ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي
سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جا ننڍا وڏا شهر سبز هلالي رنگن سان جرڪي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ 31 توپن ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان قومي ڏهاڙي جي شروعات. مزارِ قائد ڪراچي ۽ مزارِ اقبال لاهور ۾ گارڊن جي تبديليءَ جون باوقار تقريبون.

