خاصنئون

پلاسٽڪ مان ٻارڻ جي تياري ۾ ابتدائي ڪاميابي

آمريڪا جي پرڊو (Purdue) يونيورسٽي جي ماهرن هڪ اهم ڪاميابي حاصل ڪندي پوليمر پلاسٽڪ جي هڪ قسم کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. جنهن سان دنيا جو 25 سيڪڙو پلاسٽڪ ٻارڻ ۾ تبديل ٿي سگهندو. هي تجربو لنڊاوينگ نالي ماهر ڪيو آهي هن جو چوڻ آهي ته هن ايجاد کانپوءِ پلاسٽڪ ريسائيڪل ڪندڙ ادارن جي منافعي ۾ اضافو ٿيندو ۽ دنيا ۾ موجود بيڪار پلاسٽڪ جي جبل ۾ به گهٽتائي ايندي. هن تجربي دوران پلاسٽڪ کي هڪ ئي وقت ۾ 500 ڊگري تي گرم ڪيو ويندو ۽ 23 ميگا پاسڪل پريشر ۾ ڪجهه ڪلاڪ رکيو ويندو جنهن سان ان جي شڪل تبديل ٿي ويندي هن قسم جي عمل کي هائيڊرو ٿرمل لڪويفڪيشن جو نالو ڏنو ويو آهي.