پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

سنڌ حڪومت صوبي جو بجيٽ جمعي ڏينهن پيش ڪندي

نيئن مالي سال 20-2019 جو بجيٽ پيش ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت صوبي جو بجيٽ جمعي 14 جون تي پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جنهن وٽ سنڌ جي خزاني واري وزارت وارو قلمدان به آهي پاڻ سنڌ جو بجيٽ پيش ڪندو. جنهن بعد ڇنڇر ڏينهن هو هڪ پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو. سنڌ جي صوبائي ليبر منسٽر مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته نئين مالي سال جو بجيٽ صوبي جي محنت ڪش طبقي سميت سموري عوام لاءِ فائديمند هوندو. هن وڌيڪ چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي آهي ته نئين بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم سميت مزدور طبقي کي سهولتيون ڏنيون وڃن.