بلاگنئون

ماتلي مسئلن جو قبرستان ڇو؟

خوشيون دُھلن ۽ ڌماڪن سان ملھائڻ  ان حد تائين ھر ڪنھن جو حق ٿئي ٿو، جنھن حد تائين ٻين جو آرام نه ڦٽي ۽ ٻيا ڪنھن آزار ۾ يا مستقل مصيبت ۾ نه پون، ھِن موضوع تي رائج قانونن کي کڻي، ماڻھن جي تڪليفن کي مدِنظر رکي اسان مھينن کان ھڪ مھم ھلائيندا اچون، ماتلي پوليس اُن سلسلي ۾ ڪافي ڪارروايون به ڪيون آھن، رڪشائن ۽ ريڙھن مان لائوڊ اسپيڪر لاٿا آھن ۽ ماڻھن کي اھڙين حرڪتن کان بار بار روڪيو به آھي. لائوڊ اسپيڪر جي غلط استعمال خلاف ماتلي ٿاڻي سميت ٻين ٿاڻن تي سنڌ سائونڊ سسٽم ريگيوليشن ايڪٽ 2015ع تحت ايف آءِ آرون به ٿيون آھن، ڪورٽن ۾ اھڙن ڪيسن جون ٻڌڻيون به ھلي رھيون آھن، پر ڇا چئجي “چري ڪيئن؟ چئي ويران وير وڌ” واري ڪار لڳي پئي آھي، پاڙي جي ڪنھن گھر ۾ شادي ٿيڻ تي شادي جي مقرر تاريخ کان 15 ڏينھن اڳ گھر جي ڇتين تي ايڪو سائونڊن جا ڊم رکي وڏي آواز ۾ خوشين وارا گيت وڄائي رات جو دير تائين ماڻھن جون ننڊون ۽ ٻارن جون پڙھايون متاثر ڪرڻ ھاڻ ھڪ رواج ٿي پيو آھي، ڪو پاڙي وارو ڪڇي ٿو ته ان کي دٻايو وڃي ٿو، ڪٿي ڪٿي ته پوليس جي اخلاقي ھدايت به نٿي ٻُڌي وڃي، بيشمار رڪشائن ۽ ريڙھن ۾ سائونڊ سسٽم ۽ ٽرڪن ۾ استعمال ٿيندڙ ھارون به لڳل آھن، اُھي جتي بيھن ۽ ھلن ٿا وڏي آواز ۾ موسيقي وڄائيندا رھن ٿا، نه رات ڏسن ٿا نه اذانون ٻڌن ٿا نه ئي جمع نماز جي خطبي جو احترم ڪن ٿا. قانون، ضابطي ۽ اخلاق سان گڏ انھن کي پنھنجي عزت ۽ نقصان جي به ڪا پرواھه نه رھندي آھي، قلفي، بصر، ٿوم، کجور، منجڻ، خارش جي دوائن ۽ ٻين شين وارا به لائوڊ اسپيڪرن جو غلط استعمال ڪري چوڪن تي جتي بيھڻ جو اسپيس ملي ٿو ڪلاڪن جا ڪلاڪ رڪارڊ ٿيل ڪيسٽ وڄائي شور ڪري ماڻھن کي تنگ ڪن ٿا. ھِن طرح جا مسئلا ھاڻ شدت سان پيا وڌن ۽ ماڻھن لاءِ عام عذاب ۽ آزار ٿيندا پيا وڃن، ٻيا عوام آزار مسئلا ٿوري ٿوري ڳالھه تي احتجاج ڪندي مين روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ وچ روڊن يا ماڻھن جي گذرگاھن، پُلين (مورين) تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيھي جلسا ڪرڻ وارا به عام ٿي ويا آھن، جلسو يا مظاھرو ڪري پنھنجو موقف يا مسئلو پيش ڪرڻ، يقينن جائز عمل آھي جنھن کي آئين به پروٽيڪٽ ڪري ٿو، پر اھم گذرگاھه يا مين روڊ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بلاڪ ڪري ٽريفڪ ۽ ماڻھن جي گذرگاھن کي بند ڪرڻ سان سيريئس ڪرائيم به ٿي پوي ٿو، جنھن جو ڪنھن کي به احساس نٿو ٿئي، ماڻھو سانوڻ فقير يا سمن سرڪار جي ميلن ۽ شھرن جي مستقل آبادين ۾ فرق به محسوس نٿا ڪن، جيڪو ميلن ۾ ڪن ۽ ٻڌن ٿا اھو شھرن جي بازارن ۾ به اچي ڪن ٿا. ماتلي ۾ بس اسٽاپ وارو چوڪ، ڦلڪارا چوڪ، شھر واري ڦليلي پل، باءِ پاسن وارا 2 چوڪ اھڙين غير قانوني سرگرمين جا وڏا مرڪز ٿي پيا آھن، تقريبن روز احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪيا وڃن پيا، پوليس طرفان روڊ کولرائڻ روز جو مٿي جو سور ٿيندو پيو وڃي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او پنھنجا ٻيا اھم آفيشل ڪم ڇڏي روڊ کولرائڻ لاءِ اچي مظاھرين کي منٿون ڪندا رھن ٿا، ڄڻ انھن جو ڪو ذاتي مسئلو ھجي ۽ انھن جو ڪو ٻيو آفيشل ڪم نه ھجي، ماتلي شھر ھڪ وڏو جنڪشن آھي جتان چوطرف رستا کلن ٿا، جيڪڏهن مين روڊ جو ڪو چوڪ بلاڪ ٿئي ٿو ته 4، 5 ضلعن جي ٽريفڪ رڪجيو وڃي، ھڪ ڪلاڪ ۾ چوطرف ھزارين گاڏيون جمع ٿيو وڃن، ميڊيا رپورٽر جيڪو ڏسن ٿا سو ڏيکارين ٿا، احساس کان خالي انھن جي بي رحماڻي رپورٽنگ ھڪ ٻي نوعيت جو عذاب بڻجي ٿي، اھڙا مسئلا جن جو نه ٿاڻي يا ٿاڻي جي حد سان تعلق ھجي ٿو انھن جي حل لاءِ به ماتلي جي مين چوڪن کي بلاڪ ڪرڻ جي چونڊ ڪئي وڃي ٿي. ماتلي ۾ ھڪ ٻيو مسئلو ماتلي ۽ ٽنڊو غلام حيدر ٿاڻن جي حدن جو سڀ کان وڏو آھي جن جي آبادين واري 22 ڪلو ميٽرن تائين ڊگھي بارڊر ۾ ٿاڻن جون حدون سائن بورڊن سان واضح ڪيل نه آھن، جنھن سان ٿاڻن جي حدن جا تڪرار پيدا ٿيندا رھن ٿا، سونا نگر، ماڊل ٽائون ۽ ٻيا پاڙا، ماتلي شھر جو حصو لڳن ٿا، پر انھن جي ٿاڻي جي حد ماتلي ٿاڻي جي نه آھي، روڊ جي ھڪ طرف وارا ھڪڙي ٿاڻي، تعلقي ۽ ضلعي جي حدن ۾ آھن ته ٻئي طرف وارا ٻي ٿاڻي، تعلقي ۽ ضلعي جي حدن ۾ آھن، ماتلي شھر جي وچ مان گذرندڙ ريلوي لائين يا ڪنھن ريلوي ڦاٽڪ تي ڪو ڪرائيم ٿئي ٿو ته ٿاڻن ۽ ضلعن جي حدن جا تڪرار به روز پيدا ٿيندا رھن ٿا، ڪيئي منشيات فروش منشيات فروشي ماتلي ٿاڻي جي حدن ۾ وڏي پيماني تي ڪن ٿا، پر انھن منشيات فروشن جا اڏا ۽ پناھه گاھون ٻئي ٿاڻي ۽ ٻئي ضلعي جي حدن ۾ ھئڻ سبب پوليس لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن. ماتلي شھر واري ڦليلي پل جيڪا 300 فوٽ ڊگھي ۽ 30 فوٽ ويڪري آھي، شھر جي وچ آبادي ۾ اچي ٿي ۽ ٻنھي طرفن کان وڏين آبادين جي اڪيلي گذرگاھه پڻ آھي، جنھن جو ڪو متبادل ڪلو ميٽرن جي ڊگھي ڦيري وارو ٿي سگھي ٿو، اھا پل اڄ ڪلھه جلسن ۽ ڪاروباري بازار لاءِ استعمال ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي، صبح واري ٽائمنگ ۾ اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻي جي اچ وڃ سبب ان کي ڪنھن حد تائين خالي رکيو وڃي ٿو، پر ٻنپھرن کانپوءِ ان پل تي ھڪ طرف رڪشائن جون ته ٻئي طرف ريڙھن جون قطارون لڳيو وڃن، رات جو دير تائين پل ڪنھن ميلي جي مصروف ۽ شور شرابي واري بازار جو ڏيک ڏيندي نظر اچي ٿي، وڏي آواز ۾ سناٽي ۾ موسيقي وڄي ٿي، کاڌي پيتي جي  شين جون ڄڻ ھوٽلون ھلنديون رھن ٿيون، گراھڪ پل جي ديوارن تي ويھي تفريحون ڪن ٿا ڪن ته ھاڻ ويھڻ لاءِ ڪرسين جا بندوبست به ڪري ڇڏيا آھن. سمارٽ لاڪ ڊائون واري ھِن نئين صورتحال ۾ به اھڙو سلسلو بند نه ٿيو آھي، پوليس انھن کي 10، 10 ڀيرا چئي وڃي ٿي، پر پوءِ به اُھي نٿا مڙن پنھنجو ٽائيم پورو ڪري اٿن ٿا، گراھڪن جي شڪل ۾ ڪي ڏوھاري ذھنيت جا ماڻھو به موقعي ۽ شور جو فائدو وٺي اُتي ٽائيم پاس ڪن ٿا ۽ دير سان اٿڻ کانپوءِ وارداتون به ڪندا ھوندا، پل جي ديوار لسي دِڪي وانگر ٺھيل ھجڻ ڪري ماڻھو ان تي آرام سان ويھي سگھن ٿا، جيڪو ويھڻ انتھائي رسڪي به آھي ھڪ ماڻھو اُتان ابتو ڪري ڦليلي ۾ ٻڏي فوت به ٿي چڪو آھي. ھڪ ٻيو اھم مسئلو اھو ته شادي يا ڪا ٻي خوشي شھر جي ڪھڙي به پاڙي ۾ ھجي، پر ان جو سرڪس ھميشه شھر جي ھِن وچ واري پل تي ٿيندو رھيو آھي، رات جو ڪيتري به دير ٿي وڃي، پر دُھلن، شرنائين ۽ ايڪو سائونڊ جي گاڏين وارا ھن پل تي پھچي تماشا ۽ ھلڙ بازيون ڪري مزا وٺندا آھن جنھن سان پل جي ٻنھي پاسي رھندڙ آباديون سخت متاثر ٿينديون رھن ٿيون، اهو نه وسارڻ گھرجي ته شھر جا سمورا روڊ ھاڻ دڪانن سان گڏ ماڻھن جون آباديون به آھن، ھيٺ دڪان ته مٿي ماڻھن جا گھر به آھن. ڊي سي بدين ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي کي گھرجي ته اھي قانوني قدم کڻي شھر واري مصروف ترين ڦليلي پل کي ڪاروباري بازار ٿيڻ کان بچائين ۽ ڪنھن کي به ان پل تي جلسي ڪرڻ ۽ لائوڊ اسپيڪر جي شور واري استعمال جي ھرگز اجازت نه ڏين ۽ سمورا معاملا رڳو پوليس جا نه بڻجڻ گھرجن.