پاڪستان کي ڪمزور ڪندڙن جو مقابلو ڪبو، قوم ۽ فوج ۾ ڏار جون ڪوششون ناڪام ٿينديون: آرمي چيف عاصم منير
پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان کي ناڪام بنائڻ جي خواهشمند قوتن سان مقابلو ڪنداسين. قوم ۽ فوج وچ ۾ ڏار وجھڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون. ملڪ جي 76هين آزادي ڏڻ جي موقعي تي ڪاڪول اڪيڊمي ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته قوم کي 76هون آزادي ڏڻ مبارڪ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ ڌرتيءَ سان وچن جي ورجاءُ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته پاڪستان ٻه قومي نظريي جي بنياد تي ٺهيو آهي. اسين اندروني ۽ بيروني دشمن کان چڱي ريت واقف آهيون. پاڪستان کي مستحڪم، مضبوط ۽ معاشي طور ترقي ڏيارڻ اسان جو عزم آهي. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسين هن وقت هڪ اهم ۽ ڏکئي دور مان گذري رهيا آهيون. پاڪ فوج ۽ عوام هڪ هئا ۽ هڪ ئي رهندا. اسين پاڪستان کي ناڪام ڪرڻ جي خواهش رکندڙ قوتن سان مقابلو ڪري رهيا آهيون، پر هن موقعي تي پنهنجي قوم کي اميد جو پيغام ڏيان ٿو. خوف ۽ مايوسي پکيڙيندڙ عناصر ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. اسين قائد اعظم جي قول ”پاڪستان کي ڪا قوت مٽائي نٿي سگھي“ جا امين آهيون. ڪو به ملڪ يا قوم چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ڪجهه عنصر معاشري ۾ نااميدي پکيڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسان کي انتهاپسندي ۽ جنگي جنون جهڙا چئلينج سامهون آهن. يقين ڏياريان ٿو ته دهشتگرديءَ جي بزدلاڻين ڪارروائين خلاف ڪامياب وينداسين. هن چيو ته اسان جي پاڙيسري ملڪ اسان جي آزاديءَ کي اڃان تسليم ناهي ڪيو. پاڪستان کي تسليم نه ڪندڙ ملڪ علائقي جي امن لاءِ هميشه خطرو رهيو آهي. اسان جو ازلي دشمن هندتوا جي تابع آهي، هندتوا جي قدمن تي دنيا کي ڌيان ڏيڻ گھرجي. اسان کي سياسي، معاشي چئلينج اڳيان آهن. طاقت حاصل ڪرڻ جي ڪشمڪش، تسلط پسندي، دهشتگردي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا عوام ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن. يقين ڏياريان ٿو ته دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين.