ڪهاڻيوننئون

ريخته ڪهاڻي: پوهه جي رات

ھلڪوءَ ايندي ئي زال کي چيو؛ “شھنو آيو آهي! کڻي آءُ جيڪا روڪڙ رکيل آهي. کيس ڏيون ته ڪا جان آجي ٿئي.”

نونھڻس مُنيءَ، ٻھاري پئي ڪڍي. پوئتي مُڙي چوڻ لڳس؛ “ٽي ته روپيڙا آھن، سي ڏيونس ته پوءِ کٿو ڪٿان ايندو. مانگھ پوھ جي رات، ٻنيءَ ۾ ڪيئن گھارجندي. کيس وڃي چئو ته فصل لٿي تي کيس پئسا ڏينداسين. ھاڻ نه!”

ھلڪُو، جھٽ سوا ته تپرس ۾ بيٺو رھيو. وري پنھنجي دل ۾ سوچيندو رھيو ته؛ ‘پوھ ته سر تي اچي ويو آهي. کٿي بنا ٻنيءَ ۾، رات جو ته ڪو نه سمھي سگھندس. مگر شھنو مڃيندو به ڪو نه! ويتر ڇڙٻون ڏيندو.’ اھو سوچيندي، ھو پنھنجو ڳورو بت، جيڪو سندس نالي جي ابتڙ ھو، لوڏيندو، پنھنجي زال وٽ آيو ۽ خوشامد ڪندي چيائينس؛ “کڻي آ! ڪنھن نموني جان ته آجي ڪيان. کٿي لاءِ ڪا ٻي سوچ ويچار ڪندس.”

مُني، وٽانئس پري ھٽي وئي ۽ اکيون ڪُرڙيون ڪندي چيائينس؛ “ڪري ڇڏيائين ٻي سوچ ويچار! ڀلا ٻڌان ته ڪھڙي سوچ ويچار ڪندين؟ ڪير ڏيندئي کٿو خيرات ۾. خبر ئي نه ٿي پوي اڃان ڪيترو قرض مٿان آهي، جيڪو لھي ئي نٿو. مان ٿي چوانءِ ته ٻني ڦٽي ڇو نٿو ڪرين. مري جھري ڪم ڪر. پيداوار ٿئي ته منجھانئس قرض لھي ته چئون ادا جان ڇٽي. ڄڻ اسان ڄاوا ئي قرض لاھڻ لاءِ آھيون. اھڙي ٻنيءَ کان ڀڄ پري. مان پئسا اصل نه ڏيندس.”

ھلڪوءَ ڏکارو ٿي چيس؛ “ته پوءِ ويھي گاريون جھليان؟”

مُنيءَ چيس؛ “گاريون ڇو ڏيندو؟ ڪو سندس بادشاھي آهي ڇا؟” مگر اھو چوندي ئي سندس تاڻيل ڀروون، ڍرا ٿي ويا. ھلڪوءَ جي ڳالھ ۾ جيڪا دل کي ڌوڏڻ واري سچائي ھئي، سمجھ ۾ پئي آيو ته اھا، ڏانھنس ٽِڪَ ٻڌي تڪي رھي ھئي. ھن ڇپٽيءَ تان ڏوڪڙ کنيا ۽ آڻي، ھلڪوءَ جي تريءَ تي رکيائين. مٿان چوڻ لڳس؛ “تون ھاڻ به ٻني ڇڏي ڏي! مزوريءَ مان سک سان ھڪڙي ويلي جي ماني کائڻ لاءِ ته ملندو. ڪنھن جي دٻڙ ڌئونس ته ڪو نه ھوندي. واھ جي پوک آهي! مزوري ڪري ڪمائي اچ، سو به اچي منجھس اڇل. مٿان وري دٻڙ ڌئونس.”

ھلڪُوءَ پئسا ورتس ۽ ائين ٻاھر ويو، ڄڻ پنھنجي دل ڪپي ڏيڻ پيو وڃيس. ھن پئسو پئسو پاڇي ڪري، ٽي روپيڙا کٿي لاءِ ڪٺا ڪيا ھئا. سي به اڄ نڪتا پيا وڃنس. وک وک سان، سندس مغز پنھنجي مسڪينيءَ جي ٻوجھ کان ٻُٽجندو پئي ويو.

