بلاگنئون

رمضان المبارڪ ۾ مهانگائيءَ تي ضابطو آڻيو!

رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو اچي ويو آهي، يعني خدا جي رحمتن ۽ برڪتن جو مھينو اچي چڪو آھي لکين مسلمانن پاران تبليغن اجتماعن حج زواري عمرن تي وڃڻ باوجود به پاڪستان ۾ هڪ ڪلو شفاف کير ۽ پيناڊول ٽيبليٽ به اصل نـٿي ملي. اهڙيءَ طرح ٻه سئو جي چپل تي قسم کڻندڙ مسلمانن کاڌي پيتي جون شيون حاجين پاران مقدس مھيني جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ٻيڻيون، ٻئي ڏهاڪي ۾ ٽيڻيون ۽ ٽئين ڏهاڪي ۾ چوڻيون ڪري عيدالفطر جي نماز ۾ مالڪ جو شڪريو ادا ڪندا آهن، ائين ھوٽلن تي نقلي گيھه جا ٺهيل کاڌا ۽ فروٽن جا ريٽ آسمان تي چاڙهيندڙ وياج تي ھلندڙ اسلامي جمھوريه پاڪستان جو سواءِ ذلت ۽ غلامي کان ڪوبه مستقبل ڪونھي جتي نيب ۽ اينٽي ڪرپشن وارا ادارا ننڊ جي دنيا ۾ سمھي رشوت جون بازارون اڏي پنھنجي الڳ دنيا وسايو ويٺا آھن، اتي انصاف جو نالو صرف لکڻ تائين ئي محدود بڻيل سٺو پيو لڳندو آھي. ٻين ملڪن ۾ رمضان شريف ايندي ئي خاص رعايتي سيل لڳايا ويندا آهن ته جيئن غريب روزا رکي سگهن، پر اسان وٽ رعايتي سيل جي نالي لٽ مار هوندي آهي ۽ هن مقدس مهيني کي زندگيءَ جو آخري مهينو سمجهندا آهن.

چوندا آهن ته هن مهيني ۾ شيطان پورو مهينو گرفتار هوندو، پر اسان وٽ عملي طور ائين ناهي هوندو، ڇوته هڪ ته مهانگائيءَ جو به طوفان الريل هوندو آهي جنهن لاءِ منافعي خورن لاءِ ميدان صاف کليل رهندو، جنهن ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي ٿو. هن حڪومت اندر جيڪو ملڪ ۾ مهانگائيءَ جو بدترين طوفان آيو آهي، انهيءَ طوفان عوام کي جيئڻ جي حق کان بلڪل محروم ڪري ڇڏيو آهي. وري پيٽرول، ڊيزل ۽ گئس جون قيمتون وڌايون ويون آهن، جنهن سبب هاري، مزدور ۽ مسڪين غريب عوام لاءِ ڪهڙو رليف فنڊ رکيو ويو آهي؟ رمضان پيڪيج لاءِ اربين رپيا رکيا وڃن ٿا، جيڪي عوام جي ڪنهن  ڪم جا ناهن. يوٽيلٽي اسٽورن تي 10 کان 20 سيڪڙو شيون سستيون ملنديون آهن، يوٽيلٽي اسٽورن تي 75 سيڪڙو کاڌي پيتي جون شيون موجود نه هونديون آهن، 5 سيڪڙو شيون مدي خارج هونديون آهن، ملڪ جو 80 سيڪڙو عوام ڪريانه اسٽورن کي ترجيح ڏئي ٿو، اهي ڪريانه اسٽورز وارا  ٻيڻو اگهه  وٺن ٿا، انهيءَ لاءِ ڪابه حڪمتي عملي نه جوڙي وئي آهي. روز وڌندڙ مهانگائي ملڪ جي عوام کي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ان لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت کي گهرجي ته مهانگائيءَ کي نظر ۾ رکندي، ڪي اهڙا فيصلا به ڪيا وڃن، جن مان غريب ماڻهن کي ڪجهه لاڀ ملي سگهي. ان کانپوءِ ظلم جي انتها اها آهي جو ڪيترن ئي سالن کان ڪڏهن ڪنهن چاٻي چور يا ڊوائيس هولڊر کي گرفتار نه ڪري سگهندڙ ڪرپٽ مافيا ۽ سندس حوارين واري ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جي يار سرڪار ڪنهن به شيءِ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهندي چوريون، ڦرون، ڌاڙا، اغوائون ۽ رهزنيون به عروج تي هونديون ڪرپٽ مافيا جي عوام دشمن سرڪار پنهنجين سمورين ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي حق ۽ سچ لکندڙ سوشل ميڊيا ورڪرن ۽ سياسي مخالفن کي عبرت جو نشان بنائڻ لاءِ مٿن روح افزا، کنڊ، کير، پتي، واڱڻ، گدرا ۽ بصر وغيره وغيره جهڙا الزام لڳائي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندي ته جيئن سندن حڪومت تي ڪي ڇوهه ڇنڊا نه پون جيڪڏهن عوام جي دردن جو درمان نه ٿيندو ته اهي دانهن حڪمرانن کي نه ڏيندا ته باقي ڪنهن کي ڏيندا. هن وقت ڪرپشن، منافقي، ضمير فروشي، جهالت ۽ گران فروشي سميت هر عوام دشمني جا دڪان سر عام کليل آهن جن کي ٻنجو ڏيڻ جي ذميواري سرڪار تي عائد ٿئي ٿي. رمضان المبارڪ بلاشڪ برڪتن، رحمتن ۽ آسانين جو مهينو آهي. هي مهينو صبر، برداشت، احسان، رواداري ۽ بخشش جو پڻ مهينو آهي. هن مهيني ۾ ٻين جو خيال رکڻ عام مهينن کان وڌيڪ اجر ۽ ثواب جو سبب آهي. هڪ مومن ثواب جو اهو موقعو ضايع ٿيڻ نه ڏيندو آهي. اسان هر دعا ۾ الله تعاليٰ کان دعا گهرون ٿا ته اي رب اسان کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪري جن تي تو پنهنجو انعام ڪيو آهي، جن تي تو پنهنجون رحمتون ۽ برڪتون نازل ڪيون آهن ۽ اسان کي انهن ماڻهن ۾ شامل نه ڪر جن تي تو پنهنجو غضب نازل ڪيو آهي.

