پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

يو اي اي جي حڪومت پاران مودي کي سڀ کان وڏي ايوارڊ سان نوازيو ويو

يو اي اي جي حڪومت پاران هندستان جي وزيراعظم کي سڀ کان وڏو سويلين ايوارڊ ڏنو ويو آهي. هي ايوارڊ يو اي اي جي باني شيخ زايد بن سلطان النهيان جي نالي سان منسوب آهي. هندستان جي وزيراعظم کي هي ايوارڊ هن جي خدمتن جي عيوض ڏنو ويو آهي. هن موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ محمد بن زايد النهيان چيو ته هندستان سان لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ پياري دوست مودي اسان جو سٺو ساٿ ڏنو آهي.  مودي جي هن دوري دوران يو اي اي ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪيترائي تجارتي معاهدا به ٿيڻا آهن.