سعودي عرب پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي، آءِ ايم ايف جي تصديق
حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاهدي لاءِ سعودي فنڊنگ ۽ اضافي ڊپازٽ جو انتظار آهي، فيول تي سبسڊي به آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سستي پيٽرول واري تجويز کي ختم ڪرڻو پوندو، پر حڪومت ان بابت هيل تائين ڪابه حڪمت عملي تيار نه ڪري سگهي. ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنڊنگ جي حوالي سان شرط پورا ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو.