رمضان المبارڪ اهو بهترين موقعو آهي ته اسان پنهنجي هٿن کي کولڻ ۽ الله جي بندن جي مدد ڪريون ته جيئن رب العالمين اسان کي پنهنجي محبوب ماڻهن ۾ شامل ڪري. ڪجهه ماڻهو ائين ڪندا آهن، پر ڏٺو وڃي ته هتي پاڪستان ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد رمضان المبارڪ کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو سمجهي ٿو. هي ماڻهو روزا شروع ٿيڻ کان اڳ کاڌي پيتي جون شيون، خاص ڪري اهي شيون جيڪي سحري ۽ افطار دوران وڌيڪ استعمال ٿين ٿيون، جمع ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوءِ رمضان شروع ٿيڻ سان ئي اهي شيون محدود مقدار ۾ مارڪيٽ ۾ آڻين ٿا ته جيئن وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهن. اهو منافعو ايترو ته وڌي ويندو جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ظلم محسوس ٿيڻ لڳندو آهي. منهنجي خيال ۾ استعمال جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ نه رڳو حڪومت ۽ انتظاميه جي ذميواري آهي، عوام به ان سلسلي ۾ اهم ۽ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڪردار ڪنهن شيءِ جي وڌيڪ قيمت ادا ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ آهي، يعني جيڪڏهن دڪاندار ۽ هاڪڙي منافعي جو ڪم ڪري رهيا آهن ته عوام جي ذميواري آهي ته اهڙي شين جو بائيڪاٽ ڪن، بليڪ تي وڪرو ڪندڙ غير قانوني منافعو وٺندڙن جو بائيڪاٽ نه ڪيو وڃي. ڪجهه سال اڳ هڪ اهڙو تجربو ٿيو جنهن جا هاڪاري اثر پيا. ميون جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ خلاف سوشل ميڊيا تي پاڪستاني عوام پاران مهانگو ميوو نه خريد ڪرڻ جي مهم هلائي وئي جيڪا ڪامياب ٿي وئي. واٽس ايپ مهم ۾ ٽن ڏينهن تائين مهانگو ميوو نه خريد ڪرڻ جي ترغيب ڏني وئي، روزو افطار ڪرڻ کانپوءِ وکر ۽ روٽي کائو ۽ پيٽ ڀريو ته جيئن ميوي جي ضرورت نه پوي. ٽن ڏينهن تائين ميوي جي بائيڪاٽ سبب گودامن ۾ رکيل ميوو سڙي ويندو ۽ پوءِ منافعي خور ان کي اصل اگهه کان سستو وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. اهو تجربو ڏاڍو ڪامياب ٿيو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن رمضان المبارڪ ۾ به ساڳيو تجربو ورجايو وڃي ۽ اهي شيون خريد ڪيون وڃن جن جون قيمتون تمام گهڻيون هجن يا جن تي ماڻهن جو خيال هجي ته نفعو ضرورت کان وڌيڪ ورتو پيو وڃي. مان به سمجهان ٿو ته هي سلسلو صرف رمضان تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر جڏهن به عوام کي محسوس ٿئي ته انهن جو استحصال ٿي رهيو آهي ته هو متحد ٿي ڪري ان ناجائز استحصال کي ناڪام بڻائي سگهن.