سڀني کي گڏجي عورتن خلاف ڏوهن کي روڪڻو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني کي گڏجي عورتن خلاف ڏوهن کي روڪڻو آهي، عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سلامتي ڪائونسل ۾ عورت، امن ۽ سيڪيورٽي بابت مباحثي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته بين الاقوامي جنگين ۾ شهري نشانو بڻجي رهيا آهن، عورتون جنگين کان سڌيءَ ۽ اڻ سڌيءَ ريت متاثر ٿين پيون. هن جو چوڻ هو ته عراق، يوڪرين ۽ افغانستان ۾ عورتون متاثر ٿي رهيون آهن، افغانستان ۾عورتن جي تعليم ۽ تحفظ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.