خاصنئون

ٽنڊو محمد خان ۾ 13 سالن جي خانا بدوش ڇوڪري سان ڏاڍائي

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان مير ذوالفقار علي ٽالپر هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شگر مل گرائونڊ مان 13 سالن جي ڇوڪري نشي جي حالت ۾ ملي هئي. جنهن بعد ملزمن طور ٻڌايل گل حسن شيخ عرف روشن جگنو شيخ ۽ روشن شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڇوڪريءَ کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ سول اسپتال حيدرآباد موڪليو ويو آهي جنهن جي رپورٽ ملڻ بعد زيادتي متعلق فيصلو ٿي سگهندو. ٻئي طرف ڇوڪريءَ جي والد مٺو سامي جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن جي 13 سالن جي ڌيءَ جمنا سامان خريد ڪرڻ وئي هئي جيڪا شام جو شگر مل گرائونڊ مان ملي، جنهن بعد ۾ ٻڌايو ته گل حسين شيخ ۽ روشن شيخ پاران ساڻس زيادتي ڪئي وئي آهي. پوليس پاران ملزمن کي عدالت آڏو پيش ڪري انهن جو چئن ڏينهن جو جسماني رماند به وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي اطلاعات واري صلاحڪار چيو آهي ته هن ڪيس جي رپورٽ سنڌ حڪومت کي ملي وئي آهي. ٻه ملزم گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ جمنا کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ هن ڪيس جي اعليٰ سطحي انڪوائري ڪئي ويندي.