۽ روايتي اخلاقي قدرن جي مخالفت ڪري چڪي هئي.

سنڌ ۾ اقبال ۽ تصوف جو انڪار ڪيو ويو. اقبال کي اسلامي شاعر قرار ڏئي رد ڪيو ويو. ڀٽائيءَ جي تصوف کي رسالي مان حذف ڪيو ويو. ڀٽائيءَ جي تصوف، اسلامي تعليم کي نظرانداز ڪري رڳو قوم پرستي جو موضوع کنيو ويو. نتيجي ۾ سنڌ ٻنھي هڪ ترقي پسند نظرياتي سياست ۽ ٻيو تصوف جي عملي حيثيت جي اثر مان نڪري وئي. عوام ۽ سماج کي جيڪي انقلاب جا سبز باغ ڏيکاريا ويا سي پورا ٿي نه سگھيا. اھڙيءَ طرح ماڻهو مايوس ٿي آساني سان ساڄي پاسي ۽ اشرافيه جي جهولي ۾ پڪل ميوي وانگر وڃي ڪريا. شيخ اياز ۽ ڄام ساقي جا مثال سامھون آهن. اڄ ڏينهن تائين ترقي پسند سياسي ڌر وارا پنهنجي ناڪامي جا سبب ڳولهي نه سگهيا آهن نه وري ڪو اعتراف ڪري سگهيا آهن. بالغ ووٽ جي بنا مطالبي ۽ سياسي تحريڪ جي اوچتو نافذ ٿيڻ تي هنن جي خاموشي هنن جي سياسي زوال جو سبب بڻي. ڀٽو آساني سان ڪميونسٽن کي هارائي ويو.

اڄ سماج ۽ عوام مڪمل طور اشرافيه جي اختيار ۾ اچي ويو آهي هر پنجن سالن کانپوءِ پنهنجي اقتدار جي سند حاصل ڪندا رهن ٿا. سنڌ مڪمل طور انتهاپسندي جي ور چڙهي چڪي آهي، ترقي پسندي، آزاد خيالي، جو رڳو ليبل لڳل آهي. سنڌ جو اصل چهرو امرڪوٽ الميي بابت  سوشل ميڊيا تي ڪمينٽس مان ڏسي سگهجي ٿو. جنهن ۾ 90 في سيڪڙو واقعي جي حمايت ۾ ۽ ڪجھ ڪمينٽس ڏک وارا آهن.

امرڪوٽ الميي جي جوابدار جي گرفتاري تي روشن خيال فوري طور آواز اٿارين ها، امرڪوٽ ۾ ميت جي سپردگي يا وصولي مهل اتان جا ترقي پسند فرد متاثر خاندان وارن سان گڏجي ميت جي محفوظ وصولي ڪن ها، مقامي ملن جي دهشتگردي جو مقابلو ڪن ها ته سمجهه ۾ اچي ها ته سنڌ ۾ برابر ترقي پسند، روشن خيال مضبوط آهن، باقي واقعي جي ٿي وڃڻ کانپوءِ تڏي تي پهچي واويلا ڪرڻ يا همدردي ڪرڻ سان ترقي پسند يا روشن خيال سول سوسائٽي ڪمزور، ڇڙوڇڙ ثابت ٿي آهي. سنڌ کي مذهبي تنگ نظريي، انتهاپسندي کان بچائڻ جو مستقل حل رڳو اشرافيه ۽ هجوم جي ڪرپٽ حڪومت جي جاءِ تي روشن خيال سول سوسائٽي جي حڪومت ۾ شرڪت سان ممڪن ٿي سگهندو.

سنڌ ۾ اڌ صديءَ کان اشرافيه ۽ ان جي غلام هجوم يا عوام جي بدترين حڪومت قائم آهي جن جي ڪارڪردگي ٻڙي تي بيٺل آهي. سماج جو ترقي پسند ۽ روشن خيال طبقو اقتدار جي منتقلي واري مرحلي اليڪشن ۾ بلڪل نه هجڻ جي برابر آهي. غلام هجوم جا اڪثريتي ووٽ فيصلو ڪندڙ رهيا آهن. ترقي پسند ۽ روشن خيال طبقي کي هن سڄي سياسي عمل ۾ جهڙوڪ بيدخل ڪيو ويو آهي. سول سوسائٽي رڳو حڪومت جي بدعنواني، خراب ڪارڪردگي خلاف احتجاج ۾ اڌ صدي وڃائي ويٺي آهي. ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته سول سوسائٽي اقتدار ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي، بالغ ووٽ نامنظور جو نعرو هڻڻ گهرجي، ووٽ کي محدود ڪرڻ گهرجي ته جيئن اشرافيه جو احتساب ممڪن ٿي سگهي. اشرافيه بالغ ووٽ کي طبقاتي اثر رسوخ، هجوم جي ڪمزور مالي حالتن سبب جذباتي بنيادن تي حمايت حاصل ڪندا رهيا آهن. سندن ڪارڪردگي ڪڏهن به اليڪشن ۾ موضوع نه رهي آهي. آئيني انتخابي اصلاحات کانسواءِ اشرافيه ۽ غلام عوام جي حڪومت تبديل ٿي نه سگهندي. ان لاءِ ترقي پسند سياسي ڌرين کي محدود ووٽ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.

سنڌ ۾ پ پ جي زوال کانپوءِ ساڄي ڌر جي سياسي پارٽين جي حڪومت قائم ٿي سگهي ٿي، جنهن سان کاٻي ڌر وارن لاءِ مشڪلاتون وڌي وينديون، قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي ڌر جو مستقبل روشن نظر نه پيو اچي. پ پ جي شڪل ۾ سنڌي قوم متحد رهندي پئي اچي باقي کاٻي ڌر وارن قوم کي تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي زوال کانپوءِ بالغ ووٽ جڏهن ساڄي ڌر جي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي هٿ لڳو ته پوءِ هنن ترقي پسند سياسي پارٽين، قوم پرستن جو ڇا ٿيندو؟ خدا بهتر ڄاڻي ٿو، پر ڏاڍي مشڪل ترين گهڙي هوندي! سنڌ جي روشن خيال سول سوسائٽي کي ان وقت لاءِ تيار ٿيڻ کپي ايندڙ وقت کي ساڄي ڌر کان محفوظ رکڻو پوندو. سنڌ کي کاٻي ڌر جون خوش فهميون مارائينديون، گذريل اڌ صديءَ کان هنن قوم کي رڳو ڪوڙا سبز باغ ڏيکاريا آهن، جي ايم سيد، پليجي، سڄي قوم پرست سياسي قيادت قوم کي ڪو درست گس يا نعرو ڏئي نه سگهي آهي. هنن صبح ٿيندو جي فريب ۾ اڌ صديءَ قوم جي وڃائي ڇڏي آهي. ساڄي ڌر جي اڳواڻ کي خٿابين جو لشڪر ميراث ۾ مليو، خطابت، تقرير، واعظ جو ماهر ٿي اڀريو. ھاڻي هن جي اشاري تي روڊ رستا، شهر بند ٿيو وڃن، جتان لنگهي اتان هجوم حيران ٿيو وڃن. ماڻهو ويچارن جون دليون دهلجيو وڃن، اهڙي امير جماعت اڳيان ڪير ڪڇي، هڪڙو حق سچ هن جي رعب تاب اڳيان اڀو ٿي پيو اڀري، هن کي ڪنهن ليکي ۾ نه پيو آڻي، هو پنهنجي جماعت جو امير هوندو، منهنجو ۽ منهنجي سنڌ جو اڃان امير ناهي ٿيو! ڪير مڃي نه مڃي سنڌ جو هڪ نسل مڪمل طور انتهاپسندي جو عروج ماڻي چڪو، ترقي پسند، لبرل پنهنجي نظرياتي ناڪامي تسليم ڪن، جنهن کي يقين نه اچي فيس بڪ جا ڪمينٽس پڙهي ڏسي. سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ترقي پسند سياست جي ناڪامي کانپوءِ جڳھ والاري آهي جن تصوف کي حذف ڪري کوکلي کاٻي ڌر جا  نعرا هنيا. عوام کي ڪو درست گس نه ڏئي سگهيا.

***