پوھ جي اُماوس رات. اُڀَ تي تارا به ڄڻ ٿڙڪندا پئي محسوس ٿيا. ھلڪُو پنھنجي ٻنيءَ جي ٻاھرئين ٻني تي، ڏِير جي پَنِ مان ٺھيل ننڍڙي پيھيءَ ھيٺان بانس جي کٽوليءَ تي، پنھنجي پراڻي چادر اوڍيو، ڪنبيو پئي. سندس ساٿي ڪتو ‘جبرو’پيٽ ۾ ٻوٿ ھنيو، سيءَ کان، ڪئون ڪئون ڪري رھيو ھو. ٻنھي مان ڪنھن ھڪ کي به ننڊ نه آئي ھئي.

ھلڪُوءَ، گوڏا ڳچيءَ سان چنبڙائيندي چيس؛ “ڇو جبرا؟ سيءُ ٿو ٿيئي ڇا؟ چيو ته ھيومانءِ ته گھر ۾ پال تي ليٽي پئو. تون ھتي ڇا وٺڻ آيو ھئين؟ ھاڻ سَھُ سيءُ! مان ڇا ڪيانءِ؟ سمجھيئي پئي ته سيرو پوري کائڻ پيو اچان سو تون به ڊوڙي اچي اڳيان ٿي پئين. ھاڻي ويھي روءُ پنھنجي نانيءَ جي نانءَ کي.” جبروءَ، ليٽئي پڇ لوڏيو ۽ ڪر ڀڃي، ڇڙھ ٿي ويو. شايد ھو به سمجھي ويو ھو ته سندس ڪئونءَ ڪئونءَ تي، سندس ڌڻيءَ کي ننڊ نه ٿي اچي پئي.

ھلڪُوءَ ھٿ ڊگھو ڪري، جبروءَ جي ٿڌيءَ پٺيءَ تي ڦيريندي، چيس؛ “سڀاڻي کان مون سان ساڻ نه اچجانءِ، نه ته ٺري ٺڪر ٿي ويندين. ھيءَ لُري رَنَّ به الائي ڪٿان برف کنيو پئي ٿي اچي. اُٿان، حقو ٺاھيان، ڪيئن نه ڪيئن ڪري، رات ته ڪٽجي. اٺ حقا ته ڦوڪي چڪو آھيان. اھو ٻنيءَ جو مزو آهي ۽ ھڪڙا ڀاڳ ڀريا اھڙا به آھن جن وٽ اگر سيارو وڃي ته اتي جي گرمي ڏسي، گھٻرائجي اتان ڀڄي نڪري. ٿلھا گاديلا، سوڙيون، ڪمبل ۽ کٿا! مجال آهي سياري جي جو اتان پاسو ڏئي به لنگھي. تقدير جا رنگ آھن. مزوريون اسان ڪيون، عياشيون ٻيا ڪن.”

ھلڪُو اٿيو ۽ چُلھڙيءَ مان ٿورا ٽانڊا ڪڍي، حقي جي ٽوپي ڀريائين. جبرو به اٿي ويھي رھيو. ھلڪوءَ حقو ڇڪيندي چيس؛ “ڇڪيندين حقو؟ ھن سان سيءُ ڪاٿي ٿو لھي! بس رڳو دل کي آٿت ملي ٿو.”

جبروءَ، پيار ڀرين نگاھن سان ڏانھنس ڏٺو. ھلڪُوءَ چيس؛ “اڄ اڃان ٿورو سيءُ سَھُ! سڀاڻي تو لاءِ ججھو پلال وڇائيندس. منجھس اندر گھڙي ويھجانءِ، سيءُ نه لڳندءِ!”

جبروءَ پنھنجا اڳيان پير، سندس گوڏن تي رکيا ۽ پنھنجو ٻوٿ، سندس ٻوٿ آڏو اچي جھليائين. ھلڪُوءَ کي سندس ٻاھر نڪتل ساھ جي ھوا گرم لڳي. حقو ڇڪي، ھلڪو وري آھلي پيو ۽ دل ۾ اھو ٽليائين ته ڇا به ٿي پوي ھن ڀيري سمھي ئي پوندس، پر جھٽ کن ۾ سندس ھيانءُ ٿڙڪڻ لڳو. ڪڏھن ھن پاسي پيو ليٽي ته ڪڏھن ھُن پاسي. سيءُ ڪنھن ڀوت وانگي، سندس ڇاتي ڀڪوڙيو بيٺو ھو.

جڏھن ڪنھن به نموني ڪجھ نه ٿي سگھيو ته جبروءَ کي ھوريان ھوريان ٿڦڪيون ڏئي جاڳايائين ۽ وري سندس مٿي تي ٿڦڪڙيون ھڻي، پنھنجي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيائينس. ڪتي جي بت مان خبر ناھي ڪھڙي ڌپ پئي آئي، تنھن ھوندي به کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو اھڙو سک محسوس پئي ٿيس جيڪو کيس مھينن کان نه مليو ھو. جبرو شايد ان خيال ۾ ھو ته بھشت اھو ئي آھي ۽ ھلڪُوءَ جو روح اھڙو پاڪ ھو جو کيس ڪتي کان بلڪل ڪِرڀ نه پئي آئي. ھو پنھنجي غريبيءَ کان پريشان ھو، جنھن جي ڪري ھو ھن حالت تي اچي پڳو ھو. اھڙي انوکيءَ سنگت، سندس روح جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا ھئا. سندس لونءَ لونءَ، حقيقي روشنيءَ سان چمڪي پئي ھئي. انھيءَ اپرانڌ، جبروءَ ڪنھن جانور جي اچڻ جو کڙڪو ٻڌو. سندس مالڪ جي انھيءَ خاص روحانيت، سندس دل ۾ ھڪڙي نئين طاقت پيدا ڪري ڇڏي ھئي، جنھن لُريءَ جي ھيانءَ چيريندڙ لھرن کي به ڪجھ نه پئي سمجھيو. ھو نَرو ڏئي اٿيو ۽ مَنَھِڙيءَ کان ٻاھر نڪري ڀؤنڪڻ بيھي رھيو. ھلڪوءَ گھڻو ئي ٻُچڪاريس، پر ھو وٽس نه آيو ۽ ٻنيءَ ۾ چئني ڏسائن ۾ ڊڪي ڊوڙي ڀؤنڪندو رھيو. گھڙيءَ سوا لاءِ جي آيو به پئي ته وري ساڳين پيرن تي ڀڄندو پئي ويو. فرض جي ادائگيءَ، کيس بيچين ڪري ڇڏيو ھو.

ھڪڙو گھنٽو گذري ويو. سيءُ وڌڻ لڳو. ھلڪُو، اٿي ويٺو ۽ ٻئي گوڏا ڇاتيءَ ۾ ڏئي مُنھن کي مونن منجھ لڪايائين. پوءِ به سِيئاندو جھڪو نه ٿيس. ائين پئي لڳو ڄڻ سڄو رت ڄمي ويو ھجيس. ھن اٿي اُڀَ ڏانھن تڪيو ته اڃان رات ڪيتري آهي. اھي ست تارا جيڪي قطب تاري جي چوڌاري ڦيرو ڏيندا آھن، تن اڃان پنھنجو اڌ چڪر به پورو نه ڪيو ھو. جڏھن اھي منجھند کي ايندا ته پوءِ وڃي ڪو سُنجھندو ٿيندو. پوئتي ٻن پھرن کان به رات، گھڻي باقي آهي.

ھلڪُوءَ جي ٻنيءَ کان وٿيرڪو ھڪڙو باغ ھو. پن ڇڻ شروع ٿي چڪي ھئي. باغ ۾ پنن جو ڍير لڳو پيو ھو. ھلڪُوءَ دل ۾ ٽليو ته؛ ‘وڃي اھي پن ميڙي اچان ۽ ٻاري، جان سيڪيان. رات ڌاري، پن ميڙيندي ڪو مون کي ڏسندو ته سمجھندو ته جن ڀوت آهي. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ڪو جانور لڪيو ويٺو ھجي، پر ھاڻ ته ويھڻ به نٿو پڄي.’

ھن ڀر ۾ بيٺل موٺ جي پوک مان وڃي چڱا ٻوٽا پاڙان پٽيا ۽ منجھانئن مُوئو ٺاھي، ھٿ ۾ ٻرندڙ اُماڙي ڪري، باغ ڏانھن ھلي پيو. جبروءَ جو کيس ويندي ڏٺو ته سو به ڪڍ اچي پڳس ۽ ڀر ۾ بيھي پڇ لوڏڻ لڳس.

