بلاگنئون

پي ٽي آءِ تي ڏکيو وقت ختم ٿيندو؟

پي ٽي آءِ جي سر ڦرين ڪارڪنن کي فوجي تنصيبات ۽ شهيد فوجين جي يادگارن تي جنهن ۾ “جي ايڇ ڪيو، پي اي ايف بيس، بنون ڪينٽ، چڪدرا قلعو، جناح هائوس، ملتان ڪينٽ چيڪ پوسٽ، پنجاب رجمينٽل سينٽر، پي اي ايف بيس ميانوالي ۽ رجمينٽل سينٽر مردان وغيره شامل آهن. پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن انهن سڀني فوجي رهائشگاهن، آفيسن، شهيدن جي يادگارن کي به نه ڇڏيو ۽ ثابت ڪيو ته اهي پي ٽي آءِ جي چئي ۾ آهن ۽ ڪجھ به ڪري سگهن ٿا. فوجي عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 ڪارڪنن کي 9 مئي جي فسادن ۾ ملوث هجڻ تي 2 کان 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پهرين مرحلي ۾ سمورن ثبوتن کي جاچڻ، جوابدارن کي سمورن قانوني حقن جي فراهمي ۽ مناسب عمل مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 25 جوابدارن کي سزائون ڏنيون آهن. پي ٽي آءِ جي تاريخ هونئن به ڀري پئي آهي جنهن ۾ ان ڳالھ کان انڪار ناهي ته هي ڪو پرامن احتجاج ڪندا آهن يا ڪري به سگهن ٿا، ماضي ۾ عمران خان پاڻ جڏهن اڃان سرڪار ۾ اچڻ جا خواب پئي ڏٺا هئا تڏهن سول نافرماني ۽ فوجي قيادت تي تنقيد ۽ سياستدانن تي تنبيھ ۽ بنا ڪنهن جواز جي ڇنڊ پٽيندو رهندو هو، پر جڏهن اهي شيون پاڻ ڪري ويٺو ته هاڻي علي امين گنڊا پور جهڙن ماڻهن کي هشي ڏئي ٿو ڇڏي، جيڪي اهو چوڻ ۾ عار محسوس نٿا ڪن ته عمران هاڻي هٿيار کڻڻ جي رڳو اجازت ڏئي، ان ڪري ته پي ٽي آءِ جي سياسي فارمولي ۾ اها شيءِ سرفهرست آهي ته ڳالھ ڳالھ سان نبيري نه ٿي سگهجي، پر هٿيارن ۽ بندوقن سان ڳالھ نبيري سگهجي ٿي، پر سوال اهو آهي ته اهي هٿيار ڪنهن جي خلاف اڀا ڪندا، ڪير ڏوهي آهي؟ اها ڳالھ به سمجهائين ته القادر يونيورسٽي جي 10 ملين پائونڊن جي ڦٻائڻ ۾ ڪنهن جو سڌو سنئون ڏوھ آهي، فارين فنڊنگ ۾ خان کي ڪنهن مٿي تي چاڙهيو جو هن جي سابقا وني پنهنجو پاڻ يهودي ۽ اسرائيلي تنظيمن کان ان ڳالھ تي پئسا پٽڻ ۽ وٺڻ شروع ڪيا ته پاڪستان کي نئون ڪري ٺاهينداسين، ان ڪري چندو ڏيو، هن کي ڪنهن چيو ته تون توشا خانا مان تحفن جا سامان پٽي گهر کڻي وڃ ۽ 10 ملين شين جا ملھ گهٽ ڪري، انهن کي لکين رپين ۾ ڦٻائي هن کي ڪنهن ڏانئي ڏني ته فرح گوگي کي بشريٰ بيبي جي فرمائش تي دادلو ڪر، هن کي ڪنهن چيو هو ته پنهنجي ڪوڙي ٽيم ٺاهي جهانگير خان ترين کي ٽيم ۾ شامل ڪر ۽ ان کي ان ڳالھ جي به اجازت ڏي ته هو وزيرن جا جهاز ڀري تو وٽ اسلام آباد لهي ۽ تون وڻ وڻ جي ڪاٺي ملائي عارضي حڪومت اڏي ويھ جيڪا 40 مهينا به نه هلي، هن کي ڪنهن استادي ڏني ته تون آمريڪا مخالف نعرا هڻي پاڻ مڃائي ۽ پوءِ وري اسلام آباد ۾ ويهي وري آمريڪا ۽ جوبائيڊن جي ٽيم کي چئو ته هو تنهنجي حصي جي جنگ وڙهن، هن کي اها سياست ڪنهن سيکاري ته سائيفر جا الزام سي آءِ جي مٿان هڻي ۽ وري آمريڪا ڏانهن منهن ڪري چئو ته يا ٽرمپ تيرا آسرا، پر هي پاڻ سول نافرماني ڪري ڄاڻي، هي سمجهي پيو ته ڪنٽينر تي بيهي بجلي ۽ گيس جا بل ڦاڙڻ آسان آهن. هن کي اها ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته اسلام آباد ۾ ڪي پي جي ڪارڪنن ۽ منظور پشين جا پوئلڳ وٺي رياست سان مهاڏو اٽڪائيندو ته رياست ڊڄي ويندي ۽ هن کي سڀ معاف ڪندي.

هاڻي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز انهن سزائن کي ٿيل تشدد جي نتيجي ۾ احتساب ۽ انصاف کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي، جنهن کي عسڪري عدالت نفرت ۽ ڪوڙ جي مسلسل داستان سان منسوب ڪيو آهي. ڇو ته تشدد جي انهن وحشي ڪاررواين نه رڳو قوم کي صدمو پهچايو، پر سياسي دهشتگرديءَ جي ان ناقابل قبول ڪوشش کي جاچڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن تشدد ۽ جبر جي ذريعي پي ٽي آءِ جي خواهش مسلط نه ڪئي وڃي. القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ خان جي مختصر گرفتاري کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي. احتجاجن جي صورت مظاهرين فوجي تنصيبات تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي، فوجي سپاهين جي يادگارن کي باھ ڏني وئي ۽ سرڪاري عمارتن تي حملا ڪيا ويا، ان ڪري فوج 9 مئي کي ڪارو ڏينهن قرار ڏنو ۽ ان جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ جو عزم ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق 9 مئي سانحو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اونداهو باب بڻجي ويو آهي، انهن واقعن رياست کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سياسي طور تي تشدد ۽ آتشبازي کي هٿي ڏني، ان تشدد جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جا سوين ڪارڪن گرفتار ٿيا ۽ 105 ڪيس فوجي عدالتن ۾ ٽرائل لاءِ موڪليا ويا.

توڙي جو فوجي عدالتن کي سولين ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو هڪ اهم قانوني چئلينج بڻجي ويو. سپريم ڪورٽ شروع ۾ ان ٽرائل خلاف فيصلو ڏنو، پر 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ قائم ڪيل ست رڪني آئيني بينچ بعد ۾ انهن ٽرائل جي اجازت ڏني. 13 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته 9 مئي جي فسادن جي التوا وارن ڪيسن کي حتمي شڪل ڏئي فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي. گذريل سال اپريل ۾ عيدالفطر کان اڳ آرمي چيف طرفان ڏنل معافي کانپوءِ ٽن سالن کان گهٽ سزا وارن 20 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو هو. آزاد ٿيڻ جي باوجود لڳ ڀڳ 85 شڪي فوجي حراست ۾ رهيا. اپيل جي حق ۾ آءِ ايس پي آر ان ڳالھ تي زور ڏنو هو ته ٽرائل مناسب قانوني عمل کانپوءِ ڪيو وڃي. سمورن ثبوتن جي چڱيءَ ريت جاچ ڪئي وئي، جوابدارن کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو، انهن پنهنجا قانوني حق به استعمال ڪيا ۽ سزا يافتا ماڻهن کي اپيل ڪرڻ جو حق برقرار ڏنو وڃي، جيئن قانون ۽ آئين ۾ ضمانت آهي. فوجي عدالتن کان علاوه خان سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن خلاف دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 9 مئي جي تشدد جي ”ماسٽر مائينڊ ۽ پلانر“ جي خلاف ايندڙ ڪاررواين جو اشارو پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن جو امڪان عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين سينيئر شخصيتن ڏانهن آهي. آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراھ فيض حميد (جيڪو هن وقت ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي) کان به 9 مئي جي فسادن ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. فوج جو چوڻ آهي ته 9 مئي سانحي جي ماسٽر مائينڊ ۽ سازش ڪندڙن کي ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب سزا ملندي. آءِ ايس پي آر سزا کي ملڪ جي استحڪام ۽ مستقبل جي بدامني کي روڪڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو آهي، ڇو ته اهو قوم کي انصاف جي فراهمي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، اهو انهن سڀني لاءِ پڻ هڪ سبق به آهي، جيڪي ذاتي مفادن جو استحصال ڪن ٿا، اهي جيڪي سياسي پروپيگنڊا ۽ زهريلي ڪوڙ جو شڪار ٿين ٿا، اهي هاڻي مستقبل ۾ ڪڏهن به قانون کي پنهنجي هٿن ۾ نه کڻندا. فوج اهڙي تشدد جو الزام تباهي واري سياست، فرقيواريت ۽ بي بنياد پروپيگنڊا تي لڳايو آهي. عسڪري قيادت پاڪستان جي رياست جي قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ انصاف جي فراهمي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکندي، پر پي ٽي آءِ ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ الزام هنيو آهي ته اها بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ انساني حقن جي تنظيمن به ڪارروائي جي شفافيت تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.

پر پي ٽي آءِ کي هڪ ڳالھ نه ڪرڻ کپي ها جو خان پنهنجن ڪارڪنن کي هٿيارن سان ليس ڪري ڪي پي مان سنبرائي وٺي آيو، هنن سان پنجاب جو موقعي پرست ڪارڪن گڏ نه هو، پر جڏهن ڪي پي ڪارڪنن هنن جي جلسي ۾ مري ويا ته هي انهن ڪارڪنن تان هٿ کڻي ويا، ان ڪري ته موٽ ۾ انهن به رينجرس ۽ پوليس جا ماڻهو زخمي ڪيا يا ماريا ۽ پاڻ به پارٽيءَ کي نقصان ڏئي ويا، پر موٽ ۾ ٿيو ائين جو جڏهن رياست پڇا ڳاڇا ڪئي ته هي پي ٽي آءِ وارا پنهنجي ڪارڪنن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ انهن تان مورڳو ئي هٿ کڻي ويا ۽ چيائون ته اهي ڪارڪن جيڪي تشدد ۾ ملوث آهن سي هنن جا ناهن، ان ڪري انهن کي ڀلي لاتعلق سمجهيو وڃي. معنيٰ هنن به ته ايم ڪيو ايم واري ڳالھ ڪئي جو اجمل پهاڙي ۽ صولت مرزا ۽ ان سان گڏ فيصل ماڌوري ۽ ارشد ڪاڻا (۽ ٻيا الائي جي ڪيترا) جڏهن هنن جي لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ ڀتا ميڙي چونڊي ڍير ڪندا هئا، تڏهن صحيح هئا، پر جڏهن اهي سلطاني گواھ بڻيا ته هي ايم ڪيو ايم وارا انهن تان هٿ کڻي ويا ۽ ڪورٽ ۾ چيائون ته انهن سان پارٽي جو ڪو تعلق ناهي، هي به ساڳي ڳالھ ٿا ڪن ته جڏهن پارٽي جا ڪارڪن ڪي پي مان اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي نڪرن ٿا، تڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي اسٽريٽ پاور تي خوش ٿي ٿئي، پر جڏهن رياست جي طاقت جي آڏو گوڏا ٿا کوڙين ته وري پويان پير ٿا ڪن، سا ڳالھ پي ٽي آءِ کي نه ڪرڻ کپي ها، اها ڳالھ به آهي ته پي ٽي آءِ پاڻ تي سدائين ڏکيا دور پنهنجي ڪئي جي ڪري آندا آهن ۽ ڀوڳين به پاڻ ٿا، پر سياست مهلائتي نٿا ڪن.