اسرائيل ناڪامي بعد ٻيهر چنڊ تي قدم رکڻ لاءِ منصوبو جوڙي ورتو
اسرائيل پاران چنڊ ڏانهن موڪليل خلائي جهاز ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي مشن دوران تباهه ٿي ويو هو. جنهن بعد اسرائيل ٻيهر هڪ منصوبو جوڙي ورتو آهي. هن منصوبي جو نالو بريشيٽ-2 آهي. خبرن موجب اسرائيل جي سرڪاري ڪمپني اسرائيل ايرو اسپيس انڊسٽريز جي صدر مورس ڪيهن چيو آهي ته پهرين مشن تي 100 ملين ڊالرن جو خرچ آيو هو، جنهن ۾ مختلف ڪاروباري ماڻهن حصو وڌو هو. مورس چيو ته اهي ڊونر نئين منصوبي تي به خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هن جو چوڻ هو ته اسان سرڪاري پئسي تي نه ڀاڙينداسين هن وڌيڪ چيو ته بريشيٽ-2 تي جلدئي ڪم شروع ڪنداسين ۽ هن دفعي اسان اهڙو ڪم ڪنداسين جو ڪامياب ٿيون ۽ چنڊ تي پنهنجو جهنڊو لهرائينداسين. واضح رهي ته هن وقت تائين صرف ٽي ملڪ آمريڪا، روس ۽ چين چنڊ جي سطح تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته اسرائيل جو موڪليل جهاز چنڊ جي سطح تي لينڊ ڪرڻ کان اڳ ئي ڪري تباهه ٿي ويو هو.