ھلڪوءَ چيس؛ “ھاڻ ته ويھي نٿو سگھجي. ھل ته باغ منجھان ڇڻيل پن ميڙي اچي لڱ سيڪيون، ٽاٽ ٿياسين ته پوءِ موٽي اچي سمھنداسين. اڃان ته رات گھڻي پئي آهي. جبروءَ به پيرن تي ٻوٿ رکي، ڪئون ڪئون ڪري ڌڻيءَ جي رضا تي راضپو ڏيکاريس ۽ اڳيان ٿي، باغ ڏانھن ھلڻ لڳو. باغ منجھ، گُھپ اوندھ لڳي پئي ھئي. وڻن جي پنن تان ماڪ ڦڙا، ٽِميا پئي. اوچتو ھوا جو ھڪ جهوٽو مينديءَ جي گلن جي ھٻڪار کنيو آيو.

ھلڪوءَ چيو؛ “ڪھڙي نه ڀلي ھٻڪار آهي جبرو! تو واري نڪ ۾ به ڪا سرھاڻ اچي پئي ڪن نه!؟”

جبروءَ کي ڪاٿي زمين تي پيل ھڏو ملي ويو ھو. اھو ته ان کي چٻڻ ۾ پورو ھو.

ھلڪوءَ اُماڙي ڌرتيءَ تي رکي ۽ پاڻ پن ميڙڻ لڳو. ٿوري دير ۾ پنن جو ڍڳ ٿي ويو. ھٿن کي ڏڪڻيءَ ورتس پئي. اگھاڙا پير، ٺرندا پئي ويس ۽ ھيءُ پنن جو پھاڙ ڪٺو ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھو، جن جي آڙاھ ۾سيءَ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.

ٿوريءَ دير ۾ آڙاھ ٻري اٿيو. جنھن جون ڄِڀيون، مٿان واري وڻن جي پنن کي لھساٽي پئي لنگھيون. ان ڀڙڪندڙ باھ جي شعاع ۾ باغ جا سھڻا وڻ ائين پئي لڳا ڄڻ اھي ان اڻ کُٽ اوندھ کي پنھنجي ڪلھن تي کنيو ويٺا ھجن. اوندھ جي انھي اونھي عميق ۾ اھا روشني، ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ مثل لڳي رھي ھئي.

ھلڪُو، آڙاھ آڏو ويھي، لڱ سيڪي رھيو ھو. ھڪڙي منٽ اندر ھن پنھنجي چادر اُرھ ۾ ڏني ۽ پنھنجا ٻئي پير پساري ڇڏيائين. ڄڻ ھو سيءَ کي للڪاري چوندو ھجي؛ “جو جيءَ ۾ اچئي، سو وڃي ڪر!” سيءَ جي انھيءَ اٿاھ طاقت تي سوڀ ماڻي، ھو پنھنجي سرھائيءَ کي لڪائي نه پئي سگھيو.

ھن جبروءَ کي چيو؛ “چئو جبرا! ھاڻ ته سيءُ ڪو نه ٿو لڳئي نه؟” جبري ڪَئون ڪَئون ڪري ڄڻ چيس؛ “ھاڻ سيءُ ڇا جو لڳندو؟”

“اڳي اھا ٽل ڪا نه سُجھي، ورنه ته ايڏو سيءُ ڇو جھليون ھا!”

جبري، پڇ لوڏيو.

“چڱو اچ! ھن آڙاھ کي ٽپي پار ٿا پئون. ڏسئون ٿا ته ڪير ٿو پار پوي. جيڪڏھن سڙي پياسين ته پُٽَ دوا ڪو نه ڪرائبي.” جبري ڀوائتين اکين سان آڙاھ کي تڪيو. “مُنيءَ کي سڀاڻي اھو نه چئجانءِ ته رات ڏاڍو سيءُ لڳو ھو ۽ لڱ سيڪي سيڪي رات ڪڍيسين. ورنه ته جھيڙو ڪندي.” اھو چوندي ھن ٽپو ڏنو ۽ اھو آڙاھُ، آرام سان اورانگھي ويو. پير ۾ ٿوري نُھنڊ آيس، پر اھا ڪا ايتري وڏي ڳالهه ڪا نه ھئي. جبرو، آڙاھ جي پاسي کان ڦري اچي، ساڻس گڏ بيٺو.

ھلڪوءَ چيس؛ “ائين صحيح ناھي. وڃ! وڃي مٿان ٽپو کائي پوءِ اچ!” پوءِ پاڻ وري ٽپو ڏنائين ۽ آڙاھ جي اورين ڀر پھچي ويو.

پن، سڙي چڪا ھئا. باغ اندر وري اوندھ جو راڄ ٿي چڪو ھو. ڪِرُھ اندر ٿورا گھڻا ٽانڊا باقي ھا، جيڪي ھوا جي جھونڪي تي ڇار پاسي ٿيڻ تي ٽمڪي پئي پيا. وري ساڳئي لمحي، رَکَ وَرِي پئي آين.

اچانڪ، جبرو ڀؤنڪ ڪري ٻنيءَ ڏانھن وٺي ڀڳو. ھلڪُوءَ کي لڳو ڄڻ جانورن جو ولر، سندس ٻنيءَ ۾ اچي پيو ھجي. شايد گَڊَ ڊنب ڪري پھتا ھجن. سندن ڀڄڻ ۽ ٽپن ڏيڻ جا آواز ڪنن ۾ چٽيءَ طرح پئي ٻُرِيس. پوءِ ائين لڳو، ڄڻ پوک جي ڀيل ۾ لڳي ويا آھن. ھن دل ۾ چيو؛ “ھونھ! جبروءَ جي ھوندي ڪو جانور، ٻنيءَ ۾ ٽپي ئي نٿو سگھي. ڇِني وجھين. مون کي وھم پيو ٿئي. لڳي ٿو ھاڻي يا منھنجي ڪنن تي ٻوڙٽ چڙھي وئي آ يا ڪَنَ مون سان ٺڳي پيا ڪن.

ھن وڏي واڪ سڏ ڪيو؛ “جبرا! جبرا!”

جبرو ڀؤنڪندو، وٽس اچي پڳو.

جانورن جي ڀيل جو آواز، چرئون چرئون، ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھو. بلڪه ھاڻ ته پاڻ کي به دوکو نه ڏئي سگھيو. بلڪه ھاڻ ته کيس، پنھنجي جاءِ تان چُرڻ به زھر پئي لڳس. ڪيڏو ته سيڪ وتيو، مزي سان ويٺو ھو. ھن سيءَ ۽ پاري ۾، ٻنيءَ اندر وڃڻ، جانورن کي ھڪلي ڀڄائڻ، سندن پويان لٺ کڻي پوڻ، کيس جبل پئي لڳو. پنھنجي جاءِ تان نه چُريو. ويٺي ويٺي جانورن کي تڙڻ لاءِ تڙيون، ھڪلون ۽ ھونگرون ڏيندو رھيو؛ “ھو! ھو! ھور! ھور! ھا! ھا! ھو!”

مگر جبرو وري ڀؤنڪڻ لڳو. جي جانور ڀڄي وڃن ھا ته جبرو ھن وقت تائين موٽي به اچي ھا. نه ڀڳا آھن، بلڪه اڃان تائين پوک ڀيلين ٿا پيا. شايد اھي سمورا سمجھن ٿا پيا ته ھھڙي سيءَ ۾ ڪنھن کي پئي آهي جو اسان کي اچي تڙيندو. فصل لاب تي آهي ۽ ڪھڙو نه ڀلو فصل ٿيو آهي. سڄو ڳوٺُ ڏسي ڏسي، پيو ٿو اندر ۾ سڙي ۽ وري ھيءُ نڀاڳا پيا آھن جو ڀيليندا ٿا وتن.

ھاڻ ھلڪُوءَ کان رھيو نه ٿيو ۽ پڪو پھ ڪري اٿيو ۽ ٻه چار وکون کنيائين، جو اوچتو لڳندڙ لُريءَ جو ٿڌو، چڀندڙ ۽ وڇونءَ جي ڏنگ جھڙو ڇوھو ڇاتيءَ ۾ لڳس ته موٽي اچي اُجھامندڙ باھ مٿان بيٺو ۽ ڪِرُھ کي کوٽھڙو ڏئي پنھنجا لڱ سيڪڻ لڳو.

