آمريڪي عورت سڙيل سگريٽن جا 10 لک ٽوٽا چونڊي ورتا
آمريڪا جي شهر اوبرن جي هڪ عورت سيلي ڊولي هي ڪم چئن سالن ۾ ڪيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هوءَ هڪ صفائي پسند عورت آهي. هن اهو ڪم 2014 ۾ شروع ڪيو. گذريل ڏينهن سيلي پاران 10 لک ٽوٽا کڻڻ تي هن جي دوستن پاران هڪ جشن ملهايو ويو. هن موقعي تي سيلي چيو ته هوءَ جڏهن اهڙا سگريٽ جا ٽوٽا ڏسندي هئي ته هن کي خراب محسوس ٿيندو هو ان ڪري هن اهڙو قدم کنيو آهي ۽ مسلسل چئن سالن تائين هوءَ اهو ڪم ڪندي رهي آهي. هن چيو ته هوءَ جيترا به ٽوٽا کڻندي هئي انهن جو رڪارڊ هڪ ڊائري ءَ ۾ لکندي هئي. هن ٻڌايو ته ماڻهن جي مخالفت باوجود به هن اهو ڪم جاري رکيو آهي ۽ هن جي خواهش آهي ته وڌيڪ ماڻهو به هن ڪم طرف اچن. سيلي ٻڌايو ته هوءَ هر روز ٽي هزار ٽوٽا کڻندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جو تعداد اڃان به وڌي ويندو آهي. سيلي چيو ته هن جي خواهش آهي ته ماڻهو سگريٽ پيئڻ جي عادت ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي صحت کي نقصان کان بچائين.


