شاعري
شاعري
عاجز عزيز
اوهان جي اکين ۾ وفا جا خزانا
ملي ويا اسان کي دوا جا خزانا
اوهان جي چپن ۾ الائي ته ڇا هو
چمين چاهتن جي عطا جا خزانا
هتي بس جفا کي لکي ڇيھ ڪن ٿا
اٿي شاعرن وٽ گلا جا خزانا
حسن لئه لکون ٿا حسن لئه پڙھون ٿا
غزل ۾ پڙھي ڏس ثنا جا خزانا
ڪڪر ڀي وسن ٿا گجن ٿا اڏن ٿا
کڻي پاڻ سان گڏ هوا جا خزانا
گلن تي ڀرن ڀونر ڪيڏا وٺن ٿا
سندن واس مان ئي جلا جا خزانا
ڇپر ۾ ڇپائي رکو نينڍ جيڪا
اهي ئي امر هن ادا جا خزانا
***
غزل
قاصر اياز ميمڻ
هي منهنجي دل هئي ڪو ڪتاب نه هو
ڦاڙي وئين ائين تون ڪو باب نه هو
منهنجو جوڀن ويو هو جهنم بنجي
تنهنجي اڳيان جانم هي عذاب نه هو
نازڪ دل منهنجي لُٽي تو سر بازار ۾
مُک تنهنجي تي جانا نقاب نه هو
مون درد ٻُڌائڻ جي ڪئي ڪوشش
مگر تو وٽ مون لاءِ جواب نه هو
تنهنجو پار پڇائڻ لاءِ نڪري پيس
پر ڪو ساٿي منهنجو احباب نه هو
ڳولا جو مسافر ڀٽڪيو هو راهن ۾
درد جو ڪو دلبر حساب نه هو
مليو هو ذري گهٽ مٽيءَ سان هو
پر تنهنجي اکين ۾ آب نه هو
حالات کان هار کاڌي پاڻ نيٺ قاصر
ٿيڻو هي سپنو پنهنجو ساڀ نه هو
***
گيت
فراخ جانوري
ھيءَ چٽي چانڊاڻِ،
آءٌ اســان سان ماڻِ،
ھير ھندورا راتڙيون!
انب انب تي ڏس ٻُورُ آ،
چيــــٽُ ڦٽـــو ڀرپور آ،
ھرسو آ ھُڳســـاڻِ،
آءٌ اسان سان ماڻِ،
ھير ھندورا راتڙيون!
مھڪيل ٻھڪيل رنگڙا،
ڄڻ ته گلـــن جا انگڙا،
باک ڀني لالاڻِ،
آءُ اسان سان ماڻِ،
ھير ھندورا راتڙيون!
ھيکل منھجو جيئڙو،
ڄڻ ته ھوا ۾ ڏيئڙو،
ٽمڪي ٿو توڪاڻِ،
آءُ اسان سان ماڻِ،
ھير ھندورا راتڙيون!
***
هجي هان…
مونيڪا فلواني
ويٺي آھيان لکڻ نئون ڪجھ،
ڪاش پاسي ۾ تون ھجي ھان
قلم ڏنو ساٿ منھنجو،
تون ب ٿورو ساٿ ڏيئن ھان
زماني جي پرواه ڪونه هئي،
جي تون ماڻھن کان نه ڊڄي ھان
مان ته ھر پل تو سان ھيس،
ڪاش تون بيوفا نه ھجي ھان
دل ۾ درد اڄ به آھي،
گل نه سھي، خار بڻجي ئي گڏ رھي ھان
***
غزل
ممتاز علي ٿرواسي
ســـــکي تون سنڀارون کڻي هلي آ
نيون ڪـــــــي نهارون کڻي هلي آ
سنيها نياپا ســلام ســــــــوکڙيون
سِــــــــگهو وڃ اُڏارون کڻي هلي آ
ستارا ســــــراندي ڪري سُتــي هُو
چــــــــــمي چنڊ الارون کڻي هلي آ
جـــــهلي واٽ ويهي پرين پڇان ٿو
بــــــــــهانان ميارون کڻي هلي آ
خـزان آ نگر نيهن تــــــــي ٿئي هت
بدن جــــــــــون بهارون کڻي هلي آ
پسينون اُگهــي مهڪ سان هوا تون
پرين جــــــون پچارون کڻي هلي آ
***
نثري نظم
رابعه نور
اسان کي ته ڏکن ڄڻيو،
ڏکن سان کيڏندا رھياسين،
ڏکن سان وڏا ٿياسين،
ڏکن سان پرڻايو ويو،
ڏکن کي ڄڻيوسين،
ڏک پالي وڏا ڪيا ۽
ڏکن جي ئي خدمت ڪندا رھياسين
اسان جي زندگي جي واحد وڏي خوشي موت آھي
اسان مان جيڪو مريو،
اسان ظاھر ۾ ته ڏک ڪيوسين،
رناسين پر پنھنجي ڏکن لاءِ رناسين
پر اندر ۾ خوش ھياسين
ته موت پنھنجو ڪيس،
اسان وٽ ڪڏھن ڪڏھن
موت اچڻ ۾ دير ڪندو آھي
ته اسان پاڻ ان کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا آھيون.
(ٿر ۾ميگھواڙ، ڪولھين ۾ وڌندڙ خودڪشين جي پسمنظر ۾ لکيل)
***