ٽيڪنالاجي

ڇهڻ ۽ محسوس ڪرڻ وارو هٿرادو هٿ

آمريڪا جي يونيورسٽي آف الينائي جي سائنسدانن هڪ وڏي عرصي کانپوءِ ڇهڻ ۽ محسوس ڪندڙ هٿ تيار ڪيو آهي. هي هٿرادو هٿ ڪنهن به شيءِ جي ٿڌي يا گرم، نرم يا سخت هجڻ کي محسوس ڪري سگهندو. هن قسم جي هٿ ۾ بجلي جي ڪرنٽ کي هڪ خاص الگورٿم تحت هلائي ان کي ڪنٽرول  ۽ مانيٽر به ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان هٿرادو هٿ استعمال ڪندڙ انسان کي ڇهڻ جي حس حاصل ٿي وڃي ٿي. هي هڪ منفرد تجربو آهي هن کان اڳ ۾ اهڙا هٿ ڇهڻ جي حس کان محروم هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته هن هٿ جي آڱرين محسوس ڪرڻ جي جاءِ تي بجلي جي ڪرنٽ کي استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پيغام کي وصول ڪرڻ ۽ موڪلڻ جي صلاحيت به موجود آهي. ماهرن اهو به چيو آهي ته هن هٿ کي وڌيڪ تجربن مان گذاري  مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ۽ هي هٿ کان معذور انسانن لاءِ هڪ بهترين ساٿي هوندو.