بلاگنئون

پيري مريدي کان پري هڪ ڪهاڻيڪار هڪ ڪردار پير عبيد راشدي

اڄ سنڌ جي اهڙي شخصيت جو پروفائل لکي رهيو آهيان، جيڪو سنڌي ادب جو من موجي شخصيت آهي، سندس ذاتي زندگي ۾ سائين جن سمنڊ جيان پنهنجن موجن ۾ خاموشي ۽ پنهنجن جلون سان وهندو ۽ پنهنجن موجن ۾ رهندو آهي، انتهائي سادي ۽ سلڇڻي طبيعت جو مالڪ عزت ۽ ادب سان پيش ايندڙ، نرم مزاجي سندس طبيعت ۾ شامل، ڪچهرين جو ڪوڏيو، کلندو ته سالن جون سانڍيل ڳالهيون ائين کولي رکندو آهي ڄڻ دل ۾ يادگيرين جون هڙون ٻڌل هجنس، اهڙو ئي سائين ادب جي دنيا جو بي تاج بادشاهه آهي، جيڪو سنڌ جو نالي وارو ۽ بهترين ڪهاڻيڪار آهي جيڪو “پير عبيد شاهه راشدي” جي نالي سان بهترين ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جڳ مشهور آهي. سنڌ جي پراڻي مشهور حويلين واري ڳوٺ پير جهنڊو شريف تعلقي نيو سعيد آباد ضلعي مٽياري جي مشهور گادي نشينى ۽ روحاني شخصيت پنهنجي تر جي وڏي ۽ مشهور زميندار (جيڪي اڃان تائين آهن) “پير سعدالله شاهه راشدي” جي وڏي حويلي ۾ 01 جون 1957 تي ٻن ڀائرن کانپوءِ ٽين نمبر تي وري هڪ پٽڙو جنم وٺي ٿو جنهن جو نالو “عبيدالرحمان شاهه راشدي” رکيو ٿو وڃي، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي ادبي نالي “پير عبيد راشدي” جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿي ٿو وڃي. پنج ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ جي وچ ۾ ٽيون نمبر سائين پير سعدالزمان شاهه راشدي جو اولاد پير عبيد راشدي به ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي چار اولادن جو والد صاحب آهي، جيڪي سڀ اعليٰ تعليم يافتا آهن. پير عبيد شاهه راشدي جي تعليم تي نظر وجهجي ته هن پنهنجي پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ پسگردائي جي اسڪولن مان حاصل ڪئي. جڏهن ته بيچلرز ۽ ماسٽرز جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيون ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان هن انگلش ۽ فرينچ ٻولين ۾ ڊپلوما ڪئي. سائين عبيد راشدي پنهنجن وڏن جي زمينن سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر هن ڪجھ وقت لاءِ نئين روشني پروجيڪٽ ۾ SDO جي نوڪري به ڪئي، پر گهڻو عرصو نوڪري نه ڪري سگهيو. پيري مرشدي وارو ڳانڍاپو به راشدي خاندان سان هميشه رهيو آهي ۽ سنڌ جي روحاني درگاهه پير سائين پاڳاري جي گادي نشيني سان وابسته رهيا آهن.

سائين عبيد شاهه راشدي کي ننڍپڻ کان ادب سان لڳاءُ رهيو ۽ هن پنهنجي ٻولي جي ادب کان سواءِ بين الاقوامي ٻولين جي ادب کي به تمام گهڻو پڙهيو آهي. صرف ويهن سالن جي عمر ۾ هن جي پهرين لکڻي نثري شاعري جي صورت ۾ 1977/78 ۾ نثار حسيني جي آگم پبليڪيشن ۾ ڇپي پوءِ ناز سنائي جي ميگزين گل ڪونڌر جي ميگزين ۽ سنڌ مان هر نڪرندڙ ميگزينن، رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مواد ڇپجندو رهيو آهي، جيڪو اڃان تائين همسري جهڙن رسالن ۾ ڪهاڻيون ڇپجن پيون. سائين لکڻ ته نثري نظم کان شروع ڪيو هو، پر هن جو لاڙو دنيا جي گهڻي نثري ڪتابن کي پڙهندي شاعري کان هٽي نثر ڏانهن ٿيو، هن وقت هن جو شمار سنڌ جي مايا ناز ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. هن وقت تائين سائين عبيد شاهه راشدي جا ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جيڪي سڀ ڪهاڻين جا مجموعا آهن: (1) ڳالهيون ڪندين ڪاڪ جون 2007. (2)  ستاويھن ڊسمبر 2022. (3) زندگي جو ڪلاسيفائيڊ پيج 2024. جڏهن ته ايندڙ ڪتابن ۾ هو آتم ڪٿائي ناول لکڻ تي طبع افزائي ڪري رهيو آهي ۽ لڳ ڀڳ چار ڪتابن جو مواد سهيڙيل اٿس، جيڪي  وقت اچڻ تي ڇپائڻ چاهي ٿو. سنڌ جو هڪ ڀلوڙ ليکڪ سائين عبيد شاهه راشدي پڙهندڙ جي حيثيت ۾ دنيا جي ادب کي پڙهيو آهي. ادب ۾ سندس پسند جا رائيٽر چارلس ڊڪسن، ميخائل چولخوف، دوستو وسڪي،  قرت العين حيدر، سعادت حسين منٽو، ڪرشن چندر، عصمت چغتائي، واجده تبسم ۽ امرتا پريتم دل وارا ليکڪ رهيا آهن. جڏهن ته ڏيهي ادب ۾ سنڌ جي سر موڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي تمام گهڻو مٿانهون درجو ڏيندي شيخ اياز، ذوالفقار علي شاهه راشدي، احمد خان مدھوش، آڪاش انصاري، ادل سومرو، اياز گل، علي دوست عاجز ۽ ٻيا به ڪيترا نالا وٺي هن سٺن شاعرن کي پسند ڪيو. ادب جي نثري دنيا ۾ شيخ اياز، امر جليل، قمر شهباز، آغا سليم، علي بابا، نسيم کرل، مدد علي سنڌي، شوڪت شورو، مشتاق شورو، صديق منڱيو، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري، شبنم گل، نورالهديٰ شاهه، سنڌيا شاهه، شبانا سنڌي ۽ نسيم ٿيٻو کانسواءِ ڪيترن ئي ليکڪن کي پسند ڪندو آهي. مون سائين کان پڇيو ته هيترن سارن اديبن کي پڙهيو اٿئو ۽ انهن کي پسند ڪريو ٿا، پر سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن اديبن کان متاثر آهيو؟

 جواب ۾ چيائين سڀ کان وڌيڪ مون کي سعادت حسين منٽو، امر جليل، نسيم کرل، علي بابا، مدد علي سنڌي ۽ آغا سليم پنهنجن لکڻين سان متاثر ڪيو. جڏهن ته سياست ۾ سائين جي ايم سيد ۽ پير سائين پاڳاري کان متاثر آهي. وڌيڪ ٻڌائيندي چيائين ته شاگردي واري زماني ۾ سياست سان لاڳاپيل رهندي، 1977/78 واري زماني ۾ “جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن” حيدرآباد جو صدر به رهيس. سنڌ جي سدا بهار شخصيت کان انٽرويو وڌيڪ دلچسپ بنائڻ خاطر ڪجھ هلڪا ڦلڪا سوال ڪيا، جنهن جي جواب ۾ هن جي پسنديده شهرن ۾ اسلام آباد، ڪوهه مري، ڪراچي ۽ ڄامشورو رهيا آهن. پسند جي خوشبو: حنا جي خوشبو، رات جي راڻي، گلاب. پسند جي موسم: بارشن جي موسم کي پسند ڪندي چيائين سياري جي موسم وڻندي نه آهي، پر سياري ۾ منعقد ٿيندڙ “مچ ڪچهريون” ڏاڍيون وڻنديون آهن. وس آهر ڳوٺ ۽ هن جي آسپاس منعقد ٿيندڙ هر مچ ڪچهري ۾ شرڪت ضرور ڪندو آهيان. رنگن  ۾ اڇو، گيڙو ۽ پيلو رنگ، پهرن ۾ صبح سوير ۽ سج اڀرڻ وارو منظر (هر روز جلدي اٿڻ ڪري ڏسندو به آهيان)، کاڌن ۾ پسند بابت ٻڌائيندي چيائين سبزي خور آهيان تنهنڪري سبزي وارا سڀ کاڌا پسند ڪندو آهيان تنهن هوندي به بار بي ڪيو به پسند ڪندو آهيان. جڏهن ته تخليقن ۾ بزرگ والدين جي تخليق، اولادن ۽ انهن جي اولادن جي تخليق کان وڌيڪ ڪا تخليق نه آهي، موسيقي ۾ کيس صوفياڻا ڪلام سنڌي ۾ ۽ ننڍي کنڊ جي موسيقي وڻندي اٿم. فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، فقير عبدالغفور، استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻي، انور وسطڙو ۽ راڳ جي راڻي عابده پروين هميشه پسند جا فنڪار رهيا آهن. سنڌ جي سدائين کلندڙ، مسڪرائيندڙ ۽ سدا خوش رهندڙ عبيد راشدي کان پڇيم ته زندگي ۾ ڪا هڪ اهڙي خوشي ملي هجي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي، جي جواب خوش ٿيندي، هڪدم کلندي ۽ بي ساختا چيائين “حج جي سعادت حاصل ڪندي خانا ڪعبه ۽ مديني شريف جي حاضري ڀريندي.” ڪو اهڙو غم جيڪو توهان کان نه وسري سگهيو هجي؟  جواب ۾ غمزده ٿيندي چيائين جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس تڏهن منهنجو وڏو ڀاءُ “پير شمس الحق شاهه راشدي” جيپ ۽ ٽرڪ جي حادثي ۾ ويهن سالن جي ڦوهه جواني ۾ اسان کان  وڇڙي ويو، انهيءَ غم کي اڌ صدي گذري وئي آهي، پر اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان ۽ ڪڏهن به وسري نٿو سگهي.

پيار ۽ محبت ڇا آهي؟

ڪڪر منجھ ڪپار

جهڙ نيڻان نه لهي

اوچتو اکيون چار ٿيڻ ۽ پنڌ اڻ پورو رهجي وڃي، اهو جذبو ڪهاڻي نظم جو مورخ ٿيو وڃي. جڏهن ته محبت ڪندڙ سائين عبيد راشدي اڍنگن روين ۽ روشن کان سخت نفرت ڪندو آهي. زندگي توهان کي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ توڪل جي تري تي گهارجي ٿي. زندگي رب سبحان جي  رضا تي راضي آھيان، رب پنهنجو فضل وڪرم فرمائي. رشتيدارن جي رشتن بابت چيائين زندگي سمجهوتي جو نالو آهي، جيترو پيار ڏيندا آهيون هن کان وڌيڪ پيار ۽ عزتون ملنديون به آهن. ڪا اهڙي خواھش جنهن جي رهجي وڃڻ تي ڏک رهجي ويو هجي؟ جواب ۾ اهو عام ۽ مشهور شعر:

“ھزارون خواهشين ايسي ڪي هر خواهش پي دم نڪلي” پڙهندي چيائين عزت ڀري زندگي گذري ۽ عزت ڀريو موت نصيب ٿئي، اها ئي خواهش اٿم. سنڌ جي عظيم ليکڪ کان آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته چيائين مان اڃان ادب جو ادنيٰ شاگرد آهيان، ڪتابن کي پڙهي پيغام حاصل ڪندو آهيان. سنڌ جو هي شاهڪار ڪهاڻيڪار جيترو طبيعتن مون موجي شخص آهي اوترو ئي دل جو دريا آهي، سندس دل سدائين ٻين لاءِ ڌڙڪندي آهي، غريبن جي مدد ڪندڙ ۽ هڏڏوکي ٿي رهڻ سندس دلي خواهشون رهيون آهن. سنڌ جو هي سدا بهار شخصيت جيتوڻيڪ چاليهن سالن کان پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچي جي پوش علائقي ۾ رهي ٿو، پر نياز پنهور چواڻي: عبيد راشدي جو ڏس پتو ڪڏهن به ڪٿي نه ملندو آهي ڪراچي ۾ ملڻ چاهيون ته پنهنجي ڳوٺ نيو سعيد آباد جي فارمن ۾ ملندو، ڪڏهن حويلين ۾ ڪڏهن هالا ۾ ڪڏهن حيدرآباد ۾ ته ڪڏهن ڪنهن مچ ڪچهرين ۾، ڪراچي ۾ ٻئي هنڌ ڪٿي ملي يا نه ملي، پر هر آچر تي صبح سوير لڳندڙ ريگل چوڪ تي ڪتابن جي لڳل بازار ۾ ضرور ملندو، پوءِ اتي ملندڙ اديبن سان ڪچهرين جا ميلا مچائي ڇڏيندو آهي. پاڻ کي ۽ پنهنجي دل کي سدا جوان سمجهندڙ ۽ رکندڙ سدائين زندگي جا جوڀن ماڻيندو رهي. سندس قلم ۾ الله پاڪ وڏي طاقت بخشي آهي، سندس ڪهاڻيون سنڌ ۽ پڙهندڙن لاءِ سرمايو آهن. منهنجي دعا آهي ته سندس قلم اڃان به زور بازو ثابت ٿئي، سندس نالو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ۽ ليکجيو وڃي ۽ ادب جي افق تي عبيد راشدي چوڏهين جي چنڊ جيان ستارن جي جهرمٽ ۾ سدائين چمڪندو ۽ جرڪندو رهي. الله پاڪ وڏي حياتي بخشيس سدائين لکندو رهي ۽ پڙهندن کي انمول ۽ لازوال ڪهاڻيون ڏيندو رهي ۽ اسان کي سندس ايندڙ ڪتاب جو انتظار رهندو. آخر ۾ سندس لاءِ دعا:

“جانب جيئن شال چمڪين چوڏهين چنڊ جيان

 جرڪايو جهان کي تنهنجي جوت جمال

ملندا ڪونه مثال ساجن تنهنجي سونهن جا.”