ھلڪوءَ چيس؛ “ھاڻ ته ويھي نٿو سگھجي. ھل ته باغ منجھان ڇڻيل پن ميڙي اچي لڱ سيڪيون، ٽاٽ ٿياسين ته پوءِ موٽي اچي سمھنداسين. اڃان ته رات گھڻي پئي آهي. جبروءَ به پيرن تي ٻوٿ رکي، ڪئون ڪئون ڪري ڌڻيءَ جي رضا تي راضپو ڏيکاريس ۽ اڳيان ٿي، باغ ڏانھن ھلڻ لڳو. باغ منجھ، گُھپ اوندھ لڳي پئي ھئي. وڻن جي پنن تان ماڪ ڦڙا، ٽِميا پئي. اوچتو ھوا جو ھڪ جهوٽو مينديءَ جي گلن جي ھٻڪار کنيو آيو.
ھلڪوءَ چيو؛ “ڪھڙي نه ڀلي ھٻڪار آهي جبرو! تو واري نڪ ۾ به ڪا سرھاڻ اچي پئي ڪن نه!؟”
جبروءَ کي ڪاٿي زمين تي پيل ھڏو ملي ويو ھو. اھو ته ان کي چٻڻ ۾ پورو ھو.
ھلڪوءَ اُماڙي ڌرتيءَ تي رکي ۽ پاڻ پن ميڙڻ لڳو. ٿوري دير ۾ پنن جو ڍڳ ٿي ويو. ھٿن کي ڏڪڻيءَ ورتس پئي. اگھاڙا پير، ٺرندا پئي ويس ۽ ھيءُ پنن جو پھاڙ ڪٺو ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھو، جن جي آڙاھ ۾سيءَ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.
ٿوريءَ دير ۾ آڙاھ ٻري اٿيو. جنھن جون ڄِڀيون، مٿان واري وڻن جي پنن کي لھساٽي پئي لنگھيون. ان ڀڙڪندڙ باھ جي شعاع ۾ باغ جا سھڻا وڻ ائين پئي لڳا ڄڻ اھي ان اڻ کُٽ اوندھ کي پنھنجي ڪلھن تي کنيو ويٺا ھجن. اوندھ جي انھي اونھي عميق ۾ اھا روشني، ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ مثل لڳي رھي ھئي.
ٻئي پوءِ، ٻنيءَ جي ٻاھرئين ٻني تي آيا. ڏٺائون ته پوک جو نالي کي ڪو تيلو نه بچيو آهي ۽ جبرو آهي جو مَنھڙيءَ جي ھيٺان ٽنگون ٽيڙيو، ليٽيو پيو آهي. ڄڻ بت ۾ ساھ ئي نه ھجيس. ٻئي پوک کي تڪيندا رھيا. مُنيءَ جي چھري تي مايوسي نروار ھئي، پر ھلڪُو، خوش ھو.