هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن تيز قدمي سان زندگي ڊگهي ٿي سگهي ٿي
جيتوڻيڪ پنڌ هلڻ، تيز قدمي ۽ جاگنگ جا ڪيترائي فائدا سامهون اچي چڪا آهن ۽ ان کي بهترين دوا پڻ قرار ڏنو وڃي ٿو، پر هاڻ معلوم ٿيو آهي ته هفتي ۾ ڪجهه ڏينهن به تيز قدمي اختيار ڪئي وڃي ته ان سان زندگي وڌندي ۽ وقت کان اڳ موت جو خطرو ٽري سگهي ٿو. 1964 ۾ ٽوڪيو اولمپڪس مان اها ڳالهه سامهون آئي ته روزانو 10000 قدم هلڻ هڪ جادوئي عدد آهي جنهن جا بدن ۽ دماغ تي گهرا مثبت اثر پون ٿا، پر اهو رقبو 8 ڪلوميٽر ٺهي ٿو جيڪو هر هڪ لاءِ ممڪن ناهي. ان کانپوءِ جامعه ميساچيوسيٽس 2022 جي هڪ مطالعي ۾ چيو ته روزانو 7000 تيز قدم هلڻ سان به ساڳيا فائدا ملي سگهن ٿا، اهڙي ريت روزانو معمول موجب ايترا قدم هلڻ وارن ۾ وقت کان پهرين موت جو 50 کان 70 سيڪڙو گهٽ ٿي سگهي ٿو.