ٿر جي آر او پلانٽ ملازمن آر او پلانٽ بند ڪري ڇڏيا
ٿر اندر صاف پاڻي فراهم ڪندڙ آر او پلانٽ جي ملازمن چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي احتجاج ڪندي ٿر جا 450 آر او پلانٽ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ٿر جا ماڻهو کوهن جو خراب ۽ ڪنهن حد تائين زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ملازمن پنهنجي پگهارن جي گهر ڪجهه ڏينهن کان ڪري رهيا هئا جنهن بابت اختيارين کان ڪوبه جواب نه ملڻ بعد انهن ڪالهه جمعي ڏينهن 450 آر او پلانٽ بند ڪري ڇڏيا. ٿر جي ڊپٽي ڪمشنر محمد آصف جميل ان ڳالهه جي پڪ ڪرائي آهي ته سڀ آر او پلانٽ بند ڪيا ويا آهن ۽ ان خبر بابت اعليٰ اختيارين کي به اطلاع ڪيو ويو آهي.

