جن به قومن انهن مدي خارج تهذيبي قدرن ۽ ورثن مان جند ڇڏائي آهي، اُهي ترقي تي آهن، جڏهن ته اسين اڃان به لڪير جا فقير ٿي اُن ورثي کي پنهنجي عظمت جو اهڃاڻ بڻائي بيٺا آهيون ۽ دنيا ۾ ترقي ۽ شعور جي مقابلي جي ڊوڙ مان گرائونڊ کان ٻاهر آهيون. ڀلا ان کان وڌيڪ جهالت ۽ غلامي ٻيِ ڪهڙي ٿيندي؟
***
بندي اُڀ ڏانهن آس وندي اکين سان نهاريندي، ٻئي هٿ مٿي کڻي انتهائي عاجزي مان اندر جي پيڙا جي ڇوٽڪاري لاءِ ٻاڏايو.
اُڀ جو غرور ڏسي ڌرتي دل ئي دل ۾ چيو، “ڪاش! منهنجو بندو مٿي اُڀ ڏانهن نهارڻ جي بجاءِ هيٺ جھڪي مون (ڌرتي) ڏي نهاري ها ته، ڪڏهوڪو سندس پيڙا ختم ٿي چُڪي ھجي ها ۽ وري ڪڏهن به ٻيهر ڀلجي کيس اُڀ ڏانهن تڪڻ جي ضرورت نه پوي ها.”
***
سڀ عقيدا، نظريا ۽ فڪر ڌرتي کانسواءِ اڻ پورا آهن. عقيدن جي سگهه جي باوجود به ڌرتي ماءُ جو تصور سڀني کان سگهارو آهي. جيتوڻيڪ ڌرتي ماءُ جو تصور ميٿالاجيڪل دور جو آهي، پر پوءِ به اِهو تصور ميٿالاجين جيان پراڻو ناهي ٿيو ۽ نه ئي وقت سان گڏ ريٽجي سگھيو آھي. ڌرتي اِنهي ڪري به اسانجي سڀ کان پياري ماءُ آهي، جو هوءِ اسانجي ماءُ جي به ماءُ آهي ۽ اسان سڀني کي سنڀالي ٿي.
***
عام و خاص هنڌن يا تقريبن ۾ مرد ڌارين عورت کي محترمه، مس ۽ ميڊم جهڙن لفظن سان جڏهن مخاطب ٿيندو آهي ته لڳندو آهي ته وٽس عورتن لاءِ تمام وڏي عزت آهي، پر گهرو (نجي) زندگي ۾ ساڳيو ئي مرد پنهنجي عورت کي بي شرمي، ڪميڻي ۽ رنڊي جهڙن لفظن سان مخاطب ٿيندو آهي، ان کي چئبو آهي پدري سماج ۾ مردانه ذهنيت جو ٻِٽو معيار.
***
آئون راڳ رقص جي سُرور ۾ گم هئس، هر پل ۽ هر ڏس سونهن ۽ پيار جي موسم هئي، جو دوست ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، “اڃان ڇو بيٺو آهين؟ محفل ته ڪڏهوڪي ختم ٿي چڪي آهي، هل ته واپس هلون.” مون آسپاس نهاريو ۽ ڇرڪ ڀريندي چيو، “او ظالم! وري ٿو جهنم ۾ اُڇلين ڇا!؟”
مون چيو، “سونهن ۽ سوڀيا جا چند پل ئي صحيح، پر اُهي انيڪ دردن تي ڀاري هوندا آهن ۽ ماڻهو کي زنده رکڻ لاءِ بتيءَ جي وٽ جيان ڪم ڏيندا آهن.”
***
ڊرامي جي آخري سين جي اختتام تي پورو هال تاڙين سان گونجي اُٿيو. ننڍڙو ٻارڙو به ڊرامو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پيءَ پنهنجي پٽ کي چيو، “هن ڊرامي ۾ ڪم ڪندڙ ڪاشف ۾ منهنجو ڪم آهي، اُن سان ملي پوءِ گهر هلون ٿا.” ائين چئي هُو ٻارڙي کي وٺي ريهرسل روم ۾ ويو، جتي ڊرامي جا اداڪار پنهنجو سامان سڙو سميٽي رهيا هئا ۽ گپ شپ به ڪري رهيا هئا. ٻارڙي کي سڀني اداڪارن کي پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ ڪچهري ڪندي ڏسي حيرت ٿي. “بابا هتي ته هيرو ولن ۽ ٻيا اداڪار به گڏ ويٺا آهن ۽ گڏ چانهه ويٺا پيئن. اسٽيج تي ته هڪ ٻئي جا جاني دشمن لڳا ويٺا هئا ۽ خوب مارا ماري پئي ڪيائون.”
پيءَ پنهنجي پٽ جي معصوميت تي مسڪرائي ڏنو، “پٽ هي ڪو پاڻ ۾ اصل دشمن ٿورو ئي آهن، هنن ته بس ڊرامي جي اسٽوري کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اِهي ڪردار پي ادا ڪيا.”
پر ٿوري دير رکي پٽ جي معصوم ۽ نا سمجهي جي سوال تي هن جو ڌيان وقت جي حڪمرانن ڏانهن کڄي ويو. اداڪارن جو ته ڪم آهي ماڻهن کي نه صرف ڊرامي جي شڪل ۾ تفريح مهيا ڪرڻ ۽ ڪونه ڪو اصلاحي پيغام ڏيڻ، پر اسانجا حڪمران ته ڪوڙا ڊرامي باز آهن. اُھي اسٽيجن تي بيهي ڪوڙا واعدا ڪن ٿا ۽ سموري عوام کان تاڙيون وڄرائن ٿا ۽ پوءِ هو وڏي مڪارانه اداڪاري سان عوام کي لٽين ٿا. سياست جي اسٽيج جا اصل هيرو ته عام ماڻھو آهن، جيڪي تاڙيون وڄائيندا رهن ٿا. پر ڇا ڪجي جيسين اُنهن کي سمجهه اچي ۽ اُهي ليڊرن جي روپ ۾ شيطانن کي سڃاڻي وٺن. جڏهن ائين ٿيندو تڏھن ئي ڊرامو ڪلائميڪس تي پهچندو، جنهن ۾ عوام هيرو جيان سوڀارو ٿيندو ۽ مڪروهه ليڊر ولن جيان بڇڙا ٿيندا.