خاص

مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو، سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي اهم خط لکي ڇڏيو

سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي خط لکي مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. خط لکيو ويو آهي ته صوبي ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ هن وقت ممڪن ناهن. خط ۾ سنڌ پوليس طرفان گهرو کاتي کي لکيل خط کي بنياد بڻايو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ پوليس به ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي. اي آءِ جي آپريشنز حيدر رضا طرفان گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ اپيل ڪئي وئي ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو ٿيڻو آهي، پر ان لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ممڪن ناهن. صوبائي گهرو کاتي کي اپيل ڪئي وئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينن لاءِ چونڊن کي ملتوي ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ڪوارٽرز سان اهو معاملو اٿاريو وڃي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.