نئون

رٽائرڊ ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريٽن جي اثاثن کي به ظاهر ٿيڻ گهرجي

بلوچستان نيشنل عوامي پارٽي  (بي اين پي ) مينگل جي صدر سردار اختر مينگل چيو آهي ته  ملڪ اندر رٽائرڊ ججن، جرنيلن ۽ بيوروڪريٽن جا اثاثا به ظاهر ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ملڪ ۾ سياستدانن ۾ اتحاد نه ٿيڻ سان ڪنٽرولڊ جمهوريت جي مضبوط ٿيڻ جو سبب بڻي آهي. ۽ جهمهوريت کي هميشه غير جمهوري قوتن جي حمايت جي ضرورت رهي آهي. هن قسم جي خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾  بجٽ مٿان ٿيندڙ بحث دوران ڪيو. جنهن سان گڏ انهن سڀني جي شهريتن بابت به معلومات پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ان ڳاله جو علم ٿي سگهي ته اهي ڪٿان ڪٿان جي شهريت رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته توهان ڪڏهن به ڪنهن جرنيل کي ڪنهن به ساٿي تي الزام هڻندي نه ڏسندا نه ئي ڪو بيوروڪريٽ ڪنهن ساٿي بابت ثبوت پڌرا ڪندوآهي. پر اسان سياستدان هر وقت هڪٻئي خلاف گند اڇلائيندا رهندا آهيون.هن پنهنجي تقرير ۾ اهو به مطالبو ڪيو ته گوادر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت تفصيل پارليامينٽ آڏو رکي وڃي. هن وقت ڪنهن کي خبر ئي ناهي ته اهي منصوبا قرضن سان تعمير ٿيندا يا ڪا سيڙپ ڪاري ڪئي ويندي. اهو به واضح ڪيو وڃي ته جيڪڏهن اها سيڙپ ڪاري آهي ته ان جو مقامي ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ٿيندو ۽ جيڪڏهن اهو قرض آهي ته ان کي ڪير اداڪندو. سي پيڪ ۾ گوادر  جي عوام جو ڪيترو حصو آهي ۽ آخر گوادر بابت معلومات کي خوفيا ڇو رکيو ويو آهي. بلوچستان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سڄي صوبي ۾  صرف 1800 ميگاواٽ بجلي جي ضرورت آهي پر ان کي 600 ميگاواٽ بجلي ڏني پئي وڃي. گوادر جي ترقي جي ڳاله ڪندڙ گوادرکي پيئڻ جو صاف پاڻي به نه پيا ڏين.