پاڪستان جي تاريخ ۾ قتل جي ڪيس جو پهريون پرڏيهي آن ڪيمرا ٽرائيل

لاهور ۾ ناروي جي رهائشي پاڪستاني عورت جي قتل واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عالمي ڪيمرا ٽرائيل جو بندوبست ڪيو ويو ته  عورت جي قتل جي ڪيس ۾ گرفتار ملزمن کي ناروي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. لاهور جي علائقي شادره جي رهائشي ثوبيا کي ان  جي مڙس اسحاق پنهنجي نوڪر ذريعي قتل ڪرايو هيو. جڏهن ته پوليس پاران ٻنهي ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو هيو. قتل جي تحقيقات لاءِ اوسلو جي تفتيشي  پوليس ۽ شاهد ناروي کان لاهور آيا ۽ تحقيقات ڪئي. ناروي جي عدالت ۾ قتل جي مقدمي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته ڪوٽ لکپت جيل ۾ آن ڪيمرا ٻڌڻي  کي ناروي جي شهر اوسلو جي عدالت سان ڳنڍيو ويو ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي ملزم کي ناروي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. هن موقعي تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ملزم، پراسيڪيوشن ۽ گواه به موقعي تي موجود هيا. هن ٽرائيل جي آن لائين ڪرائڻ ۾ پنجاب سيف سٽي اٿارٽي جي مدد ورتي وئي هئي.واضح رهي ته ملزم اسحاق تي پنهنجي نارويجن زال ثوبيا کي چوڪيدار جي مدد سان قتل ڪرائڻ جو الزام آهي ۽ ٻئي ڄڻا هن وقت جيل ۾ قيد آهن جڏهن ته ڪيس هلندڙ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *