نيب پاران اڳوڻن آرمي آفيسرن خلاف ڪرپش جا ڪيس کوليا ويندا
نيب پاران چار آرمي آفيسرن خلاف ٻه ارب رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هي ريفرنس ڏهن سالن کان به وڌيڪ عرصي لاءِ روڪيو ويو هو ڇاڪاڻ ته ملٽري آفيسرن خلاف ڪيس نه هلايا ويندا آهن. هنن آرمي آفيسرن تي الزام آهي ته انهن مشرف دور ۾ سوين ايڪڙ زمين ملائيشيا جي ڪمپني حوالي ڪئي هئي، جنهن زمين تي گولف راند کيڏڻ جا ميدان ٺاهڻا هئا. گذريل هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته هاڻي ملٽري رٽائرڊ آفيسر ملٽري جي بچاءَ واري قانون پويان نٿا لڪي سگهن. نيب جي عيوضي چيو ته ريفرنس جنهن آفيسرن خلاف داخل ڪيا ويا آهن انهن ۾ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد اشرف قاضي، اڳوڻو ريلوي چيئرمين ليفٽيننٽ سعيدالظفر، اڳوڻو جي ايم رٽائرڊ ميجر جنرل حامد حسن بٽ، ريلوي جو اڳوڻو ميمبر برگيڊيئر اختر علي بيگ، اڳوڻو جنرل مئنيجر اقبال صمد خان، اڳوڻو ميمبر خورشيد احمد خان ۽ ٻيا شامل آهن. ياد رهي ته 2012 ۾ به انهن آفيسرن کي نيب گهرايو هو پر انهن خلاف ڪوبه قدم نه کنيو ويو هو. 14 سيپٽمبر 2012 تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران هن ايگريمينٽ کي رد ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪمپني خواهش ظاهر ڪئي ته ان معاهدي کي نئين سر ڪيو وڃي. ساڳي وقت اهو به چيو ويو هو ته هنن آفيسرن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اسپيشل ڪاميٽي جي هدايتن کانپوءِ ايف آءِ اي هڪ ڌار رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته 141 ايڪڙن جي زمين گهٽ قيمت تي وڪرو ڪئي وئي هئي جنهن سان 4.82 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو. هن عمل ۾ زمين جي قيمت 52 رپيا اسڪوائر فوٽ جي جاءِ تي 4 رپيا اسڪوائر فوٽ ورتا ويا هئا.