بلاگنئون

ڊائري جا ورق

1 جنوري، 1973

نئون سال شروع ٿي ويو. سال اچن پيا ۽ سال وڃن پيا. زندگيءَ جي گاڏي تي هڪڙا بار چڙهن پيا، هڪڙا بار لهن پيا، هڪڙا مسئلا کُٽن ٿا، هڪڙا مسئلا اُٿن ٿا.

***

12 جنوري، 1973

انسان ازل جو اڃايل آهي ۽ عبد تائين اُڃايل رهندو. انساني اُڃ لهڻي ڪانهي.

***

19 جنوري، 1973

مون ۽ نورو دڪان وٺي ڇڏيو آهي. هاڻ اُن کي مڪمل ڪرڻ جي فڪر دامن گير آهي. هٿ اٽڪايو اٿئون هاڻ ڪيئن به ڪري ان کي ڪامياب بنائڻو آهي. انهيءَ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي آهي.

اسان کي فڪر آهي، صرف رقم جو، رقم جيڪا اسان وٽ في الحال بلڪل ڪونهي. اميد آهي ملڻ جي ۽ رقم ملندي به. مگر پئسا وڌيڪ ٿا گهرجن. اسان وٽ ٿورا ٿيندا. آئون وڌ ۾ وڌ ڇهه هزار ڪڍي سگهندس ۽ نورو به اٺ کن هزار پئدا ڪري سگهي ٿو. اسان کي ائين پيو لڳي ته اسان وارو دڪان ويهه هزار کن کائي ويندو. اسان کي فڪر صرف رقم جو آهي، باقي اسانجي همت ۽ اسانجي محنت تي اسان کي پورو پورو ڀروسو آهي.

توڪل تي هلون پيا، اڳيان الله مالڪ آهي. مڙئي سڻائي ٿيندي.

***

21 جنوري، 1973

زندگيءَ جو بتيلو انت بحر جي پُرسڪون لهرن تي لُڏندو، لمندو، اڳيان ئي اڳيان پيو وڌي. هن ڌرتي جي ڇاتيءَ جي ڇولين تي ڇُلندو، نامعلوم منزل ڏانهن وڌندو ٿو رهي. ڪوبه پتو ڪونهي ته منزل ڪٿي آهي، ڪابه خبر ڪانهي ته راهه ڪهڙي آهي. زندگي روان دوان آهي. ڪيڏي مهل اُتر پار جون سرد هوائون، ڏکڻ جي ڏورانهن ڏيهن ۾ کنيو وڃن ته ڪڏهن اُلهندي جون اُڇلون اوڀر جي اوچاين تي پهچايو ڇڏين.

***

24 جنوري، 1973

مونکي ۽ نورو کي اڄڪلهه پئسن پئدا ڪرڻ جو فڪر دامن گير آهي. رقم ڪمائڻ جو جنون سوار ٿي ويو آهي. اڄڪلهه اسين مايا کي ماڻڻ جي موج ۾ آهيون. مايا جنهن کي اسين پنهنجي نجي دنيا ۾ نفرت سان ڏسندا آهيون. اسانجي اندرئين روحاني نظريي مطابق مايا مُشرڪ آهي. اسان صوفيانه محفلن ۾ مايا کي پاپ سمجهندا آهيون، پر اڄڪلهه اسان کي رقم ڪمائڻ جي فڪر آهي. اسين پئسن پئدا ڪرڻ جي وٺ وٺان ۾ لڳا پيا آهيون.

***

27 جنوري، 1973

دل جي دنيا هميشه آباد رکڻ کپي. دل جي حڪمراني قبول ڪجي، دماغ جي نه. دل جيئن چوي تيئن ڪجي، پر دل ڇا ٿي چوي؟ اهو ته تمام ڊگهو سوال آهي، انهيءَ جو جواب ٿورڙن اکرن ۾ شيخ جي الفاظن ۾ ته هي آهي: دل روز چوي ٿي دور وڃان،

ڪنهن پوياڙيءَ جي پاڇي جيان،

ڪنهن ڀوري ناسي بادل تي،

دل ائين به چوندي آهي ته

او ڪام ۾ ڪونجهڙيون ترسو مان به هلان

پر! پاڻ جي لاءِ في الوقت ڪنهن ڀوري ناسي بادل تي هلڻ ناممڪن آهي، انهيءَ قسم جو ارادو صرف خام خيالي ٿيندي. ڪونجهڙيون پاڻ کي ڪام ۾ نيئڻ لاءِ ڪڏهن ڪونه ترسنديون. پاڻ کي ڪونجهه بڻجي، اڏامي وڃي ڪونجهڙين سان ملڻو پوندو ۽ پاڻ اڃان اڏامڻ بلڪل ڪونه ڄاڻون، وڌيڪ ڪوشش به ڪئي سين ته ڪنهن ڄار ۾ ڪِري پونداسين. پاڻ مجبور آهيون، نه دل جي حڪمراني ۾، نه دماغ جي زبردستيءَ ۾ پاڻ وچ ۾ منجهيا پيا آهيون، نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا، نه عقل سان، نه عشق سان. پاڻ ڪيڏي مهل دماغ جي ڌڌڪن سان ڌوڙيو ڪيو پيا هلون ته ڪيڏي مهل دل جي ديارن ۾ دور دور نڪريو وڃون. پاڻ دل جي دنيا کي پسند ٿا ڪريون ۽ اپنائڻ ٿا چاهيون، پر دماغ وچ ۾ اهڙي ٿو ٽنگ اٽڪائي جو پاڻ چوٽ کايو وڃون. زماني جو مقابلو نٿا ڪري سگهون، پر تڏهن به من اٽڪايو وجهون ۽ نتيجي ۾ مار کايو وڃون. دماغ هميشه دلين کي ڌار ڪيو آهي، دماغ دل جي دنيا کان دور کنيو وڃي، دماغ جي ڊوڙ تمام تکي آهي، جنهن سان پاڻ دل رکڻ وارا ماڻهون ڪڏهن ڪونه پهچي سگهنداسين.

***

30 جنوري، 1973

آئون ۽ نورو، فوٽو اسٽوڊيو جو دڪان پيا کوليون. اهو هڪڙو واقعو رونما پيو ٿئي، اسان جي لاءِ اهو اتفاق آهي، هڪ خواب وانگر پيو لڳي ته اسان حيدرآباد ۾ فوٽوگرافي جو دڪان پيا کوليون.

اسان جيڪي صوفي منش ماڻهو آهيون، اسين قنائت پسند انسان، اسان اڀرن سڀرن حالن ۾ زندگي بسر ڪرڻ وارا، اسان جيڪي گوڙ گهمسان ۽ هنگاما خيزيءَ جا سخت مخالف، اسان جيڪي دڪانداريءَ جي حرامپاين ۽ چالبازين کان ڇرڪڻ وارا ماڻهون، اوچتو ئي اوچتو “دي ٽائيم فوٽوز” هيرآباد جي چوڪ تي پيا کوليون. ڇا اهو خواب ناهي؟ ڇا اهو اتفق ناهي؟ ڇا اهو واقعو ڪونهي؟ انهيءَ ايڏي وڏي واقعي رونما ٿيڻ جا سبب به آهن، بنا ڪنهن سبب جي اهو واقعو ٿي ڪونه ٿو سگهي، انهيءَ اتفاق جا، هڪ اڌ نه پر باقاعدا الائي سبب آهن. منهنجا ۽ نورو جا، ٿوري گهڻي ڦيرگير سان تقريبن ساڳيا سبب آهن. ٻه سبب جيڪي سڀني کان وڌيڪ اهم آهن. پهريون ۽ وڏي ۾ وڏو نفسياتي سبب اهو ته موجوده سڌي سئين سپاٽ ۽ سست زندگيءَ ۾ ڪنهن وڏي ۾ وڏي تبديلي جي تيز تر تمنا.

ٻيون لاشعوري سبب اهو ته ڪن ڌٻايل رجحانات جي نامڪمل هجڻ جو تناءُ، ڪن اڻپوري اندروني خواهشن جي ڇڪ، ٿورو گهڻو معاش جي ذريعي جو فڪر ۽ ٿورڙو شوق. اهي آهن وڏا سبب جن مان پوءِ الائي سبب نڪري پيا آهن، ڪيترا رستا کلي پيا آهن ۽ دي ٽائيم فوٽوز پيو کلي.

***