خاصنئون

فوجي عدالتن جي مدي ۾ اضافي لاءِ سڀني پارٽين جو اتفاق ڪرڻ لازمي آهي،  فواد چوڌري

اطلاعن واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته فوجي عدالتن جو قيام غير معمولي حالتن ۾ ورتل هڪ غير معمولي قدم هيو. اسان سمجهون ٿا ته فوجي عدالتن مان ڪامياب نتيجا مليا آهن ۽ اسان کي اڄ به فوجي عدالتن جي ضرورت آهي. اسان دهشت گردي کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو اچي چڪا آهيون ۽ اهو سمجهون ٿا ته عدالتن جي مدي ۾ واڌ ضروري هئي ۽ هن وقت به اسان کي فوجي عدالتن جي ضرورت آهي.  پر جيڪڏهن هن معاملي تي سياسي پارٽين  وچ ۾ اتفاق نه ٿيو ته  پوءِ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. حڪومت ڪوشش ڪندي ته هن معاملي تي سڀني پارٽين وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، پر جيڪڏهن پارٽين ٺيڪ نه سمجهيو ته پوءِ عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته 16 ڊسمبر 2014 تي  پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن پاران حملو ڪيو ويو هيو. جنهن بعد نيشنل  ايڪشن پلان  جوڙيو ويو ۽ دهشت گردن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ فوجي عدالتون قائم ڪيون ويون هيون.