خاصنئون

سنڌ فاٽا ۽ بلوچستان ۾ غذائي کوٽ وڌي وئي آهي

صحت واري وزارت پاران هڪ سال اندر ملڪ ۾ ٿيندڙ سروي مطابق هڪ لک پندرهن هزار ڇهه سئو گهرن جو سروي ڪيو ويو. جنهن مطاق سنڌ، فاٽا ۽ بلوچستان ۾ غذائي کوٽ وڌي وئي آهي. هن سروي لاءِ برطانيه 9 ملين ڊالر فراهم ڪيا هئا. ڊاڪٽر بصير اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ سروي ۾ غربت جي شرح ۽ صاف پاڻي تائين پهچ کي پرکيو ويو، عورتن ۽ ٻارن جي رت جا نمونا ورتا ويا انهن جي قد، وزن ۽ ٻانهن جي پئمائش ڪئي وئي. انهن ۾ فالڪ ايسڊ آئرن زنڪ آيوڊين وٽامن اي ۽ ڊي جو مقدار به ڏٺو ويو.