جبروءَ جي نڙي ڦاڙ ڀؤنڪ جاري ھجي. گڊ، پوک ڀيليندا رھيا ۽ ھلڪُو، ڪوسي رَک جي آڏو ماٺڙي ڪيو ويٺو رھيو. غمگينيءَ جي جنجيرن، کيس چؤکنڀو جڪڙي ڇڏيو ھو.

انت ته اتي ئي چادر اوڍي سمھي پيو.

سوير جو جڏھن سندس ننڊ ڦٽي ته ڏٺائين چؤطرف کيس اسَ ورائي وئي آهي ۽ مُني مٿان بيٺي چئي رھي ھئس؛ “اڄ ڀلا ستو ئي پيو ھوندين ڇا؟ تون ھتي مٺڙي ننڊ ستو پيو آھين ۽ ھتي آهي جو سڄي پوک ڀيلجي وئي آهي. سڄو فصل ڀينگ ٿي ويو! ڀلا ائين به ٿيندو آهي ڇا؟” ھلڪُوءَ ڳالھ ٺاھي چيس؛ “مان مرندي مرندي بچيو آھيان. توکي وري پوک جي لڳي آهي. پيٽ ۾ اھڙي لُوھَ اچي پئي جو ڦيٽون مون کاڌيون آھن ۽ مون کي خبر آهي.”

ٻئي پوءِ، ٻنيءَ جي ٻاھرئين ٻني تي آيا. ڏٺائون ته پوک جو نالي کي ڪو تيلو نه بچيو آهي ۽ جبرو آهي جو مَنھڙيءَ جي ھيٺان ٽنگون ٽيڙيو، ليٽيو پيو آهي. ڄڻ بت ۾ ساھ ئي نه ھجيس. ٻئي پوک کي تڪيندا رھيا. مُنيءَ جي چھري تي مايوسي نروار ھئي، پر ھلڪُو، خوش ھو.

مُنيءَ ڳڻتي کائيندي چيس؛ “ھاڻ مزوري ڪري، مال جو گاھ پٺو آڻڻو پوندو.”

ھلڪُوءَ چريائپ واري انداز ۾ چيس؛ “رات جو تَھَ سيءَ ۾، ھاڻي ھتي سمھڻو نه پوندو!”

“مان ھن پوک جي ڍل به نه ڀرينديس. اھو ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ! جيئڻ لاءِ پوک ٿا پوکيون، مرڻ لاءِ نٿا پوکيون.”

“جبرو! اڃان تائين ستو پيو آهي. ايترو ته ڪڏھن سمھندو ئي ناھي!”

“اڄ وڃي شھنا کي چئي ڇڏ؛ پوک جانور ڀيلي ويا! اسان پائي ڪونه ڏينداسين.”

“رات! وڏي قھر جي ٿڌ پئي ھئي.”

“مان ڇا ٿي چوان! تون ڇا ٿو ٻڌين!؟”

“تون گارين کارائڻ واري ڳالھ ٿي ڪرين. شھنا کي انھن ڳالھين سان ڪھڙو لھڻو ليکو! توھان جي پوک کي توڙي جانور ڀيلي وڃن يا باھ ساڙي وڃين. توڙي ڳڙو پويس. کيس ته پنھنجي بٽئي کپي.”

“ته پوءِ ڦٽي ڪر پوک! اسان اھڙي پوک کان بس ڪئي!”

ھلڪوءَ مايوسيءَ واري انداز ۾ چيس؛ “ھائو منھنجي دل ۾ به ائين پيو اچي ته پوکي راھي ڇڏي ڏيون. مُني توکي سچ پيو ٻڌايان، پر مزوريءَ ڪرڻ جو خيال ٿو اچي دل ھَڄي ٿي وڃي. ھاريءَ جو پٽ ٿي ڪري ھاڻ مزوري ڪو نه ڪندس، توڙي ڪيڏي به ڀينگ ٿي وڃي. پوک جو مان، ڪو نه ڪيرائيندس… جبرا!… جبرا!… اڙي اڃان ستو پيو ھوندين ڇا؟ ھل ته گھر ھلون!”

***