ڪي پي ڪي ۾ پوليو جا وڌيڪ 5 ڪيس، ڪل تعداد 53

پوليو جي خاتمي واري مهم واري وزيراعظم جي ترجمان بابر بن عطا ڪي پي ڪي ۾ پوليو جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ويجهڙ ۾ ڪي پي ڪي اندر پوليو جا 5 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد ڪي پي ڪي اندر پوليو جي ڪيسن جو تعداد 53 ٿي ويو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پشاور ۾ هلندڙ سال اپريل جي مهيني ۾ پيش ٿيندڙ واقعن بعد والدين پاران پوليو جي شديد حل لاءِ هلندڙ مهم خلاف شديد مخالفت سامهون آئي آهي. جنهن بعد ڪيترن ئي والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال پوليو جا 7 ڪيس سامهون آيا هئا جڏهن ته هن سال صرف 7 مهينن ۾ پوليو جا 53 ڪيس سامهون آيا آهن. جڏهن ته تحقيق سان اهو به معلوم ٿيو آهي ته پوليو جي خاتمي واري مهم دوران انهن ٻارن کي ڦڙا نه پياريا ويا هئا. واضح رهي ته پشاور ۾ پوليو مهم دوران ماشو خيل جي هڪ اسڪول جي ٻارن جي والدين حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس تي حملو ڪيو هو. حملو ڪندڙ والدين جو چوڻ هو ته پوليو جي ڦڙن سبب هنن جي ٻارن جي حالت خراب ٿي هئي. بعد ۾ تحقيق ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته انهن ٻارن جي حالت خراب نه ٿي هئي جڏهن ته اهو سڀ هڪ ڊرامو هو. حقيقت ۾ سڀ ٻار صحيح سلامت هئا ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي به ڪئي وئي هئي. جڏهن ته هن واقعي سبب پوليو مهم ۾ شديد رڪاوٽ سامهون آئي هئي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments