ڄام مهتاب ڏهر پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جا پول کولي ڇڏيا

سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جو ڳڙهه بڻيل آهي. هن چيو ته 2012 ۾ تعليم کاتي ۾ ڪيتريون ئي استادن جون جايون پئسا وٺي ڀريون آهن، هن چيو ته صوبي ۾ 23000 گهوسٽ سيٽون ڀريون ويون آهن جنهن مان 11000 صرف ڪراچي ۾ آهن هنن مان گهڻيون نوڪريون ان وقت ڏنيون ويون جڏهن انهن لاءِ سيٽون خالي به نه هيون. وزير جو اهڙو بيان استادن جي سنڌ اسيمبلي ڏانهن ڪيل احتجاج بعد آيو آهي. احتجاج   ڪندڙن پاران چيو ويو آهي ته ٻه مهينا اڳ سيڪريٽري تعليم عزيز عقيلي هنن کي خاطري ڪرائي هئي ته هنن جون پگهارون ڏنيون وينديون، اهڙي بيان کانپوءِ اڳوڻي صوبائي تعليم واري وزير پير مظهر الحق بيان ڏنو ته اهي پگهارون اڳوڻي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو رد ڪيون هيون. مظهر الحق ڄام مهتاب ڏهر تي الزام هنيو ته هو غلط بياني ڪري رهيو آهي ۽ مقررين جي وقت جايون خالي هيون. ڪالهه احتجاج مهل استادن مٿان پوليس جي چڙهائي ڪئي وئي هئي جنهن سان اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کي به گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ اها ڳالهه به ڏسڻ ۾ آئي ته احتجاج ڪندڙ عورتن کي مرد پوليس وارا گهلي گاڏين ۾ اڇلائي رهيا هئا.

 

 

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments