خاص

آئين رستي اقتدار ۾ آياسين، سياست بدران رياست بچائي: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سندس پارٽي آئين رستي اقتدار ۾ آئي. ساڳي طرح وڃي پئي. پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته 16 مهينن جي ڏکئي سفر بعد حڪومت نگران حڪومت حوالي ڪري رهيو آھيان. آئين جي رستي سان آيا هئاسين اپوزيشن ليڊر سان مشاورت ۾ انورالحق ڪاڪڙ جي نالي تي اتفاق ٿيو، ان جو تعلق بلوچستان سان آھي، هن چيو ته وقت ۽ رڪارڊ گواهي ڏيندو ته مختصر مدي ۾ پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچائي پاڪستان جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي  ايندڙ بدترين طوفانن کان بچايو آھي ۽ ان کي پر امن نموني ڪنارن تي واپس آندو. جيڪڏهن اسان حڪومت ۾ اچڻ بعد فوري چونڊون ڪرايون ها ته سياسي فائدو ٿئي ها، پر اسان رياست بچائڻ جو فيصلو ڪيو. وقت ثابت ڪيو ته اسان درست فيصلو ڪيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مهانگائي جوڳي رفتار سان گهٽ نه ٿي جو اڳوڻي حڪومت بارودي سرنگون وڇايون، آئي ايم ايف جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. وطن دشمن، ملڪ ۾ اهي منظر ڏسڻ پئي چاهيا، جيڪي دنيا سريلنڪا ۾ ڏٺا، 14 آگسٽ تي ملڪ کي 76 سال مڪمل ٿي رهيا آھن. قوم کي مبارڪ ڏيان ٿو.

انوار الحق ڪاڪڙ محب وطن شخص آهي. سمورين جماعتن طرفان انوار الحق ڪاڪڙ  جي نالي تي اعتماد جو اظهار اسان جي بهتر چونڊ جي علامت آهي. اميد آهي ته نگران وزيراعظم ملڪ ۾صاف ۽  شفاف اليڪشن جي بندوبست کي يقيني بڻائيندو.