ڊائري جا ورق
(ڀوَن سنڌي)
ڪير مون کان جيڪڏهن منهنجي پهرين ۽ آخري خواهش پڇي ته آئون هڪڙو ئي جواب ڏيندس تخليق کي موت نه اچي.
***
پنهنجين ناڪامين کي مايوسين جي حوالي نه ڪريو، ڇو جو ٻيلي کي آگ لڳائڻ لاءِ ماچس جي هڪ تيلي ئي ڪافي آهي.
***
هڪ پل جيڪو جيون کي اونداهين، گهرين غفائن ۾ وٺي وڃي ٿو. جتان واپسي جو رستو ممڪن ناهي ۽ هڪ پل جيڪو جيون کي اٿاهه اسرارن ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ اڻ ميون خوشيون عطا ڪري ٿو. فيصلو توهان تي آهي ته توهان پاڻ لاءِ ڪهڙي پل جي چونڊ ڪريو ٿا.
***
علم فزڪس جي مطابق هڪ جسم جيڪڏهن ڏکڻ طرف 200 ميٽر حرڪت ٿو ۽ واپس موٽي اُن جاءِ اچي ٿو ته ڪيل ڪم ڪجهه به نه (Zero) ٿيو. آئون نٿو مڃان. سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته ”ڀلي ڀلي جا پاڻ آئي سا ڀلي نه چئبي“
***
خوبصورتي روح کي روشن ڪري ٿي. روح سچ کي نکاري ٿو ۽ سچ جي رستي تي هلندڙ امرتا پائي ٿو.
***
اُهو پل جنهن ۾ توهان ڪنهن چڱي ڪم لاءِ سوچيو ٿا، اوهانجي معمول جي زندگي جي هزارين پلن کان بهتر آهي.
***
قلم ويد ۽ پراڻ ته لکي سگهي ٿو، پر اُهو ماءُ جي دل جي گهرائي کي ڪڏهن به بيان ڪري نٿو سگهي.
***
ٻين تي نه ڀاڙيو، ائين ڪرڻ سان توهانجي قوت مدافعت ختم ٿي ويندي.
***
ننڍڙيون غلطيون يا ننڍريون دشمنيون وڏين غلطين ۽ وڏين دشمنين کان زياده خطرناڪ هونديون آهن. ڇاڪاڻ جو وڏيون غلطيون يا وڏيون دشمنيون سزا يا جنگ جي صورت ۾ پنهنجي اختتام تي پهچنديون آهن، پر ننڍيون غلطيون يا ننڍيون دشمنيون سماج کي آهستي آهستي اڏوهي وانگي اندرائي اندران کوکليون ڪنديون وينديون آهن ۽ هڪ ڏينهن پورو سماج اچي پٽ پوندو آهي.
***
ڀل چور ٿيان غدار ٿيان
پر سنڌڙي جو غدار نه ٿيان
مان هن قسم جي شاعري کي قبول نٿو ڪري سگهان، منهنجي نظر ۾ حب الوطني/قوم پرستي جي هي مجرمانه پهچ (Approach) يا سوچ آهي، جيڪا ڪڏهن به مثبت نتيجا نٿي ڏيئي سگهي.
***
سياستدانو! توهان ڀلي اين آر او پاس ڪرائي پنهنجا قرض ۽ سزائون معاف ڪرائي پاڻ کي ڌوئي پوئي وري اڇو اُجرو ڪري ڇڏيو. پر ٻيو نه، ته به اين آر او ۾ ڪم از ڪم غريب لاءِ هڪ روٽي جي ضمانت ته ڏيو ها.
***
بارش ڌرتي جي سيني تي گند ۽ ڪچري کي لوڙهي ۽ فضا مان گُهٽ ٻوسٽ کي ختم ڪري ماحول خوشگوار بنائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن اسانجو عوام ويڪو وڏيرن ڪرپٽ ڪامورن ۽ سفاڪ سياستدانن کي لوڙهي، امن ۽ آشتي جي بارش وسائيندو؟
***
ايڏي گهري سانت (خاموشي)! ڇا حياتي کي ڳڙڪائي ويندي؟ يا ڪنهن سقراط جو جنم ٿيڻ وارو آ!؟
***
ڪوبه نظريو/عقيدو عشق بنا اڻپورو/اڌورو آهي.
***
اسان جي وسيلن تان اسانجي مالڪي کسجي رهي آهي. اسانجي ڌرتي تي ڌارين جي والار تيزي سان ٿي رهي آهي. اسانجا پنهنجي ڌرتي تان پير کسڪي رهيا آهن ۽ اسان دنيا جهان کان بي پرواهه نسلي ۽ قبائلي جهيڙن ۾ ورتل آهيون ۽ پنهنجي تهذيبي ورثن جي عظمت جي خام خيالي ۾ مبتلا اگهور ننڍ ۾ ستل آهيون.
مون کي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي ماڻهن جي هي حالت ڏسي روم جو اُهو دور/واقعو ياد اچي رهيو آهي ته جڏهن روم جلي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو.
***