ڊائري جا ورق
(خواجه غلام علي کوساڻي)
24 نومبر 1992
خيرالنساءَ جعفري (گُڏي) سان سُرهي سانجهه زبيده ڪاليج ۾ ملهائي ويئي. سڀ کان سٺو، جناب رسول بخش پليجي صاحب ڳالهايو.
***
30 نومبر، 1992
پليجي صاحب چيو: مونکي ڏاڍو ڏک ۽ سخت ارمان تڏهين ٿيندو آهي جڏهن مان چڱن ڀلن ماڻهن، پڙهيلن ۽ سمجهدار ماڻهن کي ٻچاپڙي ڪندي، منافقي ڪندي، مس مس ڪندي، سج جهڙي روشن سچ کي لنوائيندي ۽ ڪوڙ کي شڪ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. چوندا، ادا جي ايم سيد به سچو، پليجو به درست، ممتاز ڀٽو اهو به لڳي ته مڙس ماڻهو آهي، ادا مائي، مائي ته ملوڪ پر همراهه خراب اٿس… مطلب ته، عام سطحي سوچ ته ادا سڀ غلط آهن، ڪي وري اها پروپيگنڊا ڪندا وتندا ته ابا ڪجهه ڪونه ٿيندو، ماٺڙي ڪري وڃي پنهنجو گهر ڀريو. ڇا جي سياست، ڇا جي قوم ۽ عوام. ڪير به مخلص ڪونهي سڀ حرامي آهن.
اها سوچ عام سوچ آهي ۽ اها انتهائي افسوسناڪ سوچ جيڪا گهڻو ڪري وچئين يا مٿئين وچئين طبقي ۾ عام آهي…
تمام گهٽ آهن اهڙا ماڻهو، جيڪي سچ کي ۽ حق کي هڪ وار ٺوڪي ٺاهي، وڄائي ۽ پرکي پوءِ قبول ڪندا آهن ۽ ان تي پوري اعتماد ۽ يقين سان عمل ڪندا آهن ۽ ڪامياب ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهو منافقي، ٻچاپڙي ڪندا آهن، اُهي ڪوڙا ۽ غدار ٿيندا آهن.
***
7 ڊسمبر، 1992
هندستان ۾ هندو انتهاپسندن بابري مسجد ڊاهي ڇڏي. سوين معصوم انسان اڄ جي جديد دور ۾ پراڻي ڌرمي ڪٽر پڻي جو شڪار ٿي قتل ڪيا پيا وڃن، انسان پنهنجن هٿن سان، ساڳئين پاڻ جهڙن جيئرن انسانن کي پيا مارين، رت وهائين. ائين جيڪر ڪو جانور به ڪونه ڪري. ڪو ڪُتو ٻي ڪُتي کي ڪونه ماريندو. ڪوبه جانور، گهوڙو ڍڳو، اُٺ وغيره وغيره. پنهنجي هم جنس کي قتل نه ڪندو. پر انسان جيڪو پاڻ کي اشرف المخلوقات ٿو سڏائي، پاڻ کي عقل ڪُل ٿو سمجهي ۽ وري پنهنجي هٿن سان پاڻ ٿو پاڻ کي ئي ماري. لالچ، لوڀ، ۽ حوص جو شڪار بڻجيو وڃي.
اسان وٽ علم جي کوٽ ان قسم جي جاهلي جو سبب آهي.
***
31 ڊسمبر، 1992
سال جي آخري شام حيدرآباد جي محب وطن سنڌين جو ننڍڙو اجتماع ون ڊش پارٽي محترم رسول بخش پليجو وارن سڏائي جنهن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو به شريڪ ٿيو، دعوت ته 50-60 ماڻهن کي هئي، پر آيا صرف 20 يا 25 ماڻهو جن ۾ اٺ ڏهه عورتون به هيون، مقصد صرف گڏجي گپ شپ ڪرڻ هو.
محترم پليجي صاحب جو خيال هو ته، حيدرآباد شهر جيڪو اسانجو شهر آهي، ان ۾ سنڌين کي جيڪي گهرن ۾ غرق آهن. سماجي ثقافتي ادبي ۽ موسيقي جي محفلن جي پيدا ڪيل موقعن تي گڏ ڪجي، متحد ڪجي ۽ اهڙي ريت سُتل، ڊنل هيسيل سنڌين کي پنهنجن شهرن جو مالڪ بنائجي.
ان لاءِ اول مرحوم استاد بخاري تي ليڪچر جو پروگرام رٿيو ويو، جنهن کانپوءِ راڳ جي محفل ٿيندي.
بهرحال، اُتان اسان اٺين بجي واپس آياسين ته رئوف فون ڪري دعوت ڏني ته هڪدم نور محمد ۽ مان هن وٽ پهچون، هن سال جي آخري رات تي کائڻ پيئڻ جو سٺو انتظام ڪيو هو. ۽ پوءِ اسان نئين سال جو جام سنڌ جي عظيم آرٽسٽ فنڪار اديب ۽ استاد مرحوم محترم ع.ق شيخ جي نالي تجويز ڪيو. ساڍي ٽين بجي تائين محفل رهي.
شام واري ون ڊش پارٽي ۾ هڪ ڇوڪري … جيڪا صحافي هئي، ڏاڍي سٺي هئي ۽ هن مون ۾ ڏاڍي دلچسپي به ورتي، هر ڀيري مون ۾ ڏسندي، اکين جي چوري جهلجي ٿي پئي.
***