بلاگنئون

طبقاتي تعليمي نظام معاشري جي لاءِ ناسور

عام طور تي قومون تاريخ کان ڪو به سبق ناهن سکنديون ۽ انهن غلطين جو ورجاءَ ڪنديون آھن، جن جي سبب کان ٻيون قومون زوال پذير ٿيون. جيڪڏھن معاشري ۾ زوال جا آثار چٽا نظر اچن ٿا ته رستو اهو آھي ته ان جو ذميوار سموري معاشري کي قرار ڏنو وڃي ٿو. ليڪن جيڪڏھن معاشري جي گهرائي سان مطالعو ڪيو وڃي ۽ ان جي زوال جي سببن جو تجزيو ڪيو وڃي ته اها ڳالھه ثابت ٿيندي ته گڏيل طور تي ڪو معاشرو خرابين جو ذميوار ناهي هوندو. ڇو ته جيڪي خرابيون معاشري کي تباهي ڏانهن وٺي وڃن ٿيون. انهن ۾ به بدعنواني، عدم استحڪام، اقليت جي حڪومت ۽ اقتدار جو محدود هئڻ ۽ اڪثريت جو محرومي جو شڪار ٿيڻ خاص سببب آھن، جيڪي معاشري جي زوال واري عمل کي نهايت ئي تيز ڪن ٿا. ان ڪري انهن جي سببن جي ذميواري حڪمران اقيلتي طبقن تي اچي ٿي. ڇو ته هڪ ڀيرو جڏھن اهي طبقا دولت ۽ اقتدار حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن جي خواهش ھوندي آھي ته پنهنجي حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ اڪثريت جي حقن کي چٿي ڪري انهن کي پنهنجي اثر ھيٺ رکن ۽ پاڻ سموري قوت و طاقت جا مالڪ بڻجي وڃن.
هڪ ڀيرو جڏھن اهي حڪمران طبقا سهوليتون حاصل ڪري وٺن ٿا ته انهن جي اها خواهش ٿي وڃي ٿي ته ڪو ٻيو انهن سان گڏ بلڪل شريڪ نه ٿئي. ان ڪري اهي پاڻ ۾ ۽ عوام ۾ ھڪ حد مقرر ڪري پاڻ کي انهن کان الڳ ڪري ڇڏين ٿا ۽ پنهنجي طبقاتي سڃاڻپ پيدا ڪري ٻين طبقن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏين ٿا. جنهن جو نتيجو اهو ٿئي ٿو ته اها طبقاتي عليحدگي زندگي جي هر شعبي ۽ پاسي ۾ وڌندي وڃي ٿي. مثال طور انهن جا رهائشي علائقا، انهن جي ٻارڙن جي لاءِ تعليمي ادارا، اسپتالون، راندين جا ڪلب، ثقافتي ادارا ۽ تفريح واريون جڳهيون الڳ الڳ ٿي وڃن ٿيون. جتي ٻين طبقن جي ماڻهن کي نه ته اچڻ جي اجازت هوندي آھي ۽ نه ئي اهي مالي طور تي ان جي حيثيت رکن ٿا. معاشري ۾ طبقاتي عليحدگي اتي ئي ختم نٿي ٿئي بلڪه حڪمران طبقن جي ثقافت، رسم رواج، ادب وآداب، ڏڻ، ٻولي، لباس ۽ طور طريقا بلڪل مختلف ٿي وڃن ٿا. پنهنجي ان عليحدگي کي ۽ گڏ ئي پنهنجين سهوليتن ۽ حيثيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ اهي پنهنجا قانون ۽ ادارا تخليق ڪن ٿا. جن جي مدد سان انهن کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي خلاف هر ڪوشش وجدوجهد کي ختم ڪيو وڃي ٿو.
اسان کي تاريخ کان بهرحال اهو سبق ملي ٿو ته اهي حڪمران طبقا پنهنجي دولت، طاقت، اقتدار ۽ سهوليتن کي سدائين قائم نٿا رکي سگهن ڇو ته دولت جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ۽ سمورين سهولتن کي ڇڏي ڪري ڪجهه طبقن جي هڪ هٽي ڪرڻ سان معاشري ۾ محروميت جو احساس وڌي وڃي ٿو ۽ اھا محروميت ڏوھه، بدعنواني، لاقانونيت، جهالت، بيماري ۽ دٻاءَ جي شڪل ۾ سموري سوسائٽي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏي ٿي. حڪمران طبقن جهڙي ريت معاشري کي ورهايو آھي. انهيءَ معاشري جي اتحاد، هڪجهڙائپ ۽ ويڳاڻپ کي ختم ڪري نفرت، دشمني ۽ خودغرضي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.
ان ڪري اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته هڪ اهڙي معاشري ۾ جيڪو طبقاتي لحاظ کان ٺھيل هجي، جنهن ۾ اتحاد جون نشانيون ختم ٿي چڪيون آھن ۽ جيڪو اندر کان ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو. اهڙي معاشري ۾ اسان صرف تعليم جو سڌارو ڪري سگهون ٿا.؟ ظاھر آھي ته ان جو جواب اهوئي آھي ته تعليم ڪا الڳ شيءِ ناهي ته جنهن کي معاشري کان الڳ ڪري صرف ان جو سڌارو ڪيو وڃي. اها معاشري جو هڪ حصو آھي. ان جو هڪ عضوو آھي. ان ڪري جيستائين معاشري جي مڪمل ڍانچي ۽ ان جي سموري نظام کي تبديل نه ڪيو ويندو ان وقت تائين تعليم ۾ ڪو به سڌارو نه ٿي سگهندو. ڇوته هن وقت تعليم پستي جي شڪايت صرف اهي ڪري رهيا آھن ته انهن جي ٻارڙن کي سٺا اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ميسر ناهن، پر جن طبقن جا ٻارڙا انگلينڊ ۽ امريڪا ۾ پڙھي رهيا آھن. انهن جو اهو مسئلو ناهي. اهي تعليم جي پستي جي شڪايت صرف ان وقت ڪن ٿا. جڏھن انهن کي سٺا ڪلارڪ، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ اسٽينو گرافر نٿا ملن نه ته تعليم جو زوال ٿئي ٿو. جهالت وڌي ۽ ماڻھن ۾ ان سان گڏ ئي شعور جي کوٽ ھجي ته اهي انهن حڪمران طبقن جي لاءِ تمام سٺو ۽ بهتر عمل آھي. ڇاڪاڻ ته جاهل ماڻھن تي حڪمراني ڪرڻ ۽ انهن کي دٻائي ڪري ۽ ڇٿي ڪري رکڻ نهايت ئي آسان هوندو آھي.
اسان جي معاشري ۾ تعليم جو ٻٽو معيار ڪا نئين ڳالھه ناهي. ڇو ته ان جو تعلق طبقاتي معاشري سان هوندو آھي. مگر ان کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ ۾ برطانوي اقتدار جو مفاد پڻ ھو، ليڪن آزادي کانپوءِ به معاشري ۾ ان فرق کي برقرار رکيو ويو. ڇو ته ان صورت ۾ انهن جي حيثيت مستحڪم رهي. ان ٻٽي معيار کي وڌيڪ ان وقت سگھه ملي. جڏھن تعليم کي مڪمل طور تي اسلامي بنائڻ جو فيصلو ٿيو ۽ اھا تعليم عام اسڪولن ۽ تعليمي ادارن تائين محدود آھي. جڏھن ته حڪمران طبقن جا تعليمي ادارا ان کان محفوظ آھن. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اڪثر انگلينڊ جي تعليمي ادارن سان ڳنڍيل آھن. نصاب پڙھايو وڃي ٿو. ان ريت هڪ پاسي عوام جي سوچ کي محدود ڪيو ويو ته ٻئي پاسي جديد تعليم سان انهن جو لاڳاپو ختم ڪري انهن کي پراڻي دور ڏانهن پوئتي ڌڪيو ويو ته اهي انگريزي ميڊيم وارن اسڪولن جي ٻارڙن سان مقابلو نه ڪري سگهن.
جيڪڏھن اسان جي حڪمران طبقن ۾ تاريخ کان ڪجهھ سکڻ جو ارادو آھي ته هي وقت آھي ته اهي تاريخ کان سبق سکن. ڇو ته هڪ ڀيرو جڏھن معاشري ۾ زوال جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ امير ۽ غريب ٻئي تباهه ٿين ٿا. ڇوته ڪو به طبقو پاڻ کي ان تباهي کان نٿو بچائي سگهي. معاشري جي تحفظ ۽ بقا جي لاءِ ضروري هوندو آھي ته ماڻھن ۾ مفاهمت ۽ انهن ۾ ھڪ جهڙائپ جا جذبا هجن ۽ اهو اتحاد انهيءَ وقت قائم ٿي سگهي ٿو. جڏھن ته معاشري جي هر طبقي ۽ فرد کي هڪ جهڙا موقعا ملن ۽ سهولتن ۾ ٻٽي معيار کي هرسطح ۽ هر جڳھه تان ختم ڪرڻ نهايت ضروري آھي.
بهرحال جڏھن اسان پنهنجي معاشري جي تعليم جي حالت کي ڏسون ٿا ته ان کان ڏک ۽ تڪليف جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته مڪمل بندوبست سان تعليم کي ان حد تائين رسايو ويو آھي ته جيئن انهن سمورين ڪوششن تي جن جي نتيجي ۾ معاشرو پاڻ ئي جهالت، مفلسي، غربت ۽ بيماري ۽ بدعنواني کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿي سگهيو. ان کي ختم ڪيو ويو آھي. ڇوته معاشري ۾ شعور ۽ ڄاڻ صرف تعليم جي ڪري پيدا ٿئي ٿي ۽ تعليم ئي انسانن کي سندس بنيادي حقن کان خبردار ڪري ٿي ۽ ان ۾ اھا شديد خواهش پيدا ڪري ٿي ته اهو صرف پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪري وٺي. بلڪه معاشري ۾ هڪ جهموري معاشري جي قيام جي جدوجهد ڪري جيڪا معاشري جي هر فرد کي هڪ جهڙا موقعا ميسر ڪري سگهي. تعليم جي ڪري ئي انسان ۾ اھو احساس پيدا ٿيندو آھي ته آمراڻا ۽ مطلق العنان ادارا هن جي وجود ۽ ھن جي صلاحيتن جي لاءِ قاتل زهر آھن. ان لاءِ انهن جي جڳھه تي اهڙا ادارا ۽ روايتون قائم ٿين جن ۾ عوام جي اڪثريت جي نمائندگي هجي ۽ اهي پنهنجا مفاد پاڻ طئي ڪري سگهن. انهن سمورين خواهشن ۽ ارادن ۽ اميدن کي صرف انهيءَ صورت ۾ ختم ڪري سگهبو هو ته تعليم جون پاڙون پٽيون وڃن ۽ جهالت کي واڌ ڏني وڃي.
تعليم جيڪا هڪ مهذب معاشري جي نهايت ئي اهم حصو هوندي آھي ۽ جڏھن تعليم جو نصاب ٺاھيو ويندو آھي ته ان وقت معاشري ۾ جيڪي به سياسي ۽ معاشي مسئلا هوندا آھن. انهن جي ڀيٽ سان انهن کي ترتيب ڏنو ويندو آھي ته جيئن اها معاشري جي گهرجن کي پورو ڪري سگهن. ان سان گڏ ئي اهو به ڏٺو ويندو آھي ته عالمي صورتحال ڪيئن آھي؟ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جو رخ ڪنهن پاسي آھي؟ ته جيئن ان جي روشني ۾ اسان ڪهڙي ريت سان پنهنجي معاشري جي مفادن جو ڪري سگهون ٿا.ترقي جي رفتار جيڪا ٻين معاشرن ۾آھي. جيڪڏھن ان جو ساٿ نه ڏنو ويو ته يقينن اسان جو معاشرو پوئتي رهجي ويندو ۽ ترقي جي رفتار جو ساٿ انهيءَ وقت ڏئي سگهجي ٿو. جڏهن تعليم کي زماني جي تبديلين سان گڏ تبديل ڪيو وڃي. جيڪڏھن پنهنجي قوميت، ضرورتن ۽ عالمي لاڙن کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ ان کان هٽي ڪري الڳ تعليم جو نظام جوڙيو ويو ته ان صورت ۾ اهو ناممڪن ٿيندو ته اسان جديد چئلينجن کي منهن ڏئي سگهون ۽ اھڙا ذھن پيدا ڪري سگهون جيڪي وڌندڙ ڏکيائين کي سمجهڻ جي لاءِ لائق هجن.
خاص طور تي ٽين دنيا جي ملڪن جي لاءِ تعليم جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته انهن کي نه صرف پاڻ کي بيٺڪيتي اثرن کان ڇوٽڪارو ۡحاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي، بلڪه سامراج جي نئين شڪل سان مقابلو به ڪرڻو آھي.جيڪو انهن کي معاشي ۽ ثقافتي طور تي غلام بنائڻ چاهي ٿو ۽ گڏ ئي پنهنجن وسيلن کي به حاصل ڪرڻو آھي. ان ڪري ضرورت آھي ته تعليم کي اهڙو طريقو ڏنو وڃي، جيڪو انهن سمورين ضرورتن کي پورو ڪري.
ان سلسلي ۾ يورپ جي ملڪن ۽ آمريڪا ۽ روس جو مثال ڏئي سگهجي ٿو. جيڪي پنهنجي تعليمي نظام کي مسلسل ضرورتن جي تحت بدلائيندا رهن ٿا ۽ ان مقصد جي لاءِ مقرر وقت تي تعليم جو جائزو ورتو وڃي ٿو.نصاب کي ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان کي وقت ۽ ضرورتن جي تحت بدلايو وڃي ٿو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ترقي جي سبب کان اهو هينئر اڃا به ضروري ٿي ويو آھي ته نصاب کي بار بار تبديل ڪيو وڃي ۽ جيڪا به نئين تحقيق ٿئي ان کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي.انهيءَ لاءِ يورپ، آمريڪا ۽ روس نه صرف سائنسي بلڪه سماجي علمن ۾ ٽين دنيا جي ملڪن کان تمام گهڻو اڳتي آھن.
ٽين دنيا جي ملڪن ۽ خاص طور کان پاڪستان جو الميو اهو آھي ته هتي تعليم جهڙي شعوري شعبي کي ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيو ويو آھي۽ ان قسم جي ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي ته هتي عوام کي تعليم ڏني وڃي ۽ معاشري مان جهالت جو خاتمو ڪيو وڃي، پر بدقسمتي سان پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن منجهان هڪ آھي. جتي تعليم جي شرح وڌڻ جي بجاءِ ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿي رهي آھي. اسان وٽ ڪڏھن به ان قسم جون ڪوششون نه ڪيون ويون ته تعليم کي معاشري جي ضرورتن جي تحت جوڙيو وڃي، ڇو ته جيڪڏھن تعليم کي معاشري جي علمي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته اهڙو تعليمي نظام پنهنجو موت پاڻ مري وڃي ٿو.
برطانوي دور ۾ اسان جي معاشري ۾ جيڪو تعليمي نظام نافذ ھو. جنهن کي ٻي جنگ عظيم کانپوءِ ان لاءِ ختم ڪيو ٿي ويو ته ان جنگ کانپوءِ تبديل ٿيندڙ معاشري جي ضرورتن جي لاءِ ڪجهه نه هو. ان کانپوءِ ھندستان ۾َ جيڪو نئون شعور پيدا ٿيو ان تعليمي نظام جي اهميت کي ختم ڪري ڇڏيو. ڇوته اهو تعليمي نظام پٽيوالا پيدا ڪرڻ جي اهليت رکندو هو.
ليڪن الميو اهو آھي ته ان جي زوال کانپوءِ ان جي جاءِ تي ڪو تعليمي نظام نه جوڙيو ويو ۽ اسان ان قابل به نه رهياسين ته گهٽ ۾ گهٽ پڙھيل لکيل پٽيوالا ئي پيدا ڪري سگهون ۽ انهيءَ سببب کان حڪمران طبقن کي تعليمي نظام جي پستي جو خيال آيو ۽ ناممڪن سڌارن جي وسيلي انهيءَ کي بهتر بنائڻ جو عمل شروع ٿيو، ليڪن سڌارن جي انهن ڪوششن جي سبب کان نه صرف تعليمي نظام وڌيڪ بگڙيو بلڪه ان سموري معاشري کي متاثر ڪيو ۽ خرابيون ۽ بدعنوانيون معاشري جي هر پاسي تيزي سان نروار ٿيڻ شروع ٿيون يا ٿي ويون.
1977 ع کانپوءِ تعليم ۾ عقيدي ۽ ملڪ جي باري ۾ جيڪو مواد شامل ڪيو ويو ان جي شروعات نرسري جماعتن کان شروع ٿي وڃي ٿي ۽ اهائي معلومات يونيورسٽي ۽ پروفيشنل ڪاليجن ۾ انهن کي بار بار ڏني وڃي ٿي. شروعاتي ڪلاسن ۾ ان جو اثر اهو ٿيو ته شاگردن جو پڙھائي کان روح ئي کڄي ويو. ڇو ته گهٽ عمر شاگرد پنهنجي ذھني ترقي ۽ ارتقا سان گڏوگڏ اهڙيون شيون پڙھڻ چاهيندا هئا. جن سان انهن کي دلچسپي ھئي. ٻارڙا شروعاتي دور ۾ فطرت کان متاثر ٿيندا آھن. اهي گلن وڻن ۽ جانورن جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ چاهيندا آھن ۽ جيئن جيئن اهي پڙھن ٿا ۽ پنهنجي ماحول کي ڏسن ٿا.اهي ان جي باري ۾ وڌ کان وڌ معلومات حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.انهيءَ لاءِ جيڪي هن فطرت ۽ ماۡحول کان هٽي ڪري انهن کي ڳالهيون ٻڌايون وڃن ته ان ۾ انهن جي دلچسپي ختم ٿيندي ويندي. خاص طور تي نرسري جا ٻارڙا جن جي عمر چار سال هوندي آھي.انهن کي اهڙيون ڳالهيون پڙھايون وينديون ته تعليم کان انهن جي دلچسپي جو خاتمو ٿيڻ ضروري آھي. اهڙي تعليم اڳين ڪلاسن ۾ هجي ته بهتر آهي.
هڪ ڳالھه جيڪا ذڪر جي قابل آھي اها هيءَ آھي ته جڏھن به حڪومت جي طرف کان تعليمي نظام جو سڌارو ڪيو ويو ته نه استادن کان مشورو ورتو ويو ۽ نه ئي انهن کي اعتماد ۾ ورتو ويو، بلڪه سڌارن جو پروگرام اعلي آفيسرن انجام ڏنو. جيڪي ان کي پنهنجي ذميواري ۽ سهوليتون سمجهندا هئا ته معاشري جي هر پاسي ۾ انهن جو عمل دخل هجي. ان ڪري ايوب خان جي زماني کان وٺي ڪري هينئر تائين جيترا تعليمي سڌارا ٿيا آھن. انهيءَ جي نتيجي ۾ رهيل سهيل تعليمي نظام به ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ويو.ان جو سبب اهو آھي ته تعليم جو سڌارو روڪڻ وارن جو تعلق جنهن طبقي سان هو. ان جون پاڙون ملڪ جي عوام کان ڪٽيل هيون. ان لاءِ اهي عوامي ضرورتن ۽ عوامي مفادن کي سمجهي ئي نٿي سگهيا هئا. ان لاءِ انهن جو جوڙيل تعليمي نظام اسان جي سوسائٽي جي ضرورتن کي پورو نه ڪري سگهيو ۽ نئين نصاب جي تياري ۾ جيڪا ڳچ رقم خرچ ٿي ۽ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون اهي ڪنهن نتيجي جي بنا ختم ٿي ويون.
تعليم جي زوال جي سببن ۾ هڪ اهم سبب اهو به آھي ته اسان جو تعليمي نظام عوامي اميدن جي عڪاسي نٿو ڪري ان ۾ نه ته بنيادي حقن جو تصور آھي ۽ نه ئي جهموري روايتن جي واڌاري جي ڪا گنجائش آھي. ان ڪري رد عمل جي طور تي شروعات ۾ اسان جي تعليمي ادارن ۾ آمراڻي طرز حڪومت ۽ مطلق العنان ادارن جي خلاف شاگرد تحريڪون هلايون ته جيئن عوامي دٻاءَ کي جوڙي ڪري جهموريت جو رستو ڪڍي سگهجي. انهن تحريڪن کان ڊڄي حڪمران طبقن هوريان هوريان تعليمي ادارن ۾َ اهڙا قدم کنيا جو شاگردن ۾ بدعنواني ۽ تعليم کان دوري وڌندي وئي. شاگرد يونين تي پابندي پئي. ثقافتي ۽ ڪلچر پروگرام هڪ هڪ ڪري بند ڪيا ويا. بحثن جي موضوعن تي پابندي مڙھي وئي. سياست کي تعليمي ادارن مان روڪيو ويو۽ شاگردن کي رشوتون ڏئي ڪري پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته شاگرد مختلف گروپن ۽ پارٽين ۾ ورهائجي ويا ۽ ھڪ پاسي اهي سياستدانن جي هٿان هٿيار جي طور تي استعمال ٿيا ته ٻئي پاسي حڪومت جي ادارن انهن کي مڪمل بدعنوان بڻايو ۽ ھوريان هوريان شاگردن جي پاڪيزگي، ايمانداري، همت ۽ بهادري کي کسي ڪري انهن جو هڪ اهڙو تصور بڻايو ته جنهن ۾ شاگرد ڦورو، بدمعاش ۽ غير مهذب بڻجي ڪري اڀريو ۽ ان سان گڏ شاگرد ۽ عوام ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو. شاگردن ۽ استادن ۾ جيڪو محبت جو رشتو قائم هو. ختم ٿي ويو ۽ شاگردن مان عوام جو اعتماد کڄي وڃڻ کانپوءِ انهن جي لاءِ اهو ناممڪن ٿي ويو. اهي ذھني ۽ فڪري تحريڪون ختم ٿي ويون، جهموريت، آزادي ۽ حقن جو ڳالهيون عقل و فهم کان دور ٿي ويون.شاگردن ۾ ڪي اهڙيون صلاحيتون باقي نه بچيون ته اهي جهموريت ۽ بنيادي حقن جي لاءِ تحريڪ هلائي سگهن. ڪنهن وڃايو ۽ ڪنهن حاصل ڪيو ؟ اهو هڪ سوال آھي. جنهن جو جواب ڳولڻ جي اسان کي سخت ضرورت آھي.
ٻيو ان جو نقصان اهو آھي ته اسان ٻارڙن کي ٻي اهم معلومات جنهن جو تعلق عملي زندگي سان آھي. اهو نٿا پڙھايون ۽ نه ئي عالمي صورتحال کي ذھن ۾ رکندي دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آھي ۽ ٿي رهيو آھي ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهيون. جيتوڻيڪ ان جا ٻه نتيجا اسان جي سامهون اچي رهيا آھن. هڪ اهو ته هڪ اهڙو نسل تيار ٿي رهيو آھي جنهن کي پنهنجي آس پاس ۽ دنيا جي باري ۾ ڪا به پروڙ ناهي جيئن ان کي انهيءَ جي ته ڄاڻ ھوندي آُھي ته قاعداعظم کي ڪهڙو گل پسند هو؟ مگر هن کي اها خبر ناهي ته اسپين جي گادي جو هنڌ ڪهڙو آھي؟ ۽ اھو ته اسپين ڇا آھي ۽ ٻيو اهو ته ان تعليمي نظام انهن کي تنگ نظر، فرقه پرست ۽ بنياد پرست بڻائي ڇڏيو آھي. ڇوته انهن کي ٻي معلومات ڏني ئي نه وئي. ان لاءِ انهن جي ذھن جي ترقي کي محدود تعليم جي وسيلي روڪيو ويو آھي.
تعليمي نظام جو الميو ڪيڏانهن وٺي ويندو؟ ۽ ڇا ان کي روڪي سگهجي ٿو؟ ۽ جيڪڏھن روڪي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ؟ اهي اهڙا سوال آھن ته جن تي اسان کي ۽ ھر ان شخص کي جنهن کي هن ملڪ ۽ معاشري سان دلچسپي آھي جن کي هن ملڪ ۾ رهڻو آھي ۽ جن کي هن ملڪ ۾ پنهنجن ٻارڙن کي پڙھائڻو آھي. فڪر ۽ ويچار ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي ۡحل ۽ جوابن کي تلاش ڪرڻو پوندو.