جاپان جون روبوٽ گاڏيون ريوگو سيارچي تي پهچي ويون  

جاپان جون روبوٽ گاڏيون خلا ۾ سفر ڪندي ريوگو سيارچي تي پهچي ويون جتي انهن پاران چرپر شروع ڪئي وئي آهي ۽ سيارچي جون تصويرون به موڪليون آهن. خبرن موجب جاپان پنهنجو خلائي جهاز هايابوسا 2 موڪليو هو. جيڪو هلندڙ سال جون ۾ هڪ ڪلو ميٽر ڊگهي سيارچي جي مدار ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هاڻي جهاز ۾ موجود روبوٽ گاڏيون سيارچي تي پهچي ويون آهن. هنن گاڏين ۾ هڪ خاص ڪيمرا ۽ هڪ سينسر لڳل آهي. ڪيمرا ذريعي اهي سيارچي جون تصويرون زمين تي موڪلي رهيون آهن. جڏهن ته سينسر ذريعي اهي سيارچي جو گرمي پد معلوم ڪري رهيون آهن. 3 آڪٽوبر تي هايابوسا ٽو جو خلائي جهاز سيارچي جي سطح تي لهندو ۽ ان جي سطح جي مٿان ۽ اندريان پٿرن جا نمونا حاصل ڪندو. خلائي جهاز پنهنجو تحقيقي ڪم ختم ڪري 2020 ۾ زمين تي واپس ايندو.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *