پاڪستاني شاگردياڻي ناسا جي خلائي انٽرن شپ لاءِ منتخب ٿي وئي
آمريڪي خلائي اداري ناسا پاران سڄي دنيا مان انٽرن شپ لاءِ 25 شاگردن جي چونڊ ڪئي آهي جيڪي ناسا جي خلائي انٽرن شپ ۾ حصو وٺندا. ناسا پاران جن 25 شاگردن جي چونڊ ڪئي وئي آهي انهن ۾ هڪ پاڪستاني شاگردياڻي رعديا عامر به شامل آهي. سندس تعلق ڪراچي سان آهي جنهن کي به ان پروگرام ۾ چونڊيو ويو آهي. رعديا عامر جي عمر 13 سال آهي ۽ هوءَ اٺين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي. هوءَ برٽش اوورسيز اسڪول جي شاگردياڻي آهي جنهن جي سپورٽ سان هن پروگرام ۾ چونڊي وئي آهي. واضح رهي ته هي پروگرام هڪ هفتي جو آهي جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاگردن کي خلا ۾ گهمڻ بابت سکيا ڏني ويندي. رعديا عامر جو چوڻ آهي ته هر انسان وانگر آسمان، ستارن ۽ ڪهڪشائن بابت منهنجي به دلچسپي رهي آهي ۽ هڪ هفتو خلا بابت سکيا وٺڻ تمام سٺو تجربو رهندو. سڄي ملڪ وارا منهنجي هن سفر جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪن.

