بازاري شين کي واپرائڻ ۾ احتياط ڪيو
سائنس جي تحقيق مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته بازار ۾ وڪامجندڙ گهڻي ڀاڱي کاڌي پيتي جون شيون صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. ڇو ته انهن ۾ استعمال ٿيندڙ تيل يا گيهه کانسواءِ ٻيون شيون به صحت جي اصولن تي پوريون ناهن لهنديون. اهي کاڌي پيتي جون شيون حمل وارين عورتن لاءِ خاص طور تي نقصانڪار آهن، ڇو ته انهن جا اثر سندن پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار تي سڌا سنوان پون ٿا. انهن مائرن ۾ جيڪي حاملا آهن بازاري کاڌن کائڻ سبب وقت کان پهرين ٻار جي پيدائش جا امڪان وڌي وڃن ٿا جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. ڇو ته اهڙن ٻارن جو وزن گهٽ هوندو آهي سندن قوتِ مدافعت (بيمارين سان وڙهڻ جي صلاحيت) گهٽ هوندي آهي. ان ڪري گهر ۾ صاف سٿرو کاڌو، صحت جي اصولن مطابق تيار ٿيل سڄي خاندان جي صحت جو ضامن هوندو آهي.