خاص

گوگل جو بلوچستان جي نوجوانن لاءِ 1000 اسڪالرشپن جو اعلان

چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي سول سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي ٻڌايو ته حڪومت بلوچستان گوگل سان گڏ ايم او يو تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن تحت گوگل بلوچستان جي نوجوانن کي 1000 اسڪالرشپون فراهم ڪندو. چيف سيڪريٽري بلوچستان مطابق بلوچستان جي اسڪولن ۾ گوگل ڪمپني جي مدد سان آئي ٽي ڪلاس شروع ٿيندا جنهن لاءِ گوگل 500000 آمريڪي ڊالر فراهم ڪندو، چونڊيل نوجوانن کي گوگل جي اشتراڪ سان تربيت فراهم ڪئي ويندي.