انسپائرل ڪردار محترما زاھده ابڙو
خالد پرويز
ڪو ايڏو وڏو عرصو ڪون ٿيو آهي،پر مونکي ائين لڳندو آهي ته ساڻس سوين هزارين سالن جون شناسايون هجن،مونکي لڳندو آهي ته هو اسان جي پتئ جي خاتون مان آهي.اسان جي وچ بي انتهائي عزت ۽ پرخلوص محبتن جا رشتا جڙيل آهن. ھو مونکي شديد مزاحمت پسند ڪردار ۾ نظر آئي آهي..اها مزاحمت جيڪا هر مظلوم وس آهر ظلم جي خلاف ڪندو رهيو آهي.
مان سندس شخصيت لاء اڃا تائين اهڙي ڪابه راء قائم نه ڪري سگهيو آهيان سواء انهي جي ته شايد هو هيسيتائين رڳو ترقي پسند خاتون رهي آهي. هن وٽ جي ڪو برابري جو بنياد به آهي ته ڪائنات ۾ فقط عورت ئي آهي جيڪا مرد جي برابري ڪري سگهي ٿي.هو سڄي ڪائنات ۾ جتي به عورت کي ڪنهن به مٿاهين مقام تي ڏسي ٿي ته انهي کي هاء پروفائيل ڪري ٿي.پر هو ڪڏهن به مرد بيزار روين جو شڪار ڪون رهي آهي. هن جي تحريرن مان ۽ سنجيده فورمن تي ڳالھ ٻولهه جي موضوئن ۾ عورت سان گڏ سماج ۽ سوسائيٽي جا کوڙ سارا موضوع هوندا آهن ۽ هو پوري سنجيدگي ۽ ايمانداري سان پنهنجو موقوف رکندي آھي. احساساتي طرح عورت هئڻ جي ناتي هن وٽ ڪيترا لطيف جذبا آهن جيڪي صدين کان مرد ۽ عورت کي هڪٻئي سان ڳنڍيندا اچن.منهنجو ساڻس تعلق به عجيب تعلق آهي.آء ساڻس هميشه الجهندو رهندو آهيان.هو مونکي هر جڳھ تي محسوس ٿيندي آهي.ڇو جو هن جي مزاج ۾ به مون بي انتها حقيقت پسندي ڏٺي آهي، هو دليل جي دنيا جي خاتون آهي.هن جي بند اکين ۾ رنگين خواب ناهن.پر جيڪڏهن ڪي خواب به آهن ته انهن خوابن جي ساڀيان ٿيڻ جو کيس ايترو يقين آهي جيترو صبح جو سج اڀرڻ جو آهي.هو روايتي خاتون بلڪل به ناهي،عورت هئڻ جي ناتي هن پنهنجو پاڻ کي زبردست عورت طور ثابت ڪيو آهي پر هن نقلي نفاست،ڪجل سرخيون،نفيس ڪپڙا،۽ سونن زيورن جا بار پاڻ مٿان ڪون وڌا آهن.هو نڪو سيلفين جي دنيا ۾ پاڻ کي ماڻهن جي هجومن ۾ ڏسڻ چاهي ٿي نڪو ئي وري هو پنهنجي تصويرن تي ڪنهن لائيڪ،ڪمينٽ جي محتاج آهي. ڪجھ ماڻهن ۾ ڪائنات مهڪ ڀري ڇڏيندي آهي.هو پنهنجي مثبت سوچن سان ۽ پنهنجي زبردست ويزن جي مهڪ سان مهڪندي رهندي آهي.هو پنهنجي پرنسپلز تي ڪوبه ڪمپرومائيز ڪرڻ لاء تيار ناهي.
هو چوي ٿي ته سماج ۾ جنهن ماڻهو جو جيڪو ڪردار متعين ٿيل آهي اهو ڪردار هن کي پوري ايمانداري سان نڀائڻ گهرجي.ملٽي پرسنلٽيز کي هو شخصيت کي ٽڪرن ۾ ورهائجي وڃڻ ٿي سمجهي.توهان جيڪڏهن استاد آهيو يا وڪيل آهيو،ڊاڪٽر يا انجنيئر آهيو ته پروفيشنلي توهان جو ڪردار مثالي هئڻ گهرجي ۽ پوري ايمانداري سان انهي سان نڀاء ڪرڻ گهرجي.
هن جو خيال آهي.هو هن سماج جي نام نهاد ريتن رسمن کي قبول نٿي ڪري پر انهي سان گڏ عورت جو جيڪو سماج ۾ ڀرپور ڪردار هئڻ گهرجي،انهي تي به سندس تحفظات آهن.ته سنڌي سماج ۾ عورت کي جي ڪو صحيح مقام نه به مليو آهي ته انهي جو سبب به سوسائٽي جون سڄاڻ عورتون آهن جن کي اڃا به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.هو علمي ادبي عقلي حوالي سان چوي ٿي
ته ستارون سي آگي جهان اور بهي هين.
نتيجن هو ڪنهن به وهم ۽ وسوسن کي پاڻ کان پري رکندي اچي،هن جوانسان ۽ انسانيت تي پختو ويساه آهي.سماج ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيئن ڪجي ۽ پنهنجون سڀ صلاحيتون انهي ڪم لاء ارپي ڇڏجن.هن جي جيئڻ جو انداز بلڪل به فطري لڳندو آهي،هو مون کي الائي ته ڇو آرٽ موويز جي ڪردار سميتا پاٽيل وانگر لڳندي آهي،جنهن جو هر رخ فطري آهي.هو نه رڳو سگھڙ خاتون آهي پر هن جو رول پنهنجن ٻارن جي حوالي سان به قابل فخر آهي ،هو ٺيٺ مشرقي خاتون وانگي سلجهل زال،بهتر ماء ۽ سوسائٽي جي لڳ لاڳاپن ۽ رشتن سان به بهتر انداز ۾ نباه ڪندڙن خاتون مان آهي.سندس رويا ۽ لهجا ڪڏهن به ڪنهن جي لاء دل آزار ته ٿي ئي نٿا سگهن.هو نظرياتي خاتون آهي.انهي ڪري سندس قوت فيصله به ڪمال جي آهي.هن جو ڪنهن جي به مذهبي حوالي سان ڪو واسطو ڪونهي ته ڪير صوفي سنت آهي يا ڪير ڀڳت يا مولوي آهي.پر هن جو انهي ڳالھ تي ڪوبه ڪمپرومائيز ناهي ته ڪنهن جا به نظريا ڪنهن لاء به دل آزاريندڙ هجن.پنهنجي ذات ۾ نهايت حساس هجڻ ڪري هن وٽ ڪنهن جي به عزت نفس کي مجروح ڪرڻ وارو تصور انتهائي ڪربناڪ آهي. روين لهجن ۽ عزت نفس جي تزليل کي هو انتهائي غلط سمجهندي آهي.
ٻه سال اڳم هن ٽيچنگ پروفيشن کي خير باد چئي اهو فيصلو ڪيو ته هو قلم جي ذريعي پنهنجو آواز ۽ نظريا عوام تائين پهچائيندي،هن ان سلسلي ۾ پنهنجي ويب سائيٽ قائم ڪئي ۽ اتان کان هن نه رڳو پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي پر ھمسري ويب سائيٽ سان گڏ هن پندرهن ماهوار همسري مئگزين به ڪڍڻ شروع ڪئي.
پبلشنگ ،ايڊيٽنگ،مارڪيٽنگ اهي انتهائي مشڪل ڪم هوندي به هو سڀ ڪم بنان ڪنهن ٿڪ ۽ بيزاري يا ڪنهن شڪايت جي ،خوش اصلوبي سان ۽ پرجوش نموني سان جاري و ساري ڪندي پئي اچي،ان لاء محترما زاهدا صاحبا جس لهڻي.
8 جنوري تي سندس جنم ڏينهن آهي.ستارن جي علم ۾ منهنجو ڪو يقين ڪونهي پر انهي ڏينهن يا تاريخ تي پيدا ٿيندڙ ماڻهو يا ته غير معمولي ٿيندا آهن يا غير معمولي صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن.زاهدا صاحبه کي ڏسي مون اهو ته محسوس ڪيو آهي ته هو غير معمولي صلاحيتن واري باھمت خاتون آهي کيس اڄوڪي تاريخ تي کوڙ ساريون جنم ڏينهن جون واڌايون،جتي به هجي خوش ۽ آباد هجي-
خالد پرويز
خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي ۾ ليفٽ جي شاگرد سياست ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر به رهيو آهي، سنڌي ڪالمن کانسواءِ اردو جا بلاگ پڻ لکندو آھي. سندس لکڻ جو محور، اقليتون، عورتون ۽ ٻار آهن. پاڻ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.