پاڪستان کي بايو گئس ۽ بايو ماس جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: سيمينار
ڪراچي جي هڪ يونيورسٽي پاران ڪوٺايل سيمينار ۾ شامل مهمانن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان کي بايو گئس ۽ بايو فيول ۾ سيڙپ ڪاري ڪري ملڪ ٻارڻ جي ڪاروبار ۾ سٺو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. هي سيمينار پي اي او جي سهڪار سان ڪوٺايو ويو هو. مهمانن ملڪ اندر بايو گئس پيدا ڪندڙ ادارن بابت به تفصيل ٻڌايا. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ضرورت جو 75 سيڪڙو ٻارڻ ملڪ کان ٻاهران گهرائي ٿو. بايو فيول جي مدد سان ان ۾ به گهٽتائي ايندي. هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت ملڪ اندر بايو فيول جي استعمال جي مقدار 13 ملين ٽن آهي، جنهن جو 88 سيڪڙو ٽرانسپورٽ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي.

