خاصنئون

”تاريخدان ڪهاڻيڪار۔۔۔ رمضان دلدار چڍڙ ھڪ جاکوڙي ڪردار“

ليکڪ ۔۔جاويد اختر خاصخيلي ۔۔

سنڌ جي زرخيز مٽي اهڙن هزارين آدرشي ڪردارن سان ٽمٽار آهي جيڪي سماج علم ادب تحقيق ۽ آرٽ جي گمنام کاهوڙين جيان علمي ادبي ۽ رت ولوڙيندي تحقيقي ڪم ۾ جنبيل رهيا اهڙن ڪردارن ۾ رمضان دلدار هڪ آهي

25آڪٽومبر 1960 تي جنم وٺندڙ محمد قاسم چڍڙ جي گهر اک کولي سندس ڏاڏو ڌنڱاڻو چڍڙ ماتلي شھر ۾ اچي آباد ٿيا رمضان دلدار سال 1970 ڌاري لکڻ شروع ڪيو سندس پهرين ڪهاڻي حضرت عشق ۔1976 ۾ آفتاب اخبار ۾ ڇپي ان بعد باقائدگي سان لکندو رهيو رمضان دلدار جا هيستائين 9  ڪتاب ڇپيل آھن باقي اڻ ڇپيل 10 کن آھن ۔رمضان دلدار ڪيترائي ايوارڊ ماڻي چڪو آھي سندس هڪ ڪهاڻي ”ڪاري“ جنهن هند سنڌ جي ڪهاڻين جي مقابلي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو ۔رمضان دلدار پنهنجي خرچ سان ڪتاب ڇپائي ۽ وراهي پنهنجو فرض نڀائي ٿو هن پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌي ڪتاب خريد ڪري پنهنجي گهر اندر لائيبريري قائم ڪئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي ڪتابن کان علاوه انڊيا جا سنڌي ڪتاب به هٿ ڪري پنهنجي ادبي ڪم کي سچائي سان جاري رکيو اچي ماتلي جي تاريخ ڪتاب به سندس محنت جو نتيجو آھي ان کان اڳ ماتلي جي تاريخ ڪنهن به ناهي لکي سندس علمي ادبي پورهيو سفلتا ماڻي شال سنڌ سان عشق ڪندڙ اهڙا ادبي ماڻھو هميشه شاد آباد هجن آمين ۔۔۔۔

جاويد اختر خاصخيلي ۔ماتلي سنڌ