پاڪستانخاصنيو‍‍ز

بيلجيئم جي وزير خارجه افغان عورتن جي حمايت ۾ ڳالهايو

بيلجيئم جي وزير خارجه حادجا لحبيب افغان حڪومت طرفان افغان عورتن کي اقوام متحده لاءِ ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته ”بيلجيئم افغانستان ۾ اقوام متحده لاءِ ڪم ڪرڻ وارين افغان عورتن تي پابندي جي شديد مذمت ڪئي آهي“.