پھرين مئي مزدورن جو عالمي ڏينھن!!!

“عاجز انور لاشاري”

اڄ پوري دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي اھو مزدورن جو عالمي ڏينهن جنھن ڏينھن مزدورن جي جدوجھد جا سڄي دنيا ۾ گيت ڳايا پئي ويا قربانين کي ساراھيو پئي ويو ۽ مزدورن جي شھادت کي ڀيٽا ڏني پئي وئي. مزدورن جي لھو سان رڱيل قميص کي مزدورن جي فتح جو نشان ۽ ڳاڙھو جھنڊو شڪاگو ۾ لھرايو پئي ويو، پر اڄ ساڳي تاريخ جڏھن پھرين مئي کي دھرائڻ لاءِ اچي پھتي آھي ته مزدور طبقو اڄ پنھجي جدوجھد واري ڏينھن کان به بي خبر رھي پنھجي ھڪ ڏينھن جي مزدوري ۾ مصروف رھن ٿا انھن کي اجرتن کان اڄ به محروم رکيو وڃي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي اڄ به وڌيڪ وقت مزدورن کان مزدوري ڪرائي وڃي ٿي. وڏي ڳالھه اڄ مزدورن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پوري دنيا ۾ ڏھاڙو ملھايو وڃي ٿو، پر مزدور اڄ به موڪل واري ڏينھن پنھجي جدوجُھد واري ڏينھن نٽھڻ اس ۾ مزدوريون ڪرڻ ۾ مصروف ملن ٿا ۽ آفيسر طبقو اڄ موڪل تي ملي ٿو…… مزدورن جو 130 ھون ڏھاڙو اڄ انتھائي بحران واري ڪيفيت ۾ ملھايو وڃي پيو.. شڪاگو مان جنم وٺندڙ اجرتن جي بھتري جي تحريڪ ھاڻي سرمائيداري جي وجود کي ھميشه لاءِ دفن ڪندڙ تحريڪ بڻجي چڪي آھي.. پورھيت طبقي جي ھيءُ تحريڪ انسان جي اجتمائي خوشحالي ۽ دنيا لاءِ واحد امن جو مورچو بڻجي چڪي آھي.. ڇو ته سرمائيدار پنھنجي وجود سان ئي انسانن ۾ نفرتون، بک، بيماري، بيروزگاري، ماحولياتي تباھي ۽ وھندڙ رت درنيا ۾ ورهايو آهي.

ڏٺو وڃي اڄ به ماضي وانگر سموري دنيا ۾ سرمائيداري جو بحران وڌندو وڃي پيو ۽ ان جا سماجي معاشي ۽ سياسي اثر ھر خطي تي مرتب ٿي رھيا آھن. يورپ ۽ اتر آمريڪا جي ملڪن کي سرسري طور تي جڏھن ته خاص طور تي يورپ جي ملڪن اٽلي، اسپين، پرتگال، يونان قبرص جھڙا ملڪ سخت بحران جي دٻڻ ۾ ڦاسي پيا آھن…

پوئين صدي کان سامراجي ۽ سرمائيداري جا منصوبا يعني يورپي يونين جو ڳٺ جوڙ ۽ سندن بقا خطري ۾ پئجي وئي آھي ھن معاشي بحران جا اثر ترقي پذير

 

صنعتي ملڪن مان نڪري ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي معيشتن ٻئي طرف موجوده سماج ۾ وڌندڙ ٽڪراءُ معاشي ترقي جي ابتري کي جنم ڏئي رھيا آھن. ڪمزور ۽ دم ٽوڙيندڙ معيشتون ھر اچڻ واري ڏينھن وڌيڪ نون بحرانن کي جنم ڏئي رهيون آھن. اڃان ھڪ مسئلي کان ڇوٽڪارو ملي نٿو ته ان کان اڳ ۾ ھڪ نئون مسئلو پھرين کان وڌيڪ پنھنجي طاقت ۾ ڪر کڻي سامھون اچي وڃي ٿو. سرمائيداري جو وڌندڙ بحران ان مرض ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو وڃي ٿو، جنھن نتيجي ۾ ڪيترا ئي نوان ناسور مرض جنم وٺندا رھن ٿا…

انهن بحرانن کان نجات ڏيارڻ لا۽ سرمائيدار ملڪن پاران جنگين کي ھٿي وٺرائڻ پٺتي پيل ملڪن تي جوھري حملا ڪرائڻ ھڪ منطق وارو طريقو آھي..

1834ع ۾ نيو يارڪ ۾ ھڪ بسڪيٽ ٺاھيندڙ ڪمپني جي پورھيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ ھڙتال ڪئي. انھن مزدورن سان سرمائيدار مالڪن پاران غير انساني سلوڪ ڪندي 18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو ھو بعد ۾ آمريڪي حڪومت سرڪاري توڙي نجي ملازمن جي ڪم جو وقت 10 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو. آمريڪا ۾ سرمائيدار واپارين جي ڏاڍ خلاف پورھيتن جي جدوجھد ڏسي برطانيه جي ساڍا ٽي لک مزدورن به بغاوت جو اعلان ڪندي پنھجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جدوجھد جي شروعات ڪئي. ٻئي طرف شڪاگو جا مزدور به اتحاد طرف وڌي رھيا ھئا انھن به سرمائيدارن کان پرزور مطالبو ڪيو ته انھن کان 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ۽ جيڪڏھن 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ ڪم ورتو ويو ته ان جو اجورو به اور ٽائيم جي صورت ۾ ڏنو وڃي. آمريڪي سرڪار مزدورن جو ھڪ به جائز مطالبو تسليم ڪرڻ لا۽ تيار نه ٿي، آمريڪي سرڪار جي اھڙي روش خلاف شڪاگو جي مزدورن پھرين مئي 1886ع ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو..

 

80 ھزار مزدور بک ھڙتال تي ويٺل ھئا، ان کانپو۽ مسلسل احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رھيو. سرمائيدار طبقو مزدورن جي تحريڪ کان تمام گھڻو ڊنل ھو، پھرين مئي کانپوءِ مسلسل ڇھه ڏينھن تائين ملڪ جي سمورن ڪارخانن جي مزدورن پنھجو احتجاج جاري رکيو. آمريڪي سرڪار پورھيتن جي جدوجھد کي ختم ڪرائڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا، پر پورھيتن جي ٻڌي ۽ اتحاد تمام گھڻو مضبوط ھو ۽ انھن جي دلين ۾ آمريڪي سامراج خلاف سخت نفرت ھئي. آمريڪي سرڪار طرفان مزدورن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ 3 مئي تي مزدورن جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرايو ويو ۽ آمريڪي پوليس پاران شڪاگو جي پورھيتن تي سڌيون گوليون وسايون ويون جنھن جي نتيجي ۾ تمام گھڻا مزدور شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي پورھيت ٿاڻن ۾ واڙيا ويا. مزدورن کي سرعام ڦاھيون پڻ ڏنيون ويون، انڌاڌند فائرنگ ۾ شھيد ٿيل مزدورن جي رت ۾ ڳاڙھي ٿيل قميص کي جڏھن ھڪ زخمي مزدور ھوا ۾ لھرايو ته اھو رت ۾ ڳاڙھو ٿيل ڪپڙو اڄ ڏينھن تائين سڄي دنيا جي پورھيتن جو ڳاڙھو جھنڊو بڻجي ويو…

اسان جي ملڪ ۾ صنعتي مزدور ھجي يا وري ھاري ڏٺو وڃي ته شڪاگو واري مزدورن کان به وڌيڪ ڪمزور حالت ۾ آھي. ڪم جا وقت طئي ٿيل نه آھن سندن کي ملندڙ معاوضو نه ھجڻ جي برابرآھي، مشينن ۾ واڌاري سبب ھن وقت ملڪ جي اندر مزدورن لاءِ حالتون نھايت ئي غير يقيني ۽ غير محفوظ آھن.. ملڪ جي تمام وڏي صنعتي شھر ۾ مزدورن جي حيثيت ھڪ جديد غلام کان وڌيڪ نه آھي جيڪو ھر قسم جي بنيادي حقن کان محروم ھجي. صنعتي ۽ مالياتي ادارن ۾ ڏٺو وڃي ته مزدورن جي معاشي حقن سان گڏوگڏ سياسي ۽ آئيني حق به غضب ٿيل آھن، جنھن جو پورائو بين الا قوامي ليبر قانون جي تحت حاصل ھجڻ گھرجي. غيرقانوني ٺيڪيداري نظام اڌ مئل مزدور تحريڪ جي پٺ ۾ ھڪ زھريلي خنجر جو واڌارو ڪيو آھي.

مسلم ليگ ن جيڪا ملڪ اندر قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ڳالھه ڪري ٿي ان پنھنجي 116 صفحن تي مبني منشور ۾ مزدورن سان لاڳاپيل پنھنجي پاليسي ۾ صرف 12 ننڍڙين سٽن کي شامل ڪيو آھي. ان عمل منجھان اندازو ۽ سندس مزدور دلچسپي لڳائي سگھجي ٿي ته وري ساڳي حالت تحريڪ انصاف جي منشور جي پڻ آھي جنھن ۾ مزدور دشمني جو کليل ثبوت ڏيندي زھر پياڪ ٺيڪيداري نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ جي ڳالھه ڪئي آهي. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي شھر آھي اتان جي نمائندگي جي دعويدار پڻ آھي مگر جنھن بدترين اذيت منجھان ڪراچي جو مزدور گذري رھيو آھي اھا جماعت ان سموري روئداد تي خاموش رھي آھي. اھو ئي ساڳيو سندس منشور مان ظاھر ٿئي ٿو جنھن ۾ روايتي ۽ رسمي طور تي مزدورن جي مسئلي تي ڳالھايو ويو آھي ۽ مزدورن جي مسئلي جي حوالي سان سکڻا دعويٰ اھي آھن جيڪي قانون پھريان ئي موجود آھن جنھن سان ھن جماعت جو منشور مرتب ڪرڻ وارن جو مزدور قانونن سان لاتعلقي نظر اچي پئي. انھن صنعتي يونٽن ۾ مانيٽرنگ بورڊ ٺاھڻ، مناسب اجرتن جا ڍانچا، ھيلٿ انشورنس، اولڊ ايج بينفيٽس، معذوري جي پينشن جي ڳالھه ڪئي آھي جيڪا پھريان ئي موجود آھي… بدين ضلعي ۾ به مزدورن سان ناانصافيون عروج تي آھن. بدين ضلعي ۾ ھن وقت ھاري طبقي جو لاھ نڪري ويو آھي ھڪ پاسي پاڻي کوٽ ۽ ٻئي پاسي انصاري شگر ملز مزدور ۽ تلھار جي باواني شگر ملن مان مزدورن جي جبرن نيڪالي ۽ اجرتن کان محروم رکڻ وارو ڏکوئيندڙ واقعو به افسوس ناڪ واقعو آھي ڪيترائي مزدور فاقا ڪشي جي زندگي گھارڻ تي مجبور آھن. سال 2018 کان 2019 تائين مزدور طبقو بي گھر بيروزگار احتجاج ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيو آھي. بدين ضلعي جي مزدورن جو اڄ تائين ڪو به ڌڻي نه ٿيو ۽ خبر ناھي گذريل سال کان مزودرن کي بيروزگار رکڻ جا آخرڪار ڪھڙا ڪارڻ آُھن چونڊيل نمائندن به ڪا پڇا يا مالڪي نه ڪئي آھي…

پورھيت طبقي لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ وارو دور اچي ويو آھي انساني حياتيات جي بقاءُ ۽ سرمائي تي انساني محنت جي برتري 1886ع ۾ شڪاگو جي پورھيتن جي خون سان جاري ٿيندڙ تحريڪ اڄ نئين جوش جذبي سان اربين انسانن جي ھڪ نئين اميد ٿي اڀري رھي آھي جنھن جي خوشبو مسلسل باشعور جدوجھد مزدورن ۽ پورهيتن منھجان نيٺ آخرڪار پيدا ٿي پوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *