ترقي ڪندڙ ملڪن ۾جتي اولاد جو ھجڻ سماجي، معاشي ۽ مذھبي حوالي سان تمام گھڻو ضروري آھي اتي بي اولاد ھجڻ کي خوشي سان قبول نٿو ڪيو وڃي. ڊبليو ايڇ او مطابق ٻارھن مھينن تائين بغير ڪنھن احتياط جي ازدواجي تعلق رکڻ کانپوءِ به جڏھن شادي شدہ جوڙي کي اولاد نه ٿي سگھي ته انھيءَ کي بي اولادي چئجي ٿو. بي اولادي پنج ٻار پيدا ڪري سگھندڙ جوڙن مان ڪنھن ھڪ کي ٿي سگھي ٿي. بي اولاد ھجڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا، جن ۾ 30 سيڪڙو ڪارڻ عورت جي ڪنھن نقص جي ڪري جنھن ۾ موروثي بي اولادي، عورت جي عمر ۽ ڪيترائي گائني سان لاڳاپيل مسئلا ٿي سگھن ٿا. 30 سيڪڙو سبب مردن ۾ موجود موروثي سبب، اميون سسٽم جو مسئلو ۽ ٻيا ڪيترائي جسماني صحت سان لاڳاپيل مسئلا ٿي سگھن ٿا. 20 سيڪڙو سبب مرد ۽ عورت ٻنھي ۾ اولاد پيدا ڪرڻ جي سگھ نه ھجڻ ۽ 20 سيڪڙو اڻ ڄاتل سبب شامل آھن. ٻار قدرت جو حسين تحفو آھي. شادي کانپوءِ ھر جوڙي جي اھا شديد خواھش ھوندي آھي ته ھو والدين ٿيڻ جو مرتبو حاصل ڪن. شادي ۽ اولاد ٿيڻ ھر انسان جي زندگي جون اھم ۽ خوشگوار تبديليون آھن. اولاد ٿيڻ ۾ ناڪامي جي نتيجي ۾ ڪيترائي سماجي، نفسياتي ۽ جذباتي مسئلا جنم وٺن ٿا، جن ۾ سماجي تنھائي، ڊپريشن، جنسي مسئلا، گھٻراھٽ ۽ بيچيني شامل آھن. بي اولادي جسماني ۽ نفسياتي صحت سان لاڳاپيل ھڪ اھم مسئلو آھي. جيتوڻيڪ اولاد نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت ۽ مرد ٻئي مايوس، نااميد ۽ اداس ٿين ٿا، پر معاشري جا ناڪاري رويا ماءُ نه ٿي سگھڻ جي نتيجي ۾ صرف عورت جي حصي ۾ اچن ٿا. بي اولاد ٿيڻ جو ڪارڻ به عورت ۾ ڪنھن نقص يا ڪمي کي سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ جديد تحقيق ثابت ڪيو آھي ته بي اولاد ٿيڻ جو ڪارڻ مرد ۽ عورت ٻئي ٿي سگھن ٿا. اولاد ٿيڻ لاءِ مشڪل ۽ تڪليفدہ علاجن مان به صرف عورت کي ئي گذرڻو پوي ٿو، انھن علاجن دوران ھر مھيني جي اميد ۽ پوءِ نااميدي ۾ ھن کي پنھنجو وجود ڪمتر ۽ اڻپورو محسوس ٿئي ٿو. مٽ مائٽ، دوست احباب کيس ھمدردي جي نظر سان ڏسن ٿا. ھر نئين ملندڙ بيبي شاور، ڇٺي ۽ عقيقي جي دعوت ھن جي اندر ۾ موجود ماءُ ٿيڻ جي خواھش کي جاڳائين ٿيون. ھوءَ پنھنجي پاڻ کي گھر اندر قيد ڪري ماڻھن کان پري ٿي وڃي ٿي. بي اولادي جوڙي جي ازدواجي زندگي تي به ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، ھو ھڪٻئي کي ٻار نه ٿيڻ ذميدار سمجھندا آھن. ٻار ٿيڻ لاءِ عورت جن تڪليف ڏيندڙ مرحلن مان گذري ٿي انھن جي نتيجي ۾ ھوءَ ڪيترين ئي نفسياتي بيمارين جن ۾ ڊپريشن جنھن جي علامتن ۾ اداسائي، بک نه لڳڻ، ننڊ نه اچڻ، پاڻ کي گھٽ يا ڪمتر محسوس ڪرڻ ۽ اينگزائٽي جنهن ۾ ھوءَ بيچيني، گھٻراھٽ، بيقراري ۽ انديشن جو شڪار ٿئي ٿي ۽ نفسياتي دٻاءُ ۽ هيجان پڻ محسوس ڪندي آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ھوءَ مختلف جسماني بيمارين ھاءِ بلڊپريشر، السر ۽ ايسٿما، ميگرين ۽ ڪينسر ۾ پڻ مبتلا ٿي سگھي ٿي. جذبات جي جنگين ۾ سڀ کان وڏي جنگ ھن جي پنھنجي ماءُ بڻجڻ جي خواھش ھوندي آھي. ماءُ ٿيڻ جي جبلت صرف انسانن ۾ نه بلڪه جانورن ۽ پکين ۾ پڻ ھوندي آھي. ٻين کي مطمئن ڪرڻ پنھنجو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي مقابلي ۾ آسان ھوندو آھي. ننڍپڻ کان ڇوڪرين کي اھو سمجھايو ويندو آھي ته خاندان کي سنڀالڻ ۽ وڌائڻ جي ذميدار تون آھين. ٻار خاص طور سان پٽ جو اولاد نه ٿيڻ سان خاندان جو نالو، روايتون، رواج سڀ ختم ٿي ويندا، ٻار پيدا ڪري ھوءَ پنھنجي ساھورن ۽ مٽن مائٽن ۾ وڌيڪ عزت ماڻي ٿي. ائين ڪرڻ ۾ جڏھن ھوءَ ناڪام ٿيندي آھي ته قصوروار نه ھوندي به ھوءَ پاڻ کي قصوروار سمجھندي آھي. ھن نفسياتي ۽ جذباتي طور ڏکوئيندڙ وقت ۾ جيڪڏھن ڪير پنھنجو خاص طور سان لائف پارٽنر ھمدردي، پيار ڏيڻ ۽ احساس ڪرڻ وارو ھجي ته ھي ڏک ڪيتري حد تائين گھٽ ٿي سگھي ٿو. ھنن عورتن کي گھرجي ته پاڻ کي مثبت ڪمن ۾ مصروف رکن خاص طور سان باغباني، درس ۽ تدريس ۾ حصو وٺڻ، فلاحي ڪم ڪرڻ جھڙين مصروفيتن سان ھو ڪيتري حد تائين نفسياتي مسئلن کان پاڻ کي بچائي سگھن ٿيون. جيڪڏھن ھن جو ڊپريشن ڪلينڪل ڊپريشن ۾ تبديل ٿي وڃي يعني ڇھن مھينن تائين ختم نه ٿئي ته ھن کي ڪائونسلنگ سيشنز يا سائڪو ٿراپي ڪرائڻ گھرجي.
***