رحيم يار خان ۾ ٻن ٽرينن ۾ ٽڪر 11 ڄڻا فوت

رحيم يار خان لڳ ڪوئيٽا ويندڙ اڪبر ايڪسپريس ولهار ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 66 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس ترجمان مطابق حادثي ۾ اڪبر ايڪسپريس جون مختلف بوگيون ڪلٽي ٿي ويون آهن ۽ انجڻ کي به شديد نقصان پهتو آهي. حادثي جي زخمين ۽ فوتين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. ڊي پي او رحيم يار خان محمد سلامت مطابق ابتدائي معلومات مطابق ٽرينن جي وچ ۾ افسوسناڪ حادثو سگنل تبديل نه ڪرڻ سبب پيش آيو آهي. جڏهن ته ضلعي پوليس حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ تحقيقات ڪري رهي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ۽ ريلوي واري وزير شيخ رشيد حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، شيخ رشيد زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي حادثي بابت اعليٰ سطحي تحقيق جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *