نئون

پشاور جي علائقي ۾ خودڪش ڌماڪو، ايڊيشنل آءِ جي شهيد

پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي محمد اشرف نور ۽ ان جو محافظ شهيد ٿي ويو. پوليس مطابق اشرف نور گهر کان آفيس وڃي رهيو هو ته ان جي گاڏي جي ڀرسان زوردار ڌماڪو ٿيو. پوليس مطابق ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور ۽ ان جو محافظ شهيد ٿي ويا، جڏهن ته گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. ڌماڪي جي ڪري ڀرسان بيٺل گاڏي کي به نقصان پهتو. جڏهن ته حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ 4 زخمي اهلڪارن کي پهچائڻ جي اطلاع آهي. ڌماڪي بعد پوليس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.