“عورت جو وطن مرد ھوندو آھي!” ان عورت کيس جواب ڏنو.
عبدالرحيم سواليه نگاھن سان ڏانھس ڏٺو ته، ھوءَ وري ساڻس مخاطب ٿي: “تون منھنجو وطن آھين، مان پنھنجي وطن ۾ ڪنھن به وقت داخل ٿي سگهان ٿي!” ھو سندس اھڙي جواب تي اچرج ۾ اچي ويو ھو.
ھن ان پل سوچيو ۽ شدت سان چاھيو ھئائين ته کيس چئي ڏئي: “مان ماريه جو وطن آھيان!” پر سندس زبان خاموش رھجي وئي ھئي.
ھو ماريه بابت وڌيڪ سوچي نه سگهيو ھو، اتان کان سندس سوچ عارفه ڏانھن اڏامي وئي ھئي، ھن کي انھيءَ ڳالھه جو بيحد ارمان ھو ته: ھو عارفه جو وطن ڇو نه بڻجي سگهيو ھو!؟؟؟
“ماڻھو، ماڻھوءَ مان نڪري جلاوطن ٿي ويندو آھي!” ھن پنھنجي ڪنن سان پنھنجو آواز ٻڌو ته، مٿس حيراني سانوڻيءَ جيان وسڻ شروع ٿي وئي ھئي، جنھن سندس وجود کي ڀڄائي آلو ڪري ڇڏيو ھو، ھو خاموش ته گهڻي وقت کان ٿي ويو ھو، پر ھاڻي اداسي کيس ائين پاڻ ۾ پائي رھي ھئي، جيئن درياءَ ڪپر پائيندو آھي! ھو اھو درياءَ به پاڻ ھو ته، اھو ڪپر به پاڻ ھو.
جنھن وقت ھن پنھنجي وجود جي ڀيڙ ڪرندي محسوس ڪئي ھئي ته، باغيچي مان اٿي، ڪمري اندر ھليو ويو ھو، پنھنجي ڪمري جي بي رحم ويرانيءَ سندس آڌر ڀاءُ ڪيو، ان خاموشيءَ ۾ ھن ھڪ ٻليءَ جو آواز ٻڌو… ھن ڪمري ۾ ٻلي ڳولڻ چاھي، کيس ڪمري ۾ ڪا به ٻلي نظر نه آئي… ٻئي پل ھن محسوس ڪيو ته، اھو آواز ھن جي ڪمري مان نه پر ڪنھن ٻئي جاءِ تان اچي رھيو آھي.
ھو ھڪدم اتاولو ٿي پنھنجي ڪمري مان ٻاھر نڪتو ۽ سڄي گهر ۾ ٻليءَ کي ڳوليائين، کيس ڪٿي به ٻلي نظر نه آئي ھئي، سندس گهر ٻلين کان خالي ھو.
ڪجهه دير کان پوءِ، پنھنجي وجود جي خالي پڻي جي وسعتن ۾ کيس ٻيھر ٻليءَ جو آواز گونجندي محسوس ٿيو، ھن ڀيري ھن پريشانيءَ جي عالم ۾ ان آواز کي ڳولڻ چاھيو ھو.
ھن بي خوديءَ جي عالم ۾ پنھنجيون اکيون بند ڪري، ان آواز کي محسوس ڪيو، کيس شدت سان ادراڪ ٿيو ته، اھو آواز ھن جي ئي وجود مان نڪري سندس حواسن تي طاري ٿي رھيو ھو.
عبدالرحيمَ جي حواسن تي اھو آواز حاوي رھيو ھو، ھو بي سھارا ٿي صوفي تي آھلجي پيو ھو… ٻئي پل کيس اھو ھڪ آواز تبديل ٿيندي محسوس ٿيو، آواز وڌيڪ ڳورو ھو ۽ ڊيڄاريندڙ ھو، جيئن ڪنھن ٻي ٻليءَ جو آواز ھجي.
ڪجهه ئي ساعتن ۾ کيس ھڪ ئي وقت ڪيترين ئي ٻلين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا… ڪي ٻليون ڪيڪڙاٽ ڪري رھيو ھيون ته، ڪي ميائون ميائون جا آواز ڪڍي رھيو ھيون… آواز تيز ٿيندا ويا ھئا، ھن گهٻرائجي پنھنجي ڪنن تي ھٿ ڏنا ته، ھڪدم موت جھڙي خاموشي ڇائنجي وئي ھئي… ھڪ پل لاءِ ته کيس لڳو، اھا خاموشي کيس ڳڙڪائي ڇڏيندي ۽ ھو بس اتي جو اتي ئي فنا ٿي ويندو، سندس نالو نشان ئي نه رھندو.
ٿوريءَ ئي دير کان پوءِ ھو اٿيو ۽ وڃي پاڻيءَ جو گلاس پيتو ھئائين، پاڻي پيئڻ کان پوءِ، ھو بيڊ تي ليٽيو ۽ سوچيندو رھيو ھو… سوچن جي انھن ئي ساعتن ۾ کيس پنڪي اچي وئي ھئي.
ان مختصر ننڊ ۾ ھن خواب ڏٺو ھو ته: ھو پنھنجي گهر جي باغيچي ۾ پوکيل نئين ول کي ڏسي رھيو آھي، آسمان ۾ جهڙ ڀرجي ويو آھي، سندس گهر جو دروازو کليو آھي، جنھن مان ھڪ بندري قد ۽ وڏن وارن واري عورت داخل ٿي رھي آھي، ھو گهڻي ڪوشش جي باوجود به ان عورت کي سڃاڻي ناھي سگهيو.
عورت جي ڪڇ ۾ ھڪ ٻلي آھي، گهر ۾ عورت جي داخل ٿيڻ سان ھوا گهلڻ شروع ٿي وئي آھي، عورت جي نظرگهر جي آڳنڌ ۾ ٽلندڙ مورَ پکيءَ جي ٻچي تي پئي آھي، عورت پاڻ سان آندل ٻلي ان مور پکيءَ جي ٻچي تي حملي جي نيت سان اڇلائي آھي، ان پل ئي ٻچي ھڪ دردناڪ دانھن ڪئي آھي، انھيءَ دانھن کي ٻڌي عورت ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو آھي، اها دانھن ۽ عورت جو ٽھڪ عبدالرحيمَ جي حواسن ۾ گونجي رھيا ھئا ته، ھن جي اک کلي وئي ھئي.
سندس دل تيز ڌڙڪي رھي ھئي.
ان پل کيس ائين شدت سان لڳي رھيو ھو ته، اھو مور جو ٻچو خواب ۾ نه پر حقيقت ۾ به ٻليءَ جو شڪار ٿي ويو آھي! پکيءَ جي مرتيي جو ڏک سندس دل کي ڏکوئي ويو ھو، ھو مور جي موت تي اداس ٿي ويو ھو.
ھو سوچي رھيو ھو ته: ھاڻي، ماڻھوءَ وٽ دل جي اداسيءَ ۽ اندر جي اڪيلاائيءَ کان بچڻ جو ڪھڙو رستو بچيو آھي